Friday 17 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (18th February) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار چارلس نيپيئر ميرپورخاص 
جي مير شير محمد ٽالپر کي خط لکيو ته توهان جو نائب سيد امام باري
 اوهان جو اهو پيغام کڻي مون وٽ پهتو آهي ته اوهان برٽش حڪومت
 سان دوستي چاهيو ٿا، اسان ان پيغام جو قدر ڪريون ٿا، توهان پنهنجي 
علائقي ۾ اسان سان نه وڙهڻ جي خاطري ڪرائي آهي، هاڻي اهو 
ضروري آهي ته پنهنجا فوجي اڳتي نه اماڻيو، پاڻ کي فوجي دستن 
کان الڳ ڪريو ۽ جيڪڏهن مون کي اها خبر پئي ته
 توهان لشڪر گڏ ڪيو آهي ته آئون حملو ڪري ڏيندس.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سائين جي ايم سيد ڳوٺ سڌار پروگرام شروع
 ڪري ڇڏيو، جنهن جو مقصد تعليم جي شرح کي وڌائڻ،
 مقامي هنرن کي هٿي ڏيڻ،  شام وارا اسڪول کولڻ، 
معاشي ۽ سماجي بهتري لاءِ قدم کڻڻ هو.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هالا جي ڳوٺ ڪرم نظاماڻي ۾ سنڌ
 آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي، جنهن جو صدر مولوي خير محمد کي بڻايو ويو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تعليم جي وزير مولانا ابو الڪلام آزاد تعليمي
 پاليسي جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته نيشنل ميوزيم 
قائم ڪيو ويندو، جڏهن ته قديم ماڳن تي تحقيق ۽ انهن جي ترقي لاءِ فنڊ رکڻ جو اعلان به ڪيو ويو.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي يوسف هارون سنڌ جي وڏي وزير طور عهدو سنڀالي ورتو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ 
مجيب الرحمان حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ هلندڙ ڳالهين ۾ شرڪت
 کان انڪار ڪيو، ان وقت ڍاڪا، ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين 
شهرن ۾ پرتشدد احتجاج شروع ٿي ويا هئا.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءَ الحق تي اهو دٻاءُ وڌايو
 ويو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي آزاد ڪيو وڃي جنهن تي ضياءَ دٻاءُ 
وجهندڙ حلقن کي اهو جواب ڏنو ته هو ملٽري ڪائونسل ۽ پنهنجي ڪابينا سان مشاورت ڪندو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آءِ جي آءِ صدارتي چونڊن
 بابت ٻن گروپن ۾ ورهائجي وئي، چئن ميمبرن صدر اسحاق
 خان جي حمايت ڪري ڇڏي. نواز شريف غلام 
اسحاق خان سان ملاقاتون ڪندڙ اڳواڻن جي فهرست گهري ورتي.

No comments:

Post a Comment