Saturday 6 April 2024

SINDH in history today (7th April). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

Dur Muhammad Pathan: Sindh in History Today (7th April). سنڌ جي تاريخ اسان کي منجهيل نظرياتي سٽ سلجهائڻ ۾ وڏي مدد پئي ڪئي آھي ۽ ڪيترن واقعن, افراد ۽ ادارن تي ٻيهر سوچڻ ڏانھن توجھ پئي ڇڪرايو آھي ته جيئن اسان سوچن ۽ لوچن ۾ ڪا غلطي نه ڪري ويهون. اوهان جي سوچڻ لاء گهڻيون ڳالهيون موجود آھن. مثال طور: * نپيئر مير شير محمد کي لکي ٿو ته جهرڪن مان لٽيل مال موٽاء. جهرڪن ۾ ڇا ٿيو هو؟ * انگريزن سنڌوندئ کي آبي آمد رفت جو ڇو ٿي ذريعو بنائڻ چاھيو؟. * لاڙڪاڻي وارئ هاري ڪانفرنس ڪهڙئ ريت مفاد پرست ڪلاس جي سياست کي وائکو ڪيو؟. * ضياء الحق ڀٽي کي ڦاهي چاڙھڻ کان پوء ڇا چيو؟. * سنڌ جي شهرن ۾ رت جون نديون ڪنھن ۽ ڪيئن وهايون؟. *************** توجه طلب واقعا *************** 7.4.1843: حيدرآباد منجهان نيپيئر اڄ مير شير محمد خان کي لکيو ته آغا خان کي جهرڪن ۾ ڦريو ويو ۽ انھئ لٽ جو مال تو وٽ آھي. اهو لٽيل مال موٽاء ۽ مون اڳيان پيش پئج. مان توکي معاف ڪندس ۽ تنهنجي جاگير به توکي موٽائي ڏيندس. 7.4.1857: سنڌ جي سپريڊنٽ انجنيئر سرڪار کي رپورٽ ٺاهي صلاح ڏني ته سنڌوندئ جي ملر برانچ کان شاهبندر تائين اهڙو ڪئنال کوٽيو وڃي, جنھن ۾ ٻيڙيون ۽ گبوٽ هلائي سگهجن ۽ ان آبي آمدرفت ذريعي شاهبندر ۽ ڪراچئ کي ملايو وڃي. 7.4. 1906: حيدرآباد پڪي قلعي ۾ رکيل فرنگي حڪومت جو بارود ڦاٽي پيو, جنهن ڪري قلعي اندر ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا ۽ دماغن ماڻھن کي ڊيڄاري ڇڏيو. 7.4.1934: ڪانگريس جيڪا 2.8.1933 تي سرڪار خلاف "نان ڪو آپريشن موومينٽ" شروع ڪئي هئي, اها اڄ پڄاڻئ کي پهتي. 7.4.1941: لاڙڪاڻي ۾ محمد حسين کهاوڙ جي صدارت ۾ ”لاڙڪاڻو هاري ڪانفرنس" ٿي. هي اهو دور هو جڏهن هٿ وٺي سياست ۾ فرقيوارت" کي هٿي ڏني وئي ته جيئن هندو مسلمانن کي فسادن جي ور چاڙھيو وڃي, ۽ عوام کي ويڙھائي مٿئين طبقي ويڙھائي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي. لاڙڪاڻي وارئ هاري ڪانفرنس فرقيوارت خلاف سخت لفظن ۾ ٺھراء پاس ڪيو. ٺھراء جا لفظ آھن: " ڪانفرنس جي راء موجب مذھبي ڇيڙڇاڙ صرف مٺ جيترا سرمايه ڪار پنهنجي سياسي اقتدار قائم ۽ ذاتي غرضن جي حصول لاء ڪن ٿا. سندن مقصد آھي ته عام ماڻھو ۽ مزدور سندن عوام دشم ڪارستارين کان بي خبر رهن....". 7.4.1952: پاڪستان پارليامينٽ 8 ملين انھن پناهگيرن کي شھري حق ڏنا, جيڪي پهرين جنوري 1952 تائين انڊيا مان پاڪستان ۾ اچي چڪا هئا. حڪم جاري ڪيو ويو ته اولھ پاڪستان ۾ صدارتي راڄ کي وڌيڪ چار مهينا لاڳو رکيو ويندو. 7.4.1973: پيپلز پارٽئ جي مخالف سياسي اتحاد "يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ" فيصلو ڪيو ته قومي اسيمبلئ جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪانه ڪبي. 7.4.1979: صدر ضياء الحق چيو ته ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ ملڪ جي مفاد ۾ هو. نصرت ڀٽو ۽ بي نظير ڀٽو کي ڳڙھي خدابخش آندو ويو ته جيئن ڀٽي جي مزار تي پهچي ايصال ثواب لاء قل خواني ڪن. 7.4.1989: حيدرآباد ۾ رت جي راند کيڏي وئي. سنڌي-مهاجر فسادن ۾ 12 بي گناه شهري مري ويا. حيدرآباد ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. 7.4.1990: ڪراچئ ۾ فيڊرل سيڪيورٽي فورس سان وڙھندي آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا 15 ماڻھون مري ويا. *************** {7 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 7 اپريل 1923ع اسڪالر ڊاڪٽر اين بي جي قاضي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 اپريل 1927ع شاعر ولي دائودپوٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 اپريل 1935ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1935ع ليکڪ ۽ ناول نگار آغا سليم(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1947ع گلوڪار راجيش ڀاردواج (ٽنڊو آدم) جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1950ع شاعر مير عبدالرسول ميرجو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1966ع اداڪار ۽ صداڪار رفيق عيساڻيءَ جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1975ع ليکڪا فهميده شرف جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1978ع شاعر همدرد سومرو (چوکنڊي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 اپريل 1984ع ناول نگار، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار ڪليم ٻُٽ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 7 اپريل 1934ع جان محمد ڀرڳڙي جو انتقال ٿيو. 7 اپريل 1958ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن پير حاجي مٺل شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 7 اپريل 1967ع مير جعفر خان جمالي جو لاڏاڻو ٿيو. 7 اپريل 1973ع پير عبدالله جان سرهندئ جو لاڏاڻو ٿيو. 7 اپريل 1989ع شاعر ايم يعقوب جليس (هالا) جو انتقال ٿيو. 7 اپريل 1992ع جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ حبيب الله ناريجو جي وفات ٿي. 7 اپريل 2012ع قومپرست اڳواڻ شهيد بشير قريشي جو لاڏاڻو ٿيو. DR. DUR MUHAMMAD PATHAN. SINDH IN HISTORY TODAY (7th April) & GOOD DAY WISH. EVENTS Part1 1906: Explosion occurs in the magazine situated in Hyderabad Fort. It causes death of some people andd emage to many buildings. 1909: Brahma Mandir organizes lecture programme. karpur Srinvas Rao speaks on 'Vedanta'. 1941: Hari Conference is held at Larkana with Muhammad Hussain Khuhawar as its president. So many resolution peasants' rights, Hind u - Muslim Unity etc. are passed. 1952: Citizenship Act isammended and promulgated to award citizenship to all Muhajreen. 1951: Prime Minister meets Pir of Pagaro, Mir Ghulam Ali Talpur and Pir Ali Muhammad Sha[...] Part2 1957: President's rule in West Pakistan to continue for more four months, says official Hand out. 1959:Evacue property is on sale illegaly and at large scale in Lahore, claims press. 1968: Ship accident in sea near Dubai costs 200 lives of Pakistani Hajis. 1972: Hamood -u- Rahman Commission records statement of Ex- President and CMLA Yahya Khan on military defeat in East Pakistan. 1973 : The term of 'Islamic Socialism' is excluded for the Constitution. 1979: Bhutto's execution is in country's interest, says President Zia. Begam Nusrat Bhutto and Benazir Bhutto are taken to Garhi Khuda Bux for offering Eatiha on the grave of Z.A.Bhutto. Disturbances are reported in Sindh and Punjab cities on hanging of Bhutto. BIRTH DATES 1. Dr.N.B.G.Kazi (Rohri/Scholar/ Born 7th April 1923), 2. Vali Daudpoto (Poet/ Born 7th April 1927), 3. Dr. Ghulam Rasul Baloch (Hyderabad/Scholar/ Born 7th April 1935), 4. Agha Salim (Shikarpur/Writer/ Born 7th April 1937), 5. Rajesh Bhardwaj (Tando Adam/Singer/ Born 7th April 1947), 6. Mir Abdul Rasul 'Mir' (Mihar Ali/Poet/ Born 7th April 1950), 7. Fahmida Sharaf (Writer/ Born 7th April 1975), 8. Hamdard Soomro (Chowkhandi/Poet/ Born 7th April 1978 ) DEATH DATES 1. Jan Muhammad Bhurgri (Freedom Fighter/ Death 7th April 1934), 2. Pir Haji Mithal Shah Thulahi(Freedom Fighter/ Death 7th April 1958 ), 3. Pir Abdullah Jan (Death 7th April 1973), 4. M. Yaqvb 'Jalis' (Hala/Poet/ Death 7th April 1989), 5. Habibullah Narijo (Jeay Sindh Leader/ Death 7th April 1992) , 6. Bashir Qureshi (Jeay Sindh Leader/ Death 7th April 2012), 7. Mir Jaffar Khan Jamali (Death 7th April 1967). Dr. Pathan wishes you Good Day. [We are passing through era of 'great conversion & reincarnation'. Hence, most of us have started believing that they are Angels, and some being busy in search of Paradise have started making the society hail. It has become very difficult to find those human beings amongst Angeles and Taliban’s, who can understand, abide by and take care of beauty & love, peace and progress] ڪم پئي ٿي ڪل پئي، تہ ڪیر ماٹھو ڪیر حیوان، ‏ اڄ اشرف المخلوقات، ٿيڻ چاھي فرشتو یا طالبان،‏ ڪو ڪو پاسبان نگھبان، سرت سونھن سلام جو.‏

No comments:

Post a Comment