Thursday 9 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (10th February) By: Dr. Pathan


** 1924ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ سنڌ جي ناليوارن مسلمان سياستدانن
 جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مسلم ليگ کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، 
اها گڏجاڻي ڊاڪٽر شيخ نور محمد جي رهائشگاهه تي ٿي هئي ۽ ان
 لاءِ سنڌ مسلم ليگ جي اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالمجيد ڪوششون 
ورتيون هيون، گڏجاڻي ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون کي مسلم ليگ
 جي ايڊهاڪ ڪاميٽي جو صدر، محمد ڪامل شاهه کي نائب صدر، 
ڊاڪٽر شيخ نور محمد کي سيڪريٽري ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 
کي خزانچي چونڊيو ويو، جڏهن ته شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد ايوب کهڙو، 
سر شاهنواز ڀٽو، حڪيم شمس الدين، پير تراب علي شاهه، 
علي انور شاهه، عبدالحميد، عبدالجبار، سيٺ طيب علي،
 ڊاڪٽر غلام حسين، مير الهه بخش ٽالپر، حاجي مير محمد بلوچ،
 پير غلام مجدد، ميران محمد شاهه، مير ايوب خان، محمد خان 
۽ پير الاهي بخش کي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي جو جنرل باڊي 
اجلاس ٿيو جنهن ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا ۽ مولانا محمد علي 
جوهر جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، نون عهديدارن ۾ 
مير محمد بلوچ صدر، مير الهه بخش نائب صدر، شيخ عبدالمجيد
 سنڌي سيڪريٽري، مولانا وفائي جوائنٽ سيڪريٽري 
۽ مولوي محمد عثمان خزانچي شامل هئا.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گهرو وزير ميجر جنرل اسڪندر
مرزا اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت دستور ساز اسيمبلي جي اسپيڪر 
مولوي تميز الدين جي حمايت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڏنل فيصلي 
خلاف وفاقي عدالت ۾ اپيل ڪندي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي اڳواڻ نوابزاده نصرالله 
خان سرڪار ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان صدر ايوب خان سان ملاقات ڪئي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لنڊن جي هوائي اڏي تي افغان
 فضائي ڪمپني آريانا جي جهاز جي هائيجيڪنگ جو ڊراپ
 سين ٿي ويو،ا 19 فغان هاءِ جيڪرن پاڻ کي برطانوي
 پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 74مسافرن برطانوي
 سرڪار کي سياسي پناهه جي درخواست ڏني، هاءِ جيڪرن 
پهرين مرحلي ۾ 85 ۽ پوءِ 65 مسافرن کي آزاد ڪيو، 
جڏهن ته طالبان اڳواڻ ملا عمر برطانيا کان مطالبو ڪيو
 ته جهاز کي مسافرن سميت واپس ڪيو وڃي.هاءِ جيڪرن خلاف ڪارروائي ڪنداسين.

No comments:

Post a Comment