Monday 20 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (21st February) By: Dr. Pathan


** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين ليجسليٽو اسيمبلي جي اجلاس
 ۾ لاڙڪاڻي مان چونڊيل ميمبر لالچند نول راءِ ريلوي بورڊ خلاف
 ميمبر مترا جي رٿ جي حمايت ڪئي.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان ساڌو ڪالاڻي جي ايڊيٽر شپ ۾ 
هفتيوار اخبار ”سنڌ واسي“ جي شروعات ٿي وئي.
** 1935ع ۾اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي
 گڏجاڻي نبي بخش خان ڀٽو جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ محمد صديق وڳڻ،
 قادر بخش تنيو، الهداد تنيو، پير بخش کهاوڙ، فقير محمد انڙ، عبدالهادي 
ٻگهيو، پرڀداس تولاڻي، احمد خان ڀٽو، فريدالدين جتوئي، حسن علي اسراڻ، 
علي گوهر لاهوري، گوگلداس ۽ عبدالحق ڀٽو شرڪت ڪئي،
 گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سر شاهنواز ڀٽو جي
 لاڙڪاڻي آمد جي موقعي تي کيس آجياڻو ڏنو ويندو.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جي
 ڪانگريس ميمبر موهن داس دولترام خانبهادر الهه بخش
 سومرو خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان ۾ احتجاج دوران اٽڪل
 36 شاگرد مارجي ويا، اهو احتجاج بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي جو
 درجو نه ڏيڻ خلاف ڪيو ويو، ايسٽ پاڪستان اسيمبلي بنگالي
 کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو هو پر پوءِ
 به وفاقي حڪومت بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏنو، 
جنهن ڪري پرتشدد احتجاج شروع ٿي ويا.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آئين ساز اسيمبلي اهو فيصلو
 ڪيو ته ڪراچي تيستائين وفاقي گادي وارو شهر برقرار رهندو،
 جيستائين پارليامينٽ ڪو فيصلو نٿي ڪري.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ريڊيو تي قوم
 کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ حصو نه
 وٺندو ۽ اقتدار جي منتقلي جو عمل پرامن نموني مڪمل ڪندو.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم آر ڊي مطالبو ڪيو ته جنرل ضياءُالحق 
فوري طور استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، جڏهن ته ملڪ
 ۾ آمريت خلاف 23 مارچ تي سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال جو سڏ پڻ ڏنو ويو.

No comments:

Post a Comment