Sunday 26 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (26th February) By: Dr. Pathan


**1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز ڪمانڊر بالميئر تي حملو ڪري ڏنو، 
جنهن تي مير نور محمد ٽالپر انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل
 پوٽينجر سان سخت احتجاج ڪيو، جڏهن ته ڪڇ واري سرحد تي
 کوسن ۽ ٻين باغي قبيلن جي ماڻهن کي انگريزن تي حملن کان روڪڻ لاءِ انگريزن جي مدد ڪئي.
** 1901ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ بسنت لاج جو قيام عمل ۾ آندو ويو، 
اها عمارت بسنت هال جي نالي سان مشهور ٿي، جنهن ۾ وڏي لائبريري 
۽ گيسٽ هائوس ٺاهيا ويا، خوبچند ميوارام انهيءَ بسنت هال جو پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انجمن علماءِ سنڌ عوام کي اپيل 
جاري ڪئي ته انهن ماڻهن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي، جيڪي برٽش 
حڪومت جا حامي آهن ۽ ترڪي کي شڪست ڏيڻ تي ملهائجندڙ
 جشن ۾ شامل ٿي رهيا آهن، اهڙن ماڻهن کان لاتعلقي ظاهر ڪئي وڃي، 
جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي پراڻي سکر جي علائقي ۾ هڪ ادبي پروگرام ٿيو،
 سنتن اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي طرفان اسٽيج ڊرامو ڪرايو ويو، 
جنهن مان حاصل ٿيل آمدني 1150 رپيا سماجي تنظيم نسامل رياتمل
 ڪلب کي چندي ۾ ڏني وئي.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ صوبائي خلافت
 ڪاميٽي جي جنرل باڊي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته
 سنڌ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ اسڪولن لاءِ چندو گڏ
 ڪرڻ بابت فيصلا ڪيا ويندا.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٽائونٽن جي صدارت
 ۾ امن سڀا ڳڙهي ياسين جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ راءِ بهادر ڀائي گوڪل سنگهه،
 ڀائي لال سنگهه ۽ ٻين تقريرون ڪري عوام کي صلاح ڏني ته اهي حڪومت
 مخالف تحريڪ ۾ شامل نه ٿين.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي الهه بخش سومرو جي حڪومت خلاف سنڌ
 اسيمبلي ۾ پيش ٿيل عدم اعتماد جي رٿ هڪ ووٽ جي فرق سان ناڪام ٿي وئي، 
ايوان ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي ته حمايت ۽ مخالفت ۾ برابر ووٽ اچي ويا، 
جنهن بعد اسپيڪر جي هڪ ووٽ سان اها رٿ ناڪام وئي، اسپيڪر 
الهه بخش سومري جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان آخرڪار حڪومت 
ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، هن اقتدار آرمي چيف جنرل يحيٰ خان کي منتقل
 ڪيو، جنهن اچڻ سان ئي ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏي، اسيمبلين 
کي برطرف ڪيو ويو، جڏهن ته سمورين سياسي پارٽين جي سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي.


No comments:

Post a Comment