Monday 13 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (14th February) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ ميجر آئوٽرام مي
ر شهداد خان ٽالپر کي خط لکيو ته اوهان جو منشي ميٺارام دوستيءَ 
وارو پيغام کڻي اسان وٽ پهتو آهي، جنهن ۾ اوهان چيو آهي ته اسان
 جا دوست آهيو ۽ اسان جي علائقي ۾ رهي اسان جو تحفظ ڪري
 سگهو ٿا، ميجر آئوٽرام موجب مير شهداد خان پيغام ۾ اهو به چيو
 ته انهن جو هڪ به ماڻهو انگريزن خلاف مهم ۾ حصو نه وٺندو، 
جيڪڏهن ائين ٿئي ته توهان فيصلي ۾ بااختيار هوندا.
** 1926ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سياستدانن جي ڪانفرنس ٿي،
 جنهن جي صدارت ڊاڪٽر ايني بسنت ڪئي، ڪانفرنس ۾ سڀني
 ڪامن ويلٿ آف انڊيا بل جي حمايت ڪئي، جيڪو اسيمبلي ۾ ايني بسنت طرفان پيش ڪيو ويو هو.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حاجي مير محمد بلوچ بمبئي 
ليجسليٽو اسيمبلي ۾ رٿ پيش ڪئي ته ڪراچي ۽ احمد آباد ۾ 
شراب خانا کولڻ جي حوالي سان سرڪار جي پاليسي بيان
 ڪئي وڃي ۽ ان تي بحث جي اجازت ڏني وڃي، اسيمبلي
 جي اسپيڪر انهيءَ رٿ کي منظور نه ڪيو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي، 
اپوزيشن طرفان جلوس به ڪڍيا ويا ۽ مطالبو ڪيو ويو ته انهن جي 
اٺن نقطن کي تسليم ڪيو وڃي، جلوسن دوران چڪريون به ٿيون،
 ڪراچي ۽ لاهور ۾ 2-2 ڄڻا مارجي ويا.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سينٽرل 
ڪاميٽي مطالبو ڪيو ته شيخ مجيب الرحمان طرفان پيش ڪيل 6 
نقطا ۽ شاگردن واري ڪائونسل جا 11 نقطا نئين آئين ۾شامل
 ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل مخالف ڌر جي اڳواڻن
 مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ 
دوران وڌيڪ 11 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
**2005ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لبنان جي اڳوڻي وزيراعظم
 رفيق الحريري کي ويسٽ بيروت واري علائقي ۾ قتل ڪيو ويو.
 ڌماڪن جي نتيجي ۾ رفيق الحريري کان علاوه 11 ٻيا ماڻهو به 
مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. دهشتگردن ڪار 
۾ بم لڳائي ڇڏيو هو، رموٽ ڪنٽرول ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو.
 رفيق الحريري وزيراعظم جي عهدي تان استعيفا ڏئي 
اپوزيشن جماعتن سان اتحاد ۾ شامل ٿي ويو هو.

No comments:

Post a Comment