Monday 27 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (28th February) By: Dr. Pathan



** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر اسسٽنٽ 
ريزيڊنٽ ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ ڪمانڊر ان چيف آف آرمي سر جون 
ڪين کي ٻڌايو ته سندس سربراهي ۾ سنڌ ۾ آيل فوجي اهلڪارن
 کان سنڌي ماڻهو ڦرلٽ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته کائڻ جي 
مختلف شين ۽ جنسن جون قيمتون تمام گهڻيون وڌايون ويون آهن،
 ان ڪري اسان کي اهي جنسون ۽ شيون خريد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.
1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي انگريز حڪومت  فيصلو 
ڪيو ته سڀني سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي سنڌي ٻولي
 جو امتحان لازمي پاس ڪرڻو پوندو ۽ اهو به فيصلو ٿيو ته انهن 
ملازمن کان سندن پوسٽنگ وارن شعبن بابت به پڇيو ويندو.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي جي خلافت ڪاميٽي
450 رپين جو چندو گڏ ڪيو ۽ سنڌ خلافت ڪاميٽي جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايو.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هوم رول ليگ تنظيم جي
 حيدرآباد شاخ جا عهديدار چونڊيا ويا، ناليواري ليکڪ ڄيٺمل
 پرسرام کي صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته ٻولچند ڪوڏومل 
سيڪريٽري، سنتداس منگت راءِ، هيرانند سنتوڪ رام ۽
 ڪيول رام ديارام کي مئنيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل
 جي ميمبر محمد هاشم گزدر ڪٽوتي جي رٿ پيش ڪئي، 
هن ڄاڻايو ته سکر بئراج جي فالتو سامان ۽ مشنري جي 
وڪري لاءِ رکيل عملي کي 63 هزار 825 رپيا ڏيڻ بدران 
کين فارغ ڪيو وڃي، انهيءَ رٿ جي شيخ عبدالمجيد 
سنڌي، سيد ميران محمد شاهه، محمد ايوب کهڙي، خانبهادر
 الهه بخش سومرو ۽ سنڌ جي ٻين ميمبرن حمايت ڪئي،
 جنهن کانپوءِ ايوان ۾ انهيءَ رٿ تي ووٽنگ ڪرائي وئي،
 39 ميمبرن رٿ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته رڳو 25 ميمبرن
 حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جنهن ڪري اها رٿ ناڪام ٿي وئي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نوابشاهه ڪانگريس 
ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت مولوي محمد معاذ ڪئي، 
سالياني گڏجاڻي ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا.
**1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بزم مشاعره ۽ سنڌي سڌار
 سوسائٽي طرفان مشاعرو ڪرايو ويو، جنهن ۾ ناليوارن 
شاعرن شرڪت ڪئي، هن تقريب کي بعد ۾ اديب سنڌ نالي اخبار ۾ ڇاپيو ويو.


No comments:

Post a Comment