Tuesday 28 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (1stMarch) By: Dr. Patha


**1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي انگريز حڪومت ڪنڌڪوٽ ۾ پوسٽ 
آفيس کولڻ جو فيصلو ڪيو پر خيرپور رياست جي حڪومت ان تي اعتراض واريا،
 جنهن کانپوءِ ڪمشنر سنڌ خيرپور ۾ مقرر ريزيڊنٽ کي حڪم جاري ڪيو ته
 هو خيرپور جي حڪمران کي اعتماد ۾ وٺي، پوسٽ آفيس جي قيام سان سنڌ کي فائدو ٿيندو.
** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميهڙ جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڊسٽرڪٽ 
لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جي انتظاميا کي درخواست ڪئي ته گاجي کهاوڙ
 ۾ اسڪولن جا ڪلاس روم ٺهرائي ڏنا وڃن، واضح رهي ته گاجي
 کهاوڙ ۾ موجود پرائمري اسڪول ۾ ڪلاسن جي عمارت ٺهيل نه هئي،
 جنهن ڪري ٻارڙا وڻ جي ڇانو ۾ ويهي تعليم پرائي رهيا هئا.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي  انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۾ 
سنڌي ميمبر لالچند نول راءِ مطالبو ڪيو ته فلم انڊسٽري
 سان لاڳاپيل سامان تي امپورٽ ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي پر ان تجويز جي مخالفت ڪئي وئي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جو پهريون سڪو ۽ ڪرنسي مارڪيٽ ۾ اچي وئي.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت ايٽامڪ انرجي
 ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڊو بئراج جو افتتاح ڪيو ويو.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق جنرل ٽڪا خان
جي جاءِ تي آرمي چيف جو عهدو سنڀالي ورتو.


No comments:

Post a Comment