Saturday 25 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (25th February) By: Dr. Pathan

** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي سنڌ 
۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي رپورٽ 
موڪلي ته افغاني بادشاهه شاهه شجاع الملڪ حيدرآباد پهتو آهي،
 جنهن تي ٽالپر حڪمرانن پنهنجو ردعمل پڻ ظاهر ڪيو آهي.اهي
 شجاع الملڪ جي اچڻ تي ايترا خوش ناهن.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪيپٽن پريڊي ۽
 ڪرنل بليو جي هدايتن تي سيٺ نائومل سردار صاحب خان ڇٽو 
سان رابطو ڪيو ته جيئن انگريزن جي مال ملڪيت جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي انگريز سرڪار خيرپور
 رياست ۾ پنهنجي عملدارن جي رهائش لاءِ برٽش ريزيڊنسي منصوبي
 لاءِ 1500 رپيا منظور ڪيا.
** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور جي هزهائنس مير علي مراد خان
 ٽالپر بابت معاملي جي جاچ لاءِ انگريز حڪومت سنڌ جي ڪمشنر، ا
پر سنڌ فرنٽيئر جي پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ ميجر جيڪب ۽ ڪاٺياواڙ جي
 پوليٽيڪل ايجنٽ ميجر لينگ تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، مير علي
 مراد تي اهو ڪوڙو الزام لڳايو ويو هو ته هن معاهدي ۾ پنهنجي 
طرفان ڪيتريون ئي تبديليون ڪري ڇڏيون آهن.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ سنڌ نيشنل بئنڪ جو
 قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جي شروعاتي سيڙپ 10 لک رپيا هئي،
 بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ ڀائي سوڀراج جهمٽ مل، مکي
 گوبندرام پريتمداس، ڀائي گوبندرام هسارام، مکي بيگو مل 
هوتچند، ڀائي هسو مل چيلارام، ڀائي ڪدومل بصرمل، 
ٻولچند چنديرام واسواڻي، ڀائي جئرام داس گرداسمل، هوتچند 
گوپلداس ۽ تهليرام بصرمل شامل هئا.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڊيموڪريٽڪ
 ڪوليشن پارٽي جي ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي سر
 غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ
 ليجسليٽو اسيمبلي جي 11 ميمبرن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي 
۾ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وئي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح
 اقليتن جي حوالي سان خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رهندڙ 
سڀني شهرين کي برابر حق ملندا، اقليتن سان پڻ ٻين شهرين وانگر ورتاءُ ڪيو ويندو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو ويسٽ پاڪستان
 جي ايم اين ايز کي ايسٽ پاڪستان جي شهر ڍاڪا ۾ 3 مارچ تي
 اسيمبلي جي سڏايل اجلاس ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، هن چيو ته اجلاس ملتوي ڪيو ويندو.

No comments:

Post a Comment