Tuesday 9 April 2024

SINDH in history today (10th April). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (10th April) & GOOD DAY WISH. ** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز حڪومت طرفان ڊاڪٽر ستياپال ۽ سيف الدين کي گرفتار ڪرڻ خلاف امرتسر ۽ لاهور ۾ هنگاما شروع ٿي ويا، لاهور ۾ انارڪلي ويجهو پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، سرڪاري عمارتن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ ڪيترن ئي برطانوي شهرين کي پڪڙي مارڪٽ ڪئي وئي. ** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگل ديرو وديالا جو ساليانو فنڪشن ٿيو، جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪليڪٽر رتوديرو ڪئي، پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته وديالا طرفان 11 مسلمان ۽ 54 هندو شاگردن کي تعليم ڏني پئي وڃي، جن جو تعلق 8 ڳوٺن سان آهي، وديالا جي سالياني آمدني 1115 رپيا آهي، جڏهن ته خرچ 1050 رپيا آهي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو وديالا لاءِ 500 رپيا گرانٽ منظور ڪئي. ** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي حڪومت طرفان هندستاني آئيني سڌارن بابت وائيٽ پيپر ڇپرايو ويو. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ سوويت يونين حق خوداراديت لاءِ وڙهندڙ ماڻهن جي حمايت جو اعلان ڪيو، ان حوالي سان ماسڪو ۽ ڪراچي ۾ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو. ** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور عهدي جو حلف کڻي ورتو. ** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري لنڊن مان لاهور پهتي ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، هن اعلان ڪيو ته پ پ اقتدار ۾ اچي ڪنهن کان به بدلو وٺڻ واري پاليسي تي عمل نه ڪندي. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اوجهڙي ڪئمپ وارو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هٿيارن ۽ بارود کي باهه لڳڻ سبب وڏا ڌماڪا ٿيا، نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته اڳوڻي وزير خاقان عباسي سميت هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جنرل ضياءُالحق جي حڪومت ۾ پيش آيل انهيءَ واقعي تي عالمي طور تي سخت ردعمل سامهون آيو. 10 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 10 اپريل 1839ع فريڊم فائيٽر هسرام پمناڻي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 اپريل 1913ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا جهان خان دراني جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 اپريل 1916ع شاعر رانجهو خان پياسي جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1923ع شاعر اظهر ريلائيجو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1938ع ليکڪ مٺل حيدري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 اپريل 1938ع شاعر سومر سودائي جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1948ع صحافي آغا ثناء الله (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1950ع شاعر عزيز الله عزيز مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1954ع ليکڪ عبداللطيف سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1952ع سياسي اڳواڻ شهيد نذير عباسيجي ٽنڊو الهيار ۾ پيدائش ٿي. 10 اپريل 1955ع ڊانسر لڪشمي جسونت ڪمار (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1956ع ليکڪ زيب ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1958ع ليکڪ ۽ آرٽسٽ طارق عالم ابڙوجو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1966ع ليکڪ عزيز ڪليري جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1967ع صحافي شوڪت آرائين (سنجهورو) جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1973ع ليکڪ تيمور چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1978ع شاعر ۽ نثر نويس اسد چاچڙ(پنو عاقل) جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1979ع ليکڪ رفيق ملگاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1980ع شاعر عبدالرسول عابد جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1984ع شاعر وسيم آڪاش سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 10 اپريل 1984ع شاعر وحيد گبول جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 10 اپريل 1925ع پروفيسر اي آر شيرازي (ڪراچي) جو انتقال ٿيو. 10 اپريل 1931ع لبناني شاعر، ليکڪ ۽ مصور خليل جبرانجي وفات ٿي. 10 اپريل 1950ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ ناليواري صحافي مولانا دين محمد وفائيجو انتقال ٿيو. 10 اپريل 1990ع شاعر مرزا اسد بيگ (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day [Sky is above all and none of us is higher than sky. But, you can find sky at the feet of those, who live their lives for others and die for noble cause] اوچو ناھي انھن کان ھئ اوچو آسمان, جن جي حياتي با مقصد پڻ موت مھمان. ************* SINDH (including Pakistan ) IN HISTORY TODAY {10th April} EVENTS: 1919: In protest against arrest of Saifuddin and Dr.Satyapal violence is erupted in Amratsar and Lahore. A few people are killed in police firing near Anarkali. Government buildings are put on fire. British people are caught and beaten in both cities. 1918: BangulderoVidyala celebrates its Annual Function and it is presided over by Mr. Sidiqui, Dy. Collector of Ratodero. Mr. Wasvani in his welcome address states that Vidyala is imparting education to 11 Muslim and 54 Hindu students of 8 villages. Its annual earning remained Rs.1115 and whereas Expenditure was Rs.1050. Income consists of Rs.502 as Fees and Rs.612 as donations. The District Local Board of Larkano started grant of Rs, 500 to Vidyalia on the request and recommendation of Dy. Collector. 1927: Eighty-three Muslim accused in Larkana riots are produced before the court of G.H.Agha, Special First Class Magistrate of Larkana. Abdul Rahman and Pirzado pleaded their case. They were arrested in connection with Hindu-Muslim riots erupted due to kidnapping and converting to Hinduism of a lady from Gerelo. 1940: The White Paper on Indian constitutional Reforms is published by the British Government which holds out the assurance that in preparing the future constitution for India, the British Government will definitely accommodate the point of view of Indian people. 1965: Pakistan and Soviet Union declare their ‘resolute support’ for peoples fighting for their right of self-determination. A joint communique is issued in Moscow and Karachi. 1985: Mian Nawaz Sharif is sworn in as the chief minister of Punjab. 1986: Lahore gives warm welcome to Benazir Bhutto as she arrives from London. Says, her party will not follow the policy of revenge when it comes into power. 1988: More than one hundred are killed including former minister Khakan Abbasi and 1000 are injured in Ojhri camp ammunition dump blows up.

No comments:

Post a Comment