Thursday 16 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th February) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ميجر آئوٽرام سرچارلس
 نيپيئر کي خط لکي آگاهي ڏني ته حيدرآباد جا حڪمران مياڻي
 واري شڪارگاهه ڏانهن وڃي رهيا آهن، جتي شڪ آهي ته وڏي
 انگ ۾ لشڪر گڏ ڪيو ويو آهي، مياڻي جو علائقو جهنگ وارو علائقو آهي،
 ان ڪري اتي سڌي ريت حملو نٿو ڪري سگهجي، اسان کي اجازت
 ڏيو ته سڀاڻي صبح جو سوير سنڌو درياءَ ذريعي ٻيڙين ۾ وڃون ۽
 شڪارگاهن کي باهه ڏيون، اسان ان لاءِ شام تائين تياري ڪري
 سگهون ٿا، جيڪڏهن هن پلان تي عمل ڪيوسين ته صبح جو
 شڪارگاهه ۾ حيدرآباد جي حڪمرانن کي سوگهو ڪري وٺنداسين، 
واضح رهي ته مياڻي ۾ انگريزن سان جنگ ٿي هئي، جنهن ۾ هوش
 محمد شيدي سميت ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيا هئا، انگريزن کي فتح
 ۽ سنڌين کي شڪست ٿي هئي، جتي هوشو شيدي مشهور نعرو
 هنيو هو ته ”مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“.
** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان هفتيوار سنڌ مسلم اخبار
 جو آغاز ڪيو ويو، جنهن جو ايڊيٽر شيخ عبدالعزيز محمد هو، 
اها اخبار 1920ع تائين شايع ٿيندي رهي.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ شيخ
 عبدالمجيد سنڌي ايوان جي صدر جو ڌيان ٽائيمز آف انڊيا 
۾ ڇپيل تنقيد ڏانهن ڪرايو، اخبار ۾ ڪائونسل جي ڪارروائي 
تي شديد تنقيد ڪئي وئي هئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي چيو
 ته اهو ٺيڪ ناهي، معاملي جو نوٽيس وٺو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ملڪ ۾ 
ايمرجنسي جي خاتمي جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ مخالف ڌر
 جي اتحاد ايوب خان جي ڳالهين واري آڇ قبول ڪئي،
 اڳواڻن ايوب خان کي تجويز ڏني ته مولانا ڀاشاني، ذوالفقار علي ڀٽو،
 اصغر خان ۽ اعظم خان کي به ڳالهين جي دعوت ڏني وڃي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو نيپ 
سان تعلق رکندڙ بلوچستان جي گورنر غوث بخش بزنجو،
 اين ڊبليو ايف پي جي گورنر ارباب سڪندر خان ۽ بلوچستان 
جي وڏي وزير سردار عطاءُالله مينگل کي هٽائي ڇڏيو، جنهن تي
 اين ڊبليو ايف پي ۾ مفتي محمود جي حڪومت احتجاج طور
 استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ سياسي بحران پيدا ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment