Wednesday 22 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd February) By: Dr. Pathan



** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ايس ايس تولاڻي
 جو خانگي بل پيش ڪيو ويو، جيڪو سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽس ايڪٽ ۾ 
ترميم جو بل هو، سنڌ جي سڀني ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي،
 بل ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته آخري اپيل جو اختيار ڪمشنر کان واپس وٺي
 ڊسٽرڪٽ جج کي ڏنو ويندو، سر غلام حسين هدايت الله پڻ انهيءَ بل جي سخت مخالفت ڪئي.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا اينٽي ڪميونل ايوارڊ
 ڪانفرنس نئين دهلي ۾ شروع ٿي، سنڌ مان لالچند نول راءِ ۽ ڀائي 
پرمانند شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ڪميونل ايوارڊ ۽ انڊيا بل
 کي رد ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي هندستان ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر الهه بخش سومرو جي
 ڪابينا ۾ شامل ٻن وزيرن نچلداس ۽ ڏيئل مل استعيفائون پيش ڪري ڇڏيون.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد علي جناح ڪراچي ۾ اهو
 اعلان ڪيو ته مسلم ليگ پاڪستان جي معاملي تي پنهنجي
 موقف کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندي، هندستان ۾ 10 ڪروڙن
 کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا ۽ اتي انهن جي قربانين کي
 نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ان ڪري اسان جو مطالبو آهي ته
 مسلمانن لاءِ الگ پاڪستان رياست قائم ڪئي وڃي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستاني پارليامينٽ جو پهريون 
اجلاس ڪراچي ۾ شروع ٿيو، جنهن جي صدارت 
گورنر جنرل قائداعظم محمد علي جناح ڪئي، اجلاس
 ۾ مولوي تميز الدين کي پارليامينٽ جو نائب صدر چونڊيو ويو،
 ايوان ۾ مهاتما گانڌي جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ 
مجيب الرحمان ڍاڪا ۾ اٽڪل 50 لک ماڻهن جي وڏي ميڙ کي
 خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته ون يونٽ واري معاملي
 تي ريفرنڊم ڪرايو وڃي ۽ سڌي ريت خودمختيار پارليامينٽ جي چونڊ ڪئي وڃي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو صدر 
ايوب خان طرفان مليل هلال پاڪستان جو اعزاز احتجاج طور واپس ڪري ڇڏيو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي غلام مصطفيٰ جتوئي بينظير
 ڀٽو کي پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن بڻائڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي.
** 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ويسٽ واري 
علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو ۽ فوج ڪنٽرول سنڀالي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

No comments:

Post a Comment