Saturday 18 February 2017



** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي سنڌ
 حڪومت طرفان هدايتون جاري ڪيون ويون ته حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ
 ۽ خيرپور رياست وچ ۾ حدبندي بابت هلندڙ تڪرار کي فوري طور
 حل ڪيو وڃي ۽ اهو ذهن ۾ رکو ته زمينن جي مٽاسٽا برابري جي شرطن تي ڪئي وڃي.
** 1915ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ريشمي رومال تحريڪ دوران وڏي 
انگ ۾ گرفتاريون ڪيون ويون، مولانا محمد صديق کڏي واري کي
 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، مولانا عبيد الله سنڌي انگريز حڪومت 
خلاف هند ۽ سنڌ ۾ اها تحريڪ شروع ڪئي، جيڪا ريشمي رومال
 تحريڪ جي نالي سان مشهور ٿي.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ سنڌي هندن طرفان 
اينٽي سيپريشن ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، اها ڪانفرنس سنڌ کي 
بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري معاملي خلاف ڪوٺائي وئي هئي،
 جنهن ۾ ڪيترن ئي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ترڪي ۽ پاڪستان ۾ دوستي
 واري معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، ٻنهي ملڪن
 هڪٻئي سان معيشت، ثقافت ۽ سياسي معاملن ۾ سهڪار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عالمي ٽياڪڙ ٽربيونل رڻ
 آف ڪڇ واري تڪرار جو فيصلو ٻڌائيندي پاڪستان کي 
350 اسڪوائر ميل ايراضي ڏيڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن 
ته پاڪستان جي دعويٰ  هئي ته 3500 اسڪوائر ميل اتر
 وارو علائقو پاڪستان جو آهي، اها دعويٰ قبول نه ڪئي وئي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت 
ڪرڻ واري معاملي تان سياسي جماعتون ورهائجي ويون، نيپ ۽
 جماعت اسلامي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي حمايت ڪئي،
 جڏهن ته ٻين جماعتن انڪار ڪيو.
**1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ اسلامي ملڪن جي
 پرڏيهي وزيرن جي عالمي ڪانفرنس شروع ٿي، جيڪا ٻن
 ڏينهن تائين جاري رهي، هن ڪانفرنس ۾ مسلم دنيا جي حوالي 
سان ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا، ڪانفرنس پاڪستان جي
 ڪوششن سان ڪوٺائي وئي هئي، خاص طور تي ذوالفقار علي ڀٽو اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب جي گورنر تشدد کي
 روڪڻ لاءِ وڳوڙن خلاف طاقت جو استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ 
آرڊيننس جاري ڪيو، آرڊيننس ۾ پنجاب حڪومت کي اهي 
اختيار ڏنا ويا ته اها سخت ڪارروائي ڪري.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هنگامن دوران 7 ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment