Saturday 20 April 2024

SINDH in history today (21st April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Dr. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (21st April) ** ***** توجه طلب واقعا *************** 21.4.1836: پاٽينجر اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته پتو پيو آھي ته سنڌ ڪي يورپي ماڻهون به رهن ٿا. ان بابت مير نور محمد پنھنجي هڪ خط ۾ ويچار ونڊيا آھن. [ياد رهي ته فرنگين کي شڪ هوندو هو ته سنڌ ۾ جيڪو به پرڏيهي رهي ٿو, اهو ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي مفاد ۾ نه ھوندو] 21.4.1912: انگريزن سنڌي هندوء ۽ مسلمان وچ ۾ مذھبي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ لاء ديني ۽ ڌرمي تنظيمن کي استعمال ڪيو. اهي مٿي تي هٿ رکي ويهي مزو ڏسندا هئا ۽ هندو مسلمان پاڻ ۾ وڙھي ناڙ ٿيندا هئا. ڪراچئ ۾ ھفتن جا هفتا مناظر ٿيو ته "لاش پورجي يا ساڙجي". انھئ ۾ ڪيترن ھندن, مسلمانن ۽ ڪرستانن حصو ورتو. مناظري جو بندوبست "آريا ينگ مينس ائسوسيئيشن" ڪيو. 21.4.1916: ”ٽين سنڌ پراونشل ڪانفرنس" رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۾ شروع ٿي. لالچند نولراء ھن ڪانفرنس جي آڌرڀاء ڪميٽئ جو صدر هو. اعلان ڪيو ويو ته ٻئي ڏينھن ڪانفرنس جي ڪاروائي سنڌئ ۾ هلائبي. صدر جي تقرير کان پوء "سبجيڪٽ ڪميٽي" ٺاهي, شام جو پنجين وڳي پهرين ڏينھن جي ڪاروائي پوري ڪئي وئي. 21.4.1919: "روولٽ ائڪٽ" خلاف رد عمل ڏيکارڻ تي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪيون ويون. 21.4.1934: ڪراچئ ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي هئي, جنهن ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ نه ڪرڻ جا ٺھراء پاس ڪيا ويا هئا. اڄ مسلمان سياستدان حيدرآباد ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس" جي "ورڪنگ ڪميٽئ" جي گڏجاڻي سڏائي هندن طرفان اٿاريل اعتراضن جا جواب تيار ڪيا. [هندو توڙي مسلمان سياستدان گڏ ويهي سمجهڻ سمجهائڻ ۽ مسئلي جي حل ڪڍڻ بدران الڳ الڳ گڏجاڻيون ۽ ڪانفرنسون ڪري ماحول بگاڙڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.] 21.4.1966: سنڌ يونيورسٽئ فيصلو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي لا ۾ پي ايڇ.ڊئ جي اعزازي ڊگري ڏني وڃي. 21.4.1966: تحريڪ آزادئ جي بي لوث سپاهئ ۽ 1938 ۾ مسلمانن لاء الڳ ملڪ جي ڳالھ ڪندڙ شيخ عبدالمجيد سنڌئ کي گرفتار ڪيو ويو. 21.4.1968: سوويٽ يونئن جي وزير اعظم چيو ته ڪنهن کي ٽياڪڙ بنائڻ بدران پاڪستان ۽ انڊيا پاڻ پنهنجا مسئلا حل ڪن. پاڪستان کي اسٽيل مل ٺاهڻ ۽ نيوڪلر جي شعبي ۾ مدد ڪبي. 21.4.1972: 3 سالن ۽ 26 ڏينھن کان پوء مارشل لا ختم. ڀٽي عارضي آئين جي توثيق ڪئي ۽ راولپنڊئ ۾ ماڻھن جي هجوم ۾ وزير اعظم جي عهدي جو چيف جسٽس حمودالرحمان هٿان حلف کنيو. 21.4.1993: سنڌي لئنگويج اٿارٽئ طرفان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صدارت ۾ جيڪب آباد ۾ سنڌي ٻولئ جي تعليم بابت سيمينار ٿيو ۽ ان ۾ 28 استادن/استادياڻين پنهنجا ويچار ونڊيا. آخر ۾ سفارشون ڏنيون ويون ته: * پهريون اکر پڙھائجن ۽ پوء لفظ, * هجي جو باب لازمي پڙھائجي, * پٽئ جي استعمال کي وري رائج ڪجي. 21.4.1994: اڳوڻي آرمي چيف سچي ڪئي ته 1990 وارين چونڊن ۾ مهراڻ بئنڪ وارا ڏوڪڙ ڪم آندا ويا هئا ۽ اها سابق صدر اسحاق ۽ سابق وزير اعظم نواز شريف کي ڄاڻ ھئي. *************** {ڏينهن 21 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 21 اپريل 1923ع شاعر مرزا اجمل بيگ(ٽنڊو ٺوڙهو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 اپريل 1923ع شاعر نجف علي ڪمتر نقوي جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1924ع صحافي آتما رام لعلواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 اپريل 1937ع سياستدان عبدالخالق شيخ (ٿريچاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1941ع ليکڪ وشنو ڀاٽيا(ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1966ع ليکڪ امداد لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 21 اپريل 1787ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد مبارڪ مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 21 اپريل 1935ع ليکڪ ڪشن سنگه لولا ديهانت ڪري ويو. 21 اپريل 1938ع شاعرِ مشرق علامه اقبال جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1986ع تعليمدان غلام رضا ڀٽو(هالا) جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1987ع شاعر لونگ خان لائق جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1990ع ليکڪ سرير پهنور (ميهڙ) جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2004ع سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2007ع محقق، سائنسدان ۽ اسڪالر ايم ايڇ پهنورجو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2009ع گلوڪاره اقبال بانوجو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2011ع باکڙي موري ويجهو سنڌ جي سپوتن شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي کي گوليون هڻڻ بعد جيئرو ساڙي شهيد ڪيو ويو. GOOD DAY FOR YOU. * [My Dear is not with me because, she/he has noticed that I am not with my self. I am not, what really I am. For seeing dear very near, it is essential that one should find self, but always remain selfless. Love & bloved is to be projected with sincerity & sacrifice. It is must to abide by human values and to get rid of ego, hatred and discrimination. I am on way towards heart of my dear as soul of dear is anxiously waiting for me ] پاڻ جو نہ آھیان آئون تان 'پاڻ' سان، ان لاء نہ مان پرين سان نہ پرين ساڻ, ‏'تون هي تون' جو ويو ورد جي وسري, پوء سونهن ۽ سرت ڪيئن ٿين سرواڻ؟ ; 'مان' ۽ 'مان' جي وئي بدبوء وڪوڙي ، پوء تہ انا ۽ نفرت جو ٿيو من ۾ مانڌاڻ, عشق اگر اڳواڻ, تہ اچي ريت پريت جي ************* 2). SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st APRIL} EVENTS: 1836: Colonel Pottenger forwards to his Govt. the copy of letter sent by Mir Noor Muhammad Khan Talpurdisapproving the request of Govt. of India for allowing some Europeans to sation in Sindh permanently.1916: 3rd Annual Sindh Provincial Conference starts at Larkano with Ghulam Muhammad Bhurgri as its president. Details of all three days proceedings can be read on Gul Hayat Institute's website. The important development was that proceedings were conducted in Sindhi. 1919: Large scale raids by police start at midnight in Karachi, Hyderabad, Sukkur and other cities on offices of political parties and Newspapers.G.M.Bhurgri's office remained main target. Jethmal Parsram, H.D.Mariwalla, Narsinglal, Mukhi Jethanand, Dr.Choithram, Shaikh Abdul Majeed and Durgdas Advani are arrested. 1934: The meeting of the Working Committee of the Sindh Azad Conference is held at Karachi to discuss the political strategy regarding facing and responding Hindu Sabha's anti - Sindh Separation movement. In the evening Poetic sitting (Mushaira) is arranged by the Sindhi Sudhar Society with Mir Ayub Khan in chair. 1972: Martial Law is lifted, constitutional rule is restored after 3 years and 26 days. Z.A.Bhutto authenticates interim constitution and takes oath of his office at a mass rally in Rawalpindi. Cheif Justice Hamoodu Rahman administers the oath.1994: Mehran Bank money was spent in 1990 election. Former President Ishaq Khan and former Prime Minister Nawaz Sharif were kept informed, says former army chief Aslam Beg. *************3). What Peoples say about Gul Hayat. INTERNATIONAAL InSTITUUT VOOR SOCIALE GESCHIEDENIS INTERNATIONAL INSTITUTE OF SOCIAL HISTORY INTERNATIONALES INSTITUT FUR SOZIAL GESCHICHTE INSTITUT INTERNATIONAL D’HISTOIRE SOCIALE Dr Dur Mohammad Pathan, Gul Hayat Institute, Vill: Khair Muhammad Arija, District: Larkana, Sindh, PAKISTAN Amsterdam, Our ref.: 7 September 1998 Your ref.: Dear Dr Pathan, Having reported on my visit to the Gul Hayat Institute, I can confirm that the International Institute of social History (IISH) has been impressed by the considerable efforts made by the Gul Hayat Institute (GHI) over the past eight years in preserving valuable historical material on Sindh society. IISH realizes that you and your family have sacrificed much for the realization of this archive in the village of Khair Muhammad Arija. IISH considers it important that such work should be facilitated in the future. In this spirit, we would like to suggest that GHI and IISH be affiliated to each other. The purpose of this affiliation is to help ensure that material on the history of Sindh and other parts of Pakistan be conserved for future generations. IISH is looking forward to co-operation with GHI in the exchange of information and in other ways that may be of mutual benefit. We trust that this affiliation will lead to a strengthening of the GHI as well as to more scholarly interest in the history of Sindh at the IISH. To this end, we invite you, Dr dur Mohammad Pathan, in your personal capacity as well as in that of Director of the Gul Hayat Institute, to initiate this new co-operation between our Institutes in Sindh. Your Sincerely, Pro. Willem van Schendel Asia Department Cruquiusweg 31 – NL-1019 AT AMSTERDAM – Tel 31-20-6685866 – Fax 31-20-6654181 ABN – AMRO Bank 41.13.90.805 – Postgiro 4740245 ………………

No comments:

Post a Comment