Monday 8 April 2024

SINDH in history today (9th April). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (9th April) & GOOD DAY WISH. HISTORY TODAY {9th April} & My Good Wish. *********** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever has ego, wealth and authority, but has no human love & respect in heart & mind, is promoter of problems and evil-maker.He/She becomes high-risk for common peace & progress and love & beauty. It becomes tough task to beautify his/her vision and purify his/her wisdom] اھا دل دنیا ۽ ساري دانائي، آھي ادب آدمیت کان سواء سور، سو سور بٹجي پئي ناسور، جي ماٹھو ماٹھوء ھٿان مجبور،‏ پر تن کي ملي سدا سرور، جي سوچن لوچن سونھن سلام لاء. ‏‎ ‎ ************* توجه طلب واقعا *************** 9.4.1835: ڪڇ ڀڄ کان ايندڙ فرنگين ۽ سندن واپارين کي سرحدي پٽئ ۾ سوڍا ۽ کوسا ڦريندا ھئا. هنن جي ڏوهن وارين ڪارواين مان سنڌ کي فائدو اهو مليو ته ڌارين کي سنڌ ۾ قدم رکڻ کان اڳ سوچڻو پوندو هو. فرنگي سفارتڪارن سنڌ جي حڪمرانن کي دانھون ڏنيون. اڄ حيدرآبادي حڪومت کوسن خلاف قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. 9.4.1849: ڪمند خان بگٽي سنڌين کي ڦرڻ لٽڻ ۽ امن امان خراب ڪرڻ جي ڏوه ۾ پڪڙجي جنگي قيدي ٿيو هو. پوء سرڪار کيس هالا ڊويزن ۾ زمين ڏئي آباد ڪيو. ڪنهن عرصي کان پوء کيس ٽنڊي غلام علئ ۾ آباد ڪيو ويو. سنڌ جي ڪمشنر پوليس جي ڪئپٽن کي هدايت ڪئي ته هو جيسيتائين سنڌي سماج جو حصو بڻجي, هن تي نظر رکي وڃي. 9.4.1940: سمورئ سنڌ ۾ جتي جتي مسلم ليگ جون شاخون هيون, اتي "پاڪستان ٺھراء“ جي حق ۾ عوامي ميڙاڪا ٿيا ۽ واضح ڪيو ويو ته هندستان جا مسلمان هندستان لاء ڪوبه دستور العمل قبول نه ڪندا, جيسيتائين اهو مسلم ليگ منظور نه ڪندي. [ آزادئ جي تحريڪ هن دور ۾ ورهاڱي جي تحريڪ بڻجي وئي] 9.4.1944: ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي جي مدرسه هاء اسڪول ۾ ”پنجين سنڌ ادبي ڪانفرنس" ٿي. ڪانفرنس جي مرحبا ڪميٽئ جو چيئرمن عبدالوهاب ناظم ۽ سيڪريٽري غلام عباس جوش ھئا. ڪانفرنس جي ٻن بيٺڪن کان پوء مشاعرو ٿيو, جنھن جي طرح مصرع هئي: "منھنجي دنيا هن لٽي پئي, مان مگر خاموش ھوس". 9.4.1965: صدر ايوب ۽ وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو تاشقند پهتا ته جيئن روس جي ٽياڪڙئ ۾ انڊيا جي وزير اعظم سان ڳالهيون ڪن. 9.4.1971: پاڪستان سرڪار آرڊيننس جاري ڪيو ته پاڪستان جي مخالفت ڪندڙن کي سختئ سان منهن ڏبو. [پر حالتن ثابت ڪيو ته آرڊيننسز ۽ اسلحي سان ملڪ بچائي نه ٿو سگهجي] 9.4.1974: بنگلاديش فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي فوجي جنگي قيدين تي ڪيس نه هلائبا. سڀئي جنگي قيدي پاڪستان جي حوالي ڪبا. 9.4.1975: ڪيترن ئي سياستدانن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آمريڪي سفير کي "ناپسنديده شخصيت" قرار ڏئي ملڪ مان ڪڍيو وڃي. 9.4.1977: پي.اين.جي جي جلوس پنجاب اسيمبلئ جي عمارت کي گهيرڻ شروع ڪيو ته فيڊرل سيڪيورٽي فورس ۽ پوليس مٿن گولي هلائي. نتيجي ۾ 80 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. اقتدار جي جنگ ۾ قربانئ جو ٻڪرو عوام ئي بڻايو ويندو آھي. نوابزادي نصرالله اپيل ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ مري ويلن جي جنازي جي نماز پڙھو. 9.4.1994: "گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ" ۾ لکيو ويو ته 7 فٽن ۽ 8 انچن وارو عالم خان چنو, هن وقت دنيا جو ڊگهو ماڻھو آھي. *************** {9 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 9 اپريل 1915ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ورڪر سرلا ديوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 اپريل 1934ع شاعر وحدت علي نقرچ جو جنم ڏينهن آهي. 9 اپريل 1934ع فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر ونسيمل منگهاڻي (هالا / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 9 اپريل 1935ع شاعر اسحاق راهي(ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 9 اپريل 1955ع شاعر غلام محمد غازي جو جنم ڏينهن آهي. 9 اپريل 1957ع اداڪار واسديو مکيجا (احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 اپريل 1960ع سياسي ورڪر عابده شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 9 اپريل 1965ع ليکڪ ۽ صحافي رکيل مورائي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 9 اپريل 1996ع گلوڪار قمر سومري جو انتقال ٿيو. 9 اپريل 1991ع تعليمدان ڊاڪٽر اي ڪيو افغان جو انتقال ٿيو. 9 اپريل 1997ع قنمبر سان تعلق رکندڙ ليکڪ، اديب، محقق ۽ سماجي ورڪر ڊاڪٽر محبت ٻرڙوجو لاڏاڻو ٿيو. 9 اپريل 2013ع شاعر عاجز اڄڻ جو انتقال ٿيو. — EVENTS: 1940: Sindh Muslim league and hundreds of its branches observe 'Lahore Resolution Support Day’’. Public meetings are held and resolutions are adopted in support of scheme of independence as prepared by the Muslim League. All credit goes to G.M.Syed for his dynamic leadership of Party. 1941: The Live Stock Improvement Conference is held and is attended by representatives and nominees of all District Local Boards and Municipalities of Sindh. 1944: 5th All - Sindh Literary Conference starts at Larkano with Dr.Ibrahim Khalil as its presidents. It is attended by hundreds of poets and writers. Ghulam Abbas 'Josh' is the Secretary and Abdul Wahib 'Nazim' is the Chairman of the Reception Committee of the Conference. 1953: Syed Miram Muhammad Shah resigns as ambassador of Spain. 1955: Communist leader Sajjad Zaheer is re - arrested. 1963: U.S airs idea of the division of Khashmir between India and Pakistan. 1969: French will provide every possible help for the development of atomic energy in Pakistan, says the Administrator General of French Energy Commission.1971: An Ordinance is promulgated to deal anti - Pakistan elements with iron hand. But, all in vain! The Ordinance failed to stop disintegration of Pakistan. 1974: Issue of 195 Pakistani POWs wanted by Bangladesh for allged war crimes, is resolved. Tripartite accord is signed in Delhi.1976: Sardari system is abolished in Baluchistan. Bhutto tells Sardars to close their private jails.

No comments:

Post a Comment