Wednesday 3 April 2024

SINDH in history today (4th April). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (4th April) & GOOD DAY WISH. ************ 4.4.1832: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ ۽ خيرپور رياست وچ ۾ معاهدو ٿيو, جنھن جون شقون هيون: 1). ٻنھي اسٽيٽس وچ ۾ دائمي دوستي رهندي, 2). ٻئي حڪومتون نسل در نسل هن دوستئ کي نڀائينديون ۽ هڪ ٻئي جي ملڪ تي قبضو نه ڪنديون, 3). خيرپور رياست پنهنجي حدن اندر سنڌوندئ خواه خشڪي رستن کي هندستاني/فرنگي واپارين کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندي, 4).خيرپور رياست ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني گڏجي واپارين لاء محصول مقرر ڪنديون ۽ فرنگي واپاري جي ڪا به رستي روڪ نه ڪئي ويندي. 4.4.1843: نيپيئر اڄ ڪمپني حڪومت کي خط لکي تفصيل ڏنا ته هو ماڻھن جو فرنگي حڪومت ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا اپاء وٺي رهيو آھي. نيپيئر اڄ ميرپور مان چانڊين جي سردار ولي محمد خان کي خط لکيو ته: اوهان حيدرآبادي ميرن جي جيڪا تعبيداري ڪئي, ان لاء مان تنهنجي عزت ڪريان ٿو. پر هاڻي مير سنڌ جا حڪمران نه رهيا آھن. هاڻي انگريز سرڪار جي حڪومت آھي. تون هن حڪومت سان ايئن وفاداري ڪر, جهڙي ميرن جي ڪندو هئين. پڪ هجئي ته اسان طرفان تنھنجي عزت ڪئي ويندي. سوچجانء ته مان ڇا پيو چوان. تون ڀلي پنهنجي جاگير سنڀال. پر ان ڳالھ جو خيال رکجانء ته جابلو ڦورو قبيلا سنڌ ۾ داخل نه ٿين. 4.4.1947: ڊسٽرڪٽ مسلم ليگ جي ڪوششن سان جيڪب آباد ۾ ”پاڪستان ڪانفرنس" جي شروعات ٿي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن کان سواء بلوچستان, پنجاب ۽ هندستان جي مختلف هنڌن تان وفد آيا. مختلف صوبن کان آيل "مسلم نئشنل گارڊ" جي دستن جي مارچ ۽ ڊسيپلين جو مقابلو ٿيو, جنھن ۾ ڪوئٽيه نئشنل گارڊ پهريون انعام کٽيو. هن ڪانفرنس جي صدارت بهار جي سابق وڏي وزير مسٽر يونس ڪئي. مير جعفر خان جمالئ سنڌئ ۾ آجياڻو ڏنو. قاضي عيسا ۽ ٻين مسلم ليگي اڳواڻن تقريرون ڪيون. 4.4.1955: مشتاق گورماڻي کي مغربي پاڪستان جو گورنر ۽ ڊاڪٽر خان صاحب کي وڏو وزير بڻايو ويو. ٻنھي جي مقرري پاڪستان جي گورنر جنرل ڪئي. 4.4.1972: آمريڪا اڄ بنگلاديش کي هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ طور تسليم ڪيو. 4.4.1977: پي.پي مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي اڄ راولپنڊئ ۾ حڪومت خلاف عورتن جو زبردست جلوس ڪڍيو. 4.4.1979: ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏئي, سندس لاش ڳڙھي خدا بخش قبرستان ۾ دفنايو ويو. 4.4.1992: راجا ظفرالحق جي قيادت ۾ قائم ڪيل ڪميشن سرڪار کي تجويز ڪيو ته 60000 ملازم نوڪرئ مان ڪڍيا وڃن ۽ 37 کاتا بند ڪيا وڃن. ************ {4 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} ************ [جنم ڏينهن:] 4 اپريل 1894ع فريڊم فائيٽر مولانا دين محمد وفائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 اپريل 1914ع گلوڪار، موسيقار، شاعر ۽ سياسي اڳواڻ کيئل داس فاني جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1919ع عالم، اديب، دانشور ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلوجي پيدائش جو جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1921ع اداڪار آنند آڏواڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1921ع گلوڪار ۽ ليکڪ ارجن سنگهه بجلاڻي (خيروديرو / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 اپريل 1933ع ليکڪ شهيد سومرو (آراضي) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1940ع شاعر شبير هاتف جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 اپريل 1942ع زرعي سائنسدان ڊاڪٽر عرض محمد انڙ جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1942ع ليکڪ زاهد علي مگسي (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 اپريل 1944ع وڪيل ۽ سياستدان نجم الدين ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1946ع شاعر عاجز ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1947ع اسڪالر ڊاڪٽر ممتاز بخاري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1947ع شاعر غلام محمد در (پيارو خان) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1949ع شاعر پرڪاش ديپ جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1950ع صحافي غلام مصطفى عباسي (فريد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1951ع صحافي دستگير ڀٽي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1953ع صحافي صابر علي شاهه (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1972ع ليکڪ مير خان جسڪاڻي (جسڪاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1973ع ليکڪ اظهار سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1973ع شاعر چندر ڪيسواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1978ع شاعر سائل پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 4 اپريل 1852ع شاعر غلام حسين مسڪين جو انتقال ٿيو. 4 اپريل 1913ع مولانا جهان خان دراني جو لاڏاڻو ٿيو. 4 اپريل 1965ع شاعر ثاقب منگي(ڪي اين شاهه) جو انتقال ٿيو. 4 اپريل 1979ع ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي اڍيالا جيل راولپنڊي ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. 4 اپريل 2008ع ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشهور اداڪار انور سولنگئ جو انتقال ٿيو. DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (4th April) & GOOD DAY WISH. ********** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Let us not stop circulation of feelings, emotions and sentiments. It will snatch our sensibilities and peace of mind. Let us not stop circulation of blood, it will cause abscesses on our body. Let us not stop circulation of water, it will affect fertility of land and convert it into desert. Let us not stop circulation of wealth, it will promote terrible poverty. Let them go ahead. Let us not stop our knowledge, experience and love. Exchanging and sharing will double them. Let us sacrifice everything to save our souls, love, beauty and peace. Because, it is only gateway to greatness.] هڪ دل ٻيو رت ٽيون پاڻي چوٿون دولت جي روڪيندين ڀوڳيندين, وڌندين پر ڪڏھن نہ کٽندين جي علم عقل پيار محبت تون ڏيندين, ڪندء پوء نينهن نشابر جي تون پنهنجي جانب تان سر گهوريندين, سو حياتيون تون توريندين تہ پاسو ڳورو سرت سونهن سلام جو. ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {4th APRIL} EVENTS: 1843: Charles Napier writes to Wali Muhammad Khan Chandio from Mirpur that ‘I know that you remained loyal to Talpur rulers and I appreciate it, but, now British is in power and you have remain unconditional loyal and faithful to it. You must keep in mind that what I am saying. Prove your worth as desired by British and required by loyalty and remain Head of your tribe. You have ensured that mountainous people are not entering Sindh and crating law and order situation. 1914: Sindh Madressah Old Boys’ Association organizes lecture program. Abdul Rahman and Mir Ayoob, both Bar at Law and old students of this school speak about the importance of Legal Profession. 1919: Sindh observe complete strike against police firing on procession of Hindus and Myslims in Delhi on 20th March 1919. 1947: ‘Pakistan Conference’ is held at Jacobabad by the District Muslim League. It is presided over by Muhammad Younis Ex-Chief Minister of Bihar. Mir Jaffar Khan Jamali, Chairman of the Reception Committee delivered his Well come address in Sindhi. The conference is attended by deluges from Punjab, Balochistan and other parts of India also. 1955: M.A Gurmani and Dr. Khan Sahib are appointed Governor and Chief Minister of newly imposed /created West Pakistan Province. 1979: Z.A.Bhutto is hanged in Rawalpindi Jail. His dead body is flown to Naudero, and buried in the family graveyard. Begum Nusrat Bhutto and Benazir Bhutto are not allowed to accompany the dead body.

No comments:

Post a Comment