Tuesday 7 February 2017


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر دولتپور صفن مان ميجر
 اوٽرام کي خط لکيو ته مون امام ڳڙهه قلعي کي بارود سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي،
 جنهن تي هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلن برو مون کي چيو
 آهي ته اهو سٺو ڪم ڪيو اٿئي، نه ته وڏي خونريزي ٿئي ها، 
 چارلس نيپيئر ميجر اوٽرام کي  اهو به ٻڌايو ته هو  روهڙي 
۽ پنجاب جي علائقي ڀونگ ڀرا وچ ۾ موجود زمين تي ڪم ڪري 
رهيو آهي ته جيئن اها زمين طاقت جي زور تي حاصل ڪري 
سگهجي ۽ مون کي اميد آهي ته مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندس، منهنجي ويڙهه جاري آهي.
** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ڪليڪٽر سنڌ جي
 ڪمشنر کي هڪ ميمو فارورڊ ڪيو، جيڪو سيٺ نائون مل جي
 خدمتن جي حوالي سان هو، سيٺ نائومل کي انگريزن ڪراچي 
جو هيڊ ڪاردار مقرر ڪيو هو، ڪيپٽن پريڊي طرفان تيار ڪيل
 ميمو ۾ سرڪارکي سفارش ڪئي وئي هئي ته سرڪار لاءِ ڪم 
ڪرڻ تي نائون مل کي اعزاز سان نوازيو وڃي.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ ٿيل ليڪچر
 پروگرام ۾ ڊاڪٽر جي ٽي رينچ عورتن کي صلاح ڏني ته انهن کي سياست ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ خلافت ڪانفرنس جي
 ٻئي ڏينهن تي پڻ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ مقررن 
خطاب ڪندي انگريزن خلاف هلندڙ تحريڪ وڌيڪ تيز ڪرڻ تي زور ڏنو.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بدين ۾ حزب الله جماعت جي 51 
ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن بدين ۾ به بک هڙتال شروع ڪئي هئي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت صوبي ۾ جاگيرداري نظام 
جي خاتمي جو اعلان ڪيو، اٽڪل 10 لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين 
۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر انهيءَ فيصلي تي ان جي روح مطابق
 عمل نه ٿيڻ سبب اهي زمينون بي زمين هارين ۾ ورهائجي نه سگهيون.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل مخالف ڌر جي اتحاد سي او پي
 (ڪمبائينڊ اپوزيشن پارٽيز) فيصلو ڪيو ته ڪراچي ۾ معصوم ماڻهن 
جي قتل خلاف صوبي ۾ احتجاج جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، واضح
 رهي ته 1990ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت خلاف تحريڪ جو
 جواز ڳولڻ لاءِ ڪراچي رتوڇاڻ کي چونڊيو ويو.

No comments:

Post a Comment