Thursday 23 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (2th February) By: Dr. Pathan


** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هڪ اين جي او طرفان منعقد
 ڪرايل ليڪچر پروگرام ۾ ايڊووڪيٽ کيمچند گوپلداس ”ليڊر گهرجي“
 جي عنوان تي تفصيلي ليڪچر ڏنو، واضح رهي ته اهو دور سنڌ ۾ سياسي
 سجاڳي جو دور هو، ماڻهن پنهنجي قيادت ڳولڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون هيون.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان هفتيوار اخبار ”سنڌ زميندار“ 
جي شروعات ٿي، اها اخبار ڪڍڻ جو مقصد خلافت تحريڪ جي سياسي
 اثر کي نقصان پهچائڻ هو، روزاني ”الوحيد“ ۾ خلافت تحريڪ جي حوالي 
سان مواد ڇپجي رهيو هو، جنهن کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ اها اخبار آندي وئي،
 آخري ڏينهن ۾ سنڌ زميندار مسلم ليگ جي حمايت ڪئي، هفتيوار سنڌ زميندار 
جا باني ايڊيٽر ماسٽر عبدالوهاب ۽ احمد عليگ هئا، جڏهن ته آغا نظر علي،
 مولوي عبدالغفور سيتائي، در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي هن اخبار جا ايڊيٽر رهيا.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جوهي تعلقي جي ڳوٺ ڊرگهه بالا ۾ 
خلافت ڪاميٽي جي مقامي شاخ جي گڏجاڻي ٿي، مولوي دين محمد ۽ ٻين ان 
موقعي تي خطاب ڪندي عوام کي صلاح ڏني ته سياست ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو وڃي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان، ترڪي ۽ ايران بغداد ٺاهه تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته ملڪ 
جي گادي جو نئون هنڌ اسلام آباد هوندو، واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ ڪراچي
 کي ملڪ جو گادي جو هنڌ بڻايو ويو هو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان
 پنهنجي پيش ڪيل ڇهن نقطن تي نظرثاني کان انڪار ڪري ڇڏيو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عدالت ذوالفقار علي ڀٽو جي اپيل جي ٻڌڻي
 شروع ڪئي، يحيٰ بختيار عدالت کي اها استدعا ڪئي ته ذوالفقار 
علي ڀٽو خلاف نواب محمد احمد قصوري ڪيس ۾ آيل فيصلو تڪراري 
آهي، ان ڪري سزا ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي شهزادي چارلس ۽ ليڊي ڊائنا جي 
شادي جو باضابطا اعلان ڪيو ويو، بڪنگهم پئلس ٻنهي جي مڱڻي ٿيڻ
 جي تصديق ڪري ڇڏي، واضح رهي ته بعد ۾ 29 جولاءِ تي ٻنهي جي
 شادي ٿي ۽ برطانيا ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو.
** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق آرمي چيف جو عهدو
 ڇڏڻ ۽ ملڪ ۾ وچ مدي واريون چونڊون ڪرائڻ وارو سياسي پارٽين جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment