Wednesday 22 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (22nd February) By: Dr. Pathan



** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي صدارت
 ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو
 ڪيو ويو ته پارٽي کي سنڌ ۾ وڌيڪ سرگرم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي عدالت چيف جسٽس محمد منير
 جي سربراهي ۾ مولوي تميز الدين ڪيس ۾ سنڌ چيف ڪورٽ جي
 حڪم خلاف اسٽي جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ چيف ڪورٽ مولوي 
تميز الدين کي دستور ساز اسيمبلي جي صدر واري عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو هو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اگرتلا سازش ڪيس واپس ورتو ويو،
 جنهن ڪري عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان سميت
 33 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ اسلامي سمٽ
 ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ 37 اسلامي ملڪن شرڪت ڪئي، 
جن ۾ 22 ملڪن جا سربراهه خاص طور تي شريڪ ٿيا، ڪانفرنس
 جو افتتاح صدر چوڌري فضل الاهي ڪيو، جڏهن ته صدارت وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا ڪوثر نيازي بينظير
 ڀٽو کي پارٽي چيئرپرسن بڻائڻ واري فيصلي تي سخت تنقيد 
ڪئي، هن جو چوڻ هو ته بينظير ڀٽو انهيءَ عهدي لاءِ اهل ناهي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ اڳوڻي فوجي
 سربراهه مرزا جنرل اسلم بيگ خلاف توهين عدالت ڪيس
 جي ڪارروائي  شروع ڪئي،چيف جسٽس افضل ضله 
رمارڪس ڏيندي چيو ته مرزا اسلم بيگ پريس ڪانفرنس
 جون ڪيسٽون پيش نه ڪري، نه ته ڪيترن ادارن
 جا منهن ڪارا ڪنداسين ۽ اهڙي سزا ڏينداسين جو قبر
 تائين ياد رکندا، ججن تي لڳل الزام صحيح ثابت ٿيا ته
 اسان فوري طور عهدا ڇڏي ڏينداسين پر جيڪڏهن الزام 
ڪوڙا هوندا ته پوءِ ذميوار سزا کان به بچي نه سگهندا.
**1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي وزيراعظم بينظير
 ڀٽو ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي انڪشاف ڪيو 
ته ميرمرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪرڻ جي سازش ايوان صدر
 ۾ تيار ٿي، مون کي هن جي موت جي خبر اسلام آباد ۾ نه پئي،
 ڪراچي آيس ته ٻڌايو ويو، ڪي اهڙا به ماڻهو هئا جن کي فائرنگ شروع ٿيڻ وقت سڀ خبر هئي.

No comments:

Post a Comment