Sunday 12 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (13th February) By: Dr. Pathan


** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو کي
 لاڙڪاڻي ۾ نظربند ڪيو ويو، هن ايمرجنسي خلاف بک هڙتال شروع ڪئي هئي،
 اصغر خان ساڻس ڳالهين لاءِ لاڙڪاڻي پهتو ۽ اٽڪل 5 ڪلاڪن تائين
 ملاقات ڪئي، جنهن جو ڪوبه نتيجو نه نڪتو، ذوالفقار علي ڀٽو جو 
مطالبو هو ته ملڪ ۾ ايمرجنسي قبول نه ڪئي ويندي، اها فوري طور 
هٽائي وڃي، هن صدر ايوب خان جي حڪومت خلاف احتجاج شروع
 ڪري ڏنو هو. جنهن تي کيس مختلف سياسي اڳواڻن طرفان حمايت جو يقين ڏياريو ويو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جو آئين تيار ڪرڻ لاءِ قومي
 اسيمبلي جو اجلاس 3 مارچ تي ڍاڪا ۾ طلب ڪيو ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اليڪشن ڪميشن جماعت اسلامي جي 
اڳواڻ مولانا جان محمد عباسي جي ذوالفقار علي ڀٽو جي بنا مقابلي ڪاميابي 
خلاف درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، مولانا عباسي الزام هنيو هو ته ڀٽو
 کيس لاڙڪاڻي ۾ ڌمڪائي ۽ اغوا ڪرائي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو،
 اليڪشن ڪميشن چيو ته درخواست ۾ مولانا جان محمد عباسي جي اغوا بابت ٺوس ثبوت نه ڏنا ويا آهن.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسلام آباد ۾ سلمان رشدي جي
 ڪتاب خلاف احتجاج دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪرين دوران
 پوليس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
** 1991ع ۾ آمريڪا جي جنگي جهازن عراق جي گادي واري شهر بغداد
 تي بمباري شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ سوين شهري مارجي ويا ۽ هزارين 
زخمي ٿيا، عراقي صدر صدام حسين جو چوڻ هو ته آمريڪا جو اهو انسانيت
 کان ڪريل عمل آهي، مارجي ويلن ۾ 130 ٻارڙا به شامل هئا، آمريڪا صدام
 حسين کي وڌيڪ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون. پر صدام حسين آمريڪا جو مقابلو ڪرڻ ۽ حملن جو جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي
 اعتراف ڪيو ته هن سکن جي معاملي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڀارتي
 وزيراعظم راجيو گانڌي جي مدد ڪئي هئي.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شروع 
ٿيل هنگامن ۾ 11 شهري مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پوليس امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪارروايون به شروع ڪري ڇڏيون.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سانگهڙ مان گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا.
 واضح رهي ته هن وقت سانگهڙ ضلعي مان تيل ۽ گئس جا ڪيترائي
 ذخيرا دريافت ٿي چڪا آهن ۽ اهي ملڪي پيداوار ۾ پنهنجو حصو ڏين ٿا

No comments:

Post a Comment