Sunday 26 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (27th February) By: Dr. Pathan


** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ ۾ ريلوي جي پٽڙي 
وڇائڻ ۽ ٻيڙي سروس تي ڪم شروع ڪري ڏنو، سنڌ جي ڪمشنر
 کي چيو ويو ته هو سنڌو درياءَ ۾ فيري سروس هلائڻ جي حوالي سان قدم کڻي.
** 1884ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان نڪرندڙ اخبار
 ”سنڌ گزيٽ“ جنهن جو نالو بعد ۾ روزاني گزيٽ رکيو ويو،
 ان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ بمبئي حڪومت جي سنڌ جي ترقياتي 
رٿائن خاص طور تي پورٽ، اسٽيم ٽرام وي بابت بيحسي واري
 رويي جي مذمت ڪئي، اهڙي تنقيد کانپوءِ آهستي آهستي اها 
راءِ قائم ٿي ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ٿيڻ گهرجي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي سوشل سروس ليگ نالي
 جماعت جي مئنيجنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ 
اهو فيصلو ڪيو ويو ته تعليم کاتي جي اختيارين کي ٺهراءُ موڪليو
 ويندو ته سنڌي ٻولي کي بي اي ۽ ايم اي جي امتحانن ۾ ٻيو
 نمبر ٻولي طور لاڳو ڪيو وڃي، جيئن گجراتي،
 مراٺي ۽ ٻين ٻولين کي لاڳو ڪيو ويو آهي.
** 1944ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي سڌار سوسائٽي
 ۽ بزم مشاعره طرفان ادبي تقريب ۽ مشاعرو ڪرايو ويو،
 جنهن جي صدارت مولانا علي انور ڪئي،
 هن ادبي پروگرام ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اينٽي قادياني موومينٽ جي
 ايڪشن ڪاميٽي جي 11 ميمبرن مطالبو ڪيو ته سر 
ظفرالله خان کي وزارت مان هٽايو وڃي.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان 
جي ڪنوينشن مسلم ليگ کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، 
هن هڪ نئين عوامي پارٽي ٺاهڻ تي غور ويچار ڪيو،
 جنهن کانپوءِ هن اڳتي هلي پاڪستان پيپلزپارٽي جو قيام عمل ۾ آندو.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو افغانستان 
جي حوالي سان چيو ته اتان جي نگران حڪومت کي تسليم ڪرڻ
 جو معاملو وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي، ان معاملي تي اڳتي هلي غور ڪيو ويندو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چين پاڪستان کي ايٽمي پاور
 پلانٽ فراهم ڪرڻ جي تصديق ڪئي.


No comments:

Post a Comment