Saturday 11 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (12th February) By: Dr. Pathan


** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ جمعيت علماءَ جي
 اليڪشن ٿي، جنهن ۾ قاضي فتح علي شاهبندري، مولوي فتح علي سجاولي صدر
 ۽ نائب صدر چونڊيا ويا، جڏهن ته ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ ۾ مولوي قاضي محمد،
 مولوي محمد عثمان، مولوي محمد اشرف ۽ مولوي محمد حسين صديقي شامل هئا.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستاني سرڪار انڊين ڪرمنل لا
 ترميمي ايڪٽ 1908ع تحت حيدرآباد ضلعي جي ڪانگريس ڪاميٽي
 کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين تنظيمن تي پڻ پابندي هنئي وئي.
** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ لطيف ڏهاڙو ملهايو ويو،
 ان حوالي سان تعليم واري وزير شيخ عبدالمجيد سنڌي تقريب جو افتتاح ڪيو، 
جڏهن ته صدارت ناليواري اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي ڪئي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل آف پاڪستان خواجه ناظم الدين 
ڪوٽڙي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي  عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب 
الرحمان ڪراچي ۾ پنهنجن 6 نقطن جو اعلان ڪيو. جنهن ۾ پهريون
 نقطو اهو هو ته پاڪستان جو آئين 1940ع جي قرارداد مطابق 
ٺاهيو وڃي، ٻيو ته ايسٽ ۽ ويسٽ پاڪستان لاءِ ڌار ڌار ڪرنسي رکي وڃي، 
ٽيون نقطو هو ته وفاق وٽ رڳو دفاع ۽ پرڏيهي معاملا رکيا وڃن،
 باقي سڀ اختيار صوبن کي منتقل ڪيا وڃن. چوٿين نقطي ۾ چيو ويو
 ته  ٽيڪسن جي اوڳاڙي ۽ انهن جي خرچ جو اختيار صوبن کي ڏنو 
وڃي، پنجون نقطو هو ته پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌيڪ آمدني وارا 
صوبا استعمال ڪن ۽ ڇهون نقطو هو ته هر صوبو پنهنجي ڌار پيرا
 ملٽري فورس ٺاهڻ جو اختيار رکي.
**1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناروي مان چور دنيا جي مشهور ترين
 پينٽنگ چوري ڪري ويا، اوسلو جي آرٽ گيلري ۾ موجود اها پينٽنگ 
واپس ڪرڻ لاءِ آرٽ گيلري جي انتظاميا کان 10 لک  ڊالر ڀنگ طلب
 ڪيو ويو. اها پينٽنگ ناروي جي ثقافت کي ظاهر ڪري رهي هئي.

No comments:

Post a Comment