Saturday 11 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th January) By: Dr. Pathan


** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر
 پنهنجي سرڪار کي خط لکيو ته هن جي مير علي مراد خان ٽالپر سان
 2 ڀيرا ملاقات ٿي آهي، هن هندستان جي گورنر جنرل طرفان موڪليل
 تحفا قبول ڪيا آهن، جڏهن ته هن خيرپور جو دورو ڪجهه رڪاوٽن سبب ملتوي ڪيو آهي.
** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي برطانوي سرڪار
 کي سنڌ ۾ مقرر عملدارن آگاهه ڪيو ته شاهه شجاع الملڪ لاڙڪاڻي پهچي ويو
 آهي ۽ هاڻي حيدرآباد روانو ٿي رهيو آهي.
** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر ميرپورخاص جي مير شير
 محمد ٽالپر کي خط لکيو ته برطانيا جي سرڪار پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪندي، 
دوستن سان ڪابه ويڙهه نه ڪئي ويندي، توهان جي طرفان اسان لاءِ
 ڪوبه مسئلو پيدا نه ٿيو آهي، ان ڪري اسان معاهدي ۾ توهان جي
 نالي جي نشاندهي نه ڪئي آهي، سرڪار جو اهو به ارادو ناهي ته 
اوهان کان ڪا زمين کسي وڃي، چارلس نيپيئر اهو به لکيو ته اسان 
جو عملدار برائون حيدرآباد ۾ موجود آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته 
اوهان خيرپور جي ميرن ۽ انهن جي فوج کي پنهنجي علائقي ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏيندا.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڳوٺ طيب،
 خيروديرو، نائچ، ڳيريلو، باڊهه، پٺاڻ، ويهڙ ۽ وڳڻ ۾ انگريزي جا ڪلاس
 بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، انهن ڳوٺن جي رهواسين لوڪل بورڊ کي
 درخواست ڪئي ته اهي اسڪولن جا خرچ پاڻ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن،
 جنهن کانپوءِ اسڪولن ۾ انگريزي ڪلاس بند نه ڪيا ويا.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل سرڊوگلس گريسي کي پاڪستان 
جي فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو ويو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو آفريقي
 يونين وانگر ايشيا جي ملڪن جي تنظيم ٺاهڻ جي تجويز پيش ڪئي.
** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نيشنل عوامي پارٽي تي پابندي هنئي وئي،
 حڪومت الزام لڳايو ته نيپ ملڪي سلامتي خلاف سرگرمين ۾ ملوث آهي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا جي مشهور آفريقي اڳواڻ نيلسن 
منڊيلا کي 27 سالن جي قيد کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، هزارين ماڻهن 
سندس شاندار استقبال ڪيو، هن آفريقن نيشنل ڪانگريس جي پليٽ
 فارم تان ڏکڻ آفريقي عوام خاص طور تي ڪاري نسل جي ماڻهن لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي

No comments:

Post a Comment