Tuesday 30 April 2024

SINDH in history (1st May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (1st May) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes You Good Day. . [It is easy to like, but very difficult to accept. It is most difficult to maintain contacts & affiliations. Be one sided with sincerity & sacrifice. Life never believes in dreams. It is hard ground reality. Beautify it with love as it can accept you] ڀانئڻ اچي سڀ کي، نڀائڻ ڪنھن ڪنھن جو ڪم، رشتا گھرن رت روح جو، کائن هر پل لڱ لحم، جي ھٹین دوستئ جو دم، چئج سرت سان سلام تون. ************* SINDH (Including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st May} Research by Dr. Dur Muhammad Pathan EVENTS: 1848: The Government of India asks the Governor of Sindh to prepare details along with schedule of pensions and grants given by Ex - Rulers as they can be continued if loyalty and sincerity with British Government. is proved. 1850: His Highness Mir Ali Murad Khan Talpur is not happy and satisfied with proceedings and findings of the Commission appointed by the Govt. for probing his involvement in making changes in the Treaty of Nounihar. 1886: Workers demanding 'Eight hours as working hours' are fired upon by police in Chicago. 1959: A high- level conference, presided over by President Ayub, decides to set up "Local Bodies System" of democracy. 1972: Mumtaz Bhutto (Sindh), Sardar Attatullah Mengal (Balochistan) and Mulana Mufti Mahmud (NWFP) are sworn in as Chief Ministers. Malik Meraj Kialid is nominated for Punjab. > Mufti Mahmud announces total ban on liquor in his province. > Labor Day/ May Day is celebrated for the first time in Pakistan.1989: Ban on trade union activities of leading organizations are lifted. IN SINDHI **** توجه طلب واقعا *************** 1.5.1927: لالا لڄپت راء جي صدارت ۾ سکر ۾ ”سنڌ پراونشل هندو سميلن" ٿيو. ان ۾ پنج هزار وفد شريڪ ٿيا. هن سيمينار ۾ هندن جي سماجي, ڌرمي ۽ سياسي مسئلن تي ويچاريو ويو ۽ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جي مخالفت ڪئي وئي. 1.5.1934: سکر مان ڪشنچند واسديو هفتيوار اخبار "سناتن ڌرم" جاري ڪئي. هئ اخبار بنيادي طور سناتن ڌرم جي پرچار ڪندي هئي, پر ان کان سواء ڪانگريس پارٽئ جي آرگن طور به ڪم ڪيائين. "ستياگره تحريڪ" دوران نالو ڪمايائين. 5.1.1972: ممتاز علي ڀٽي سنڌ جي, سردار عطاء الله مينگل بلوچستان جي, مفتي محمود سرحد (ڪي.پي.ڪي) جي وڏي وزير طور حلف کنيو. ملڪ معراج خالد جو نالو پنجاب جي وڏي وزير طور منظور ڪيو ويو. 1.5.1848: هند سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته رپورٽ ٺاهي موڪل ته ٽالپورن جي دور ۾ ڪنهن ڪنهن کي پينشن يا گرانٽ ڏني ويندي هئي. 1.5.1850: خيرپور رياست جي والئ مير علي مراد خان سنڌ جي ڪمشنر سان لکي احتجاج ڪيو ته اوهان منھنجي ۽ مير رستم خان وچ ۾ ٿيل "نونهار معاهدي" جي انڪواري ڇو ٿا ڪريو. هن وڌيڪ لکيو ته منهنجو خاندان انهئ ڳالھ تي راضي ناهي ته مان انڪوارئ لاء اوهان اڳيان پيش ٿي صفائي ڏيان. [ياد رهي ته اهو معاهدو سنڌ تي فرنگين جي قبضي کان اڳ ٿيو هو ۽ انگريزن کي مير رستم علي خان دانھون ڏيندو هو ته "نونهار معاهدي" ۾ مير علي مراد خان پنهنجئ مرضئ سان پنهنجي حق ۾ ڦير گهير ڪئي آھي. ان وقت انگريزن سندس ڪا ڳاله نه ٻڌي. ڇو ته کين مير علي مراد جي دوستئ ۽ ساٿ جي ضرورت هئي. جڏهن سنڌ تي قبضو ڪري فرنگي حاڪم ٿيا ته پنهنجي يار مددگار مير علي مراد خان خلاف انڪواري ڪرايائون.] 1.5.1886: شڪاگو ۾ پورهيتن مزدورئ جو وقت 8 ڪلاڪ ڪرڻ لاء احتجاجي جلوس ڪڍيو. پوليس گولي هلائي هڪ پورهيت ماري وڌو. مزدور ڇڙوڇڙ ٿي وري گڏ ٿيا ۽ احتجاجي ميڙ ڪيائون. وري پوليس مٿن حملو ڪري ڪيترن کي گرفتار ڪيو ۽ پوء چئن پورهيتن کي ڦاهي ڏني وئي. انھئ سانحي ۽ جدوجهد کي ياد ڪرڻ لاء "مئي ڊي" ملهائڻ جو رواج پيو. پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي پهريون "مئي ڊي" 1972 ۾ ملهايو ويو هو.

No comments:

Post a Comment