Sunday 19 February 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th February) By: Dr. Pathan


** 1840ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ليفٽيننٽ جنرل سر جان ڪين سنڌ ۾ ميجر جنرل
 ولشائر جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ فوج کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو،
 جنرل سر جان ڪين اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ لاءِ فوجي دستن کي
 سياسي ۽ فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار
 ڪئي، ڪجهه دستا اپر سنڌ ۽ ڪجهه دستا لوئر سنڌ موڪليا ويا.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڄيٺ مل پرسرام ڪراچي ۾ هوم رول ليگ
 طرفان ڪوٺايل ليڪچر پروگرام ۾ ليڪچر ڏيندي سنڌ ۽ هند جي 
ان وقت جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهايو، ليڪچر پروگرام 
جي صدارت جمشيد مهتا ڪئي، جڏهن ته ٻين
 اهم شخصيتن پڻ سنڌ ۽ هند جي صورتحال تي ڳالهايو.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ عيدالفطر جي موقعي تي 
سنڌ آزاد پارٽي ڊگهڙي تعلقي جي ڳوٺ مولوي عبدالحئي،
 حيدرآباد ۽ ماتلي ۾ عيد ميڙاڪن دوران پنهنجون برانچون قائم ڪيون،
 ان حوالي سان انهن ٽنهي علائقن ۾ وڏا وڏا ميڙاڪا ٿيا، حيدرآباد
 ۾ پير غلام مجدد کي برانچ جو صدر بڻايو ويو، جڏهن ته عبدالجبار
 خزانچي ٿيو، ڳوٺ عبدالحئي ۾ مولوي حاجي عبدالحئي ۽ الهڏنو ڀٽو
 صدر ۽ سيڪريٽري چونڊيا ويا، اهڙي طرح ماتلي ۾ محمد خان
 نظاماڻي صدر، مولوي عطاءُالله سيڪريٽري ۽ حاجي ڪريم بخش
 خزانچي چونڊيا ويا، سنڌ آزاد پارٽي عيد جي موقعي مان فائدو وٺندي سياسي پروگرام ترتيب ڏنا.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر الهه بخش پنهنجي
 ڪابينا ۾ سر غلام حسين هدايت الله کي شامل ڪري ڇڏيو
 ۽ کيس قانون ۽ گهرو معاملن جو وزير بڻايو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايوب خان جي حڪومت احتجاج
 ڪندڙن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا، ملڪ ۾ هلندڙ زبردست تحريڪ
 کانپوءِ ايوب حڪومت نيٺ مک شهرن مان سياسي سرگرمين ۽ جلوسن تي لڳل پابندي هٽائي ڇڏي.
** 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آسام ۾ چونڊن دوران 
جهڙپون شروع ٿي ويون، جنهن ۾ 1000 ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسلام آباد ويندڙ پشاور جي
 هڪ اسڪول بس کي افغاني هٿياربندن ٻارن سميت اغوا ڪري ورتو،
 هٿياربندن مطالبو ڪيو ته افغاني مهاجرن لاءِ کاڌ خوراڪ ڏني وڃي، 
ان کانسواءِ 5 هيليڪاپٽر ۽ 50 لک ڊالر ڀنگ به ڏنو وڃي.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي
 اڳواڻ نواز شريف ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف 
حسين سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پيپلزپارٽي جي حڪومت خلاف تحريڪ تي اتفاق ڪيو.

No comments:

Post a Comment