Tuesday 14 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th February) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار چارلس نيپيئر هالا پهچڻ 
بعد ميجر آئوٽرام کي خط لکيو ته آئون حيدرآباد طرف اچي رهيو آهيان،
 حيدرآباد جي حڪمرانن سان ٺاهه نه ڪيو ويندو، انهن تي حملو ڪنداسين، 
ڇاڪاڻ ته هاڻي وقت گذري چڪو آهي.
** 1910ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ تاريخي سنڌ مدرسي ۾ حسن علي
 آفندي هائوس جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو ويو، اهو ڪم 1909ع ۾
 عيسيٰ خان نالي ڪانٽريڪٽر شروع ڪيو هو جيڪو هڪ سال اندر مڪمل ڪيو ويو.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ممبئي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس شروع ٿي، 
جنهن جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ڪئي، جڏهن ته ڪانفرنس 
۾ محمد علي جناح، سيٺ حاجي عبدالله هارون، پير رشدالله شاهه،
 حسرت موهاني، مولانا ظفر علي خان، مولانا ابوالڪلام آزاد
 ۽ مولانا عبدالباري فرنگي شرڪت ڪئي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ آزاد پارٽي طرفان شڪارپور،
 ٺل ۽ ڳوٺ مولوي عبدالله لغاري ۾ وڌيڪ برانچون قائم ڪيون ويون،
 شڪارپور ۾ حاجي مولا بخش کي صدر بڻايو ويو، جڏهن ته 
عبدالرحمان سرڪي ۽ مولوي عبدالڪريم صدر ۽ خزانچي چونڊجي ويا،
 ڳوٺ مولوي عبدالله ۾ مولوي محمد حسن کي صدر بڻايو ويو.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جي گڏجاڻي
 ۾ هز هائينس آغا خان نواب سر محمد احمد سعيد خان کي چيئرمين
 ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون کي پارٽي جو سيڪريٽري نامزد ڪيو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جو اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا
 بابت نائب پرڏيهي وزير ٽالبوٽ ڪشمير جي تڪرار کي هڪ
 جذباتي اشو قرار ڏنو، جنهن جي پاڪستان مذمت ڪئي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو، ولي خان،
 مير رسول بخش ٽالپر، اجمل خٽڪ ۽ شيخ اياز کي آزاد ڪيو ويو،
 جڏهن ته لاهور ۾ مخالف ڌر جي ٿيل اجلاس ۾ ايوب خان جي ڳالهين واري آڇ تي غور ڪيو ويو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو
 جي ڦاهي واري سزا تي عمل روڪيندي 24 فيبروري کان اپيل ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو.

No comments:

Post a Comment