Monday 6 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (7th February) By: Dr. Pathan



** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي مڪمل ڪنٽرول ۾ اچي ويو.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مقرر انگريز عملدار ميجر
 آئوٽرام سرچارلس نيپيئر کي سيوهڻ مان آگاهه ڪيو ته سنڌو
 درياءَ جا وهڪرا گهٽجي رهيا آهن، ان ڪري اسان سڄو
 ڏينهن هتي گذاريو آهي، آئون توهان کي ٽالپر حڪمرانن جي
 حيدرآباد آمد بابت پڻ تفصيلن کان آگاهه ڪندو رهندس.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ آزاد پارٽي جي نوابشاهه ۾ شاخ قائم 
ڪئي وئي، آخوند عبدالواحد، رئيس غلام صديق خان ۽
 عبدالخالق ترتيبوار صدر، نائب صدر ۽ خزانچي چونڊيا ويا، 
ان دور ۾ هڪ ٻي پارٽي سنڌ آزاد ڪانفرنس پڻ قائم ٿيل هئي
 جيڪا سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ لاءِ جدوجهد
 ڪري رهي هئي، جڏهن ته سنڌ آزاد پارٽي پڻ ساڳئي
 مقصد تحت جدوجهد شروع ڪئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي 
سنڌ آزاد پارٽي جو باني هو ۽ سنڌ آزاد ڪانفرنس نالي پارٽي 
حيدرآباد ۾ ٿيل آزاد ڪانفرنس جي موقعي تي وجود ۾ آئي، 
جنهن جي صدارت پنجاب جي علامه يوسف علي ڪئي هئي،
 سر شاهنواز ڀٽو سنڌ آزاد ڪانفرنس پارٽي جو پهريون صدر چونڊيو ويو هو.
** 1949 ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان پير الاهي
 بخش جي ڪابينا کي برطرف ڪري ڇڏيو، جنهن تي سنڌ جي
 سياستدانن ۽ سنڌي پريس اهو واضح نموني موقف اختيار ڪيو
 ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان سياسي انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان مان ايندڙ مهاجرن کي
 پاڪستان ۾ پناهه ڏيڻ جي معاملي کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ گورنر جنرل 
هڪ آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته هندستان مان ايندڙ
 مهاجرن کي شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 
رهايو ويندو ۽ انهن کي ملڪيتون پڻ ڏنيون وينديون.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊي اي سي نالي مخالف ڌر 
جي اتحاد جي اڳواڻن صدر ايوب خان جي ڳالهين واري آڇ تي 
غور شروع ڪيو، نوابزاده نصرالله خان صدر ايوب خان کان 
مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ ايمرجنسي ختم ڪئي وڃي، قلم 144
 کي واپس ورتو وڃي، ڊي پي آر کي ختم ڪيو وڃي ۽ سڀني
 سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ته پوءِ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.
** 2008ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس
 ۾ پنڊي پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، جن جا نالا حسنين ۽ رفاقت ڄاڻايا ويا،

No comments:

Post a Comment