Thursday 16 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (17th February )By: Dr. Pathan



** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ 
ڪرنل پوٽينجر طرفان سنڌ جي حڪمرانن سان شروع ڪيل رابطن
 ۽ لاڳاپن جي هندستان جي حڪومت منظوري ڏئي ڇڏي ۽ کيس اڳڀرائي جي هدايت ڪئي وئي.
** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪرنل پوٽينجر پنهنجن ايجنٽن
 کي پيغام موڪليو ته اهي سنڌ جي حڪمرانن سان سڌي ريت رابطو ڪرڻ
 جي ڪوشش نه ڪن ۽ نه ئي خط و ڪتابت ڪئي وڃي، جيڪڏهن
 سنڌي حڪمرانن سان رابطو ضروري هجي ته منشي ڄيٺانند ذريعي رابطو ڪيو وڃي.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر اٽڪل 28 هزار فوجي 
اهلڪارن سان گڏ مياڻي ۾ ٽالپر حڪمرانن سان جنگ شروع ڪئي،
 اڄوڪو ڏينهن تاريخ ۾ هڪ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو وڃي ٿو،
 ٽالپر حڪمرانن جي فوج جو انگ 17 هزار هو، ان جنگ ۾ انگريزن
 کي فتح ملي، ان کانپوءِ انگريزن جلد ئي حيدرآباد جي قلعي تي پنهنجو 
جهنڊو لڳائي ڇڏيو ۽ برطانوي فوجي حيدرآباد شهر توڙي قلعي
 ۾ داخل ٿي ويا، چارلس نيپيئر ان موقعي تي هڪ آرڊر جاري
 ڪيو ته جاگيردارن ۽ انگريزن سان وڙهندڙ بلوچ ويڙهاڪن کي صلاح ڏني 
وڃي ٿي ته اهي اسان سان ويڙهه بند ڪن ۽ پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃن، 
اسان کين خاطري ڪرايون ٿا ته جاگيردارن کي پنهنجون جاگيرون واپس
 ملنديون ۽ انهن سان دوستاڻو رويو رکيو ويندو، انهيءَ حڪم کانپوءِ 
ڪراچي ۾ ٽالپر حڪمرانن جي ويجهن ماڻهن محمد صديق،
 ديوان ٽيڪچند ۽ ديوان مولچند کي گرفتار ڪيو ويو، ڪيپٽن پريڊي
 ڪراچي کي برطانيا جو علائقو قرار ڏنو ۽ سيٺ نائومل کي ڪيترائي اختيار ڏنا ويا.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي جي گورنر سکر ۾ درٻار
 لڳائي خطاب ڪيو، جنهن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ ٻين
 علائقن سان تعلق رکندڙ جاگيردارن، زميندارن ۽ سردارن وڏي تعداد
 ۾ شرڪت ڪئي، گورنر انهن جاگيردارن سان سکر بئراج جي تعمير 
جي حوالي سان مشاورت ڪئي، جڏهن ته انهن ضلعن ۾ نوان روڊ رستا
 ٺهرائڻ ۽ تعليم جي بهتري جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيون ويون،
 واضح رهي ته 1919ع وارو سال سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ 
وڏي حيثيت رکي ٿو، هن سال ۾ ڪيتريون ئي سياسي تحريڪون شروع ٿيون.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي قائداعظم محمد علي جناح 
۽ سر غلام حسين هدايت الله جي لاڏاڻي تي تعزيتي ٺهراءُ منظور ڪيو.

No comments:

Post a Comment