Thursday 18 April 2024

SINDH in history today (19th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER, GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (19th April) & MY GOOD DAY WISH FOR YOU. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Our status & importance is because of sincerity, sacrifice and positive role & response of others. Beauty & peace are available for us, because of their cooperation & kindness. Hence, everybody deserves our love & respect without any condition. We have been receiving, taking and getting a lot. Hence, In the greater interest of ourselves and betterment of society, we must care about others, their desires & demands and needs & aspirations] ڪم اچن ۽ اينديون اسان کي، ڪنھن نہ ڪنھن جون قربانیون، محبتون محنتون نسبتون تن جون، آڻن اسان لاء سدا آسانیون، شل اسان ایئن نہ ڪڏھن ڀائیون، تہ آھي سونھن سلام سواء.‏‎ ‎ *********** ******** 19.4.1851: سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي لکيو ته ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ ”ڪنزرونسي بورڊ“ ٺاهڻ جي اجازت ڏيو. ياد رهي ته سنڌ ۾ ميونسپالٽين قائم ڪرڻ کان اڳ "ڪنزروينسي بورڊ“ ٺاهيا ويا هئا. ڇو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن وارو قائدو لاڳو ٿيل نه هو. ڪنزروينسي بورڊ تي ميمبر سرڪار ٿاڦيندي هئي ۽ اهي چونڊ ذريعي ڪونه ايندا هئا. 19.4.1854: صوبائي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته ڪراچئ ۾ استادن جي تربيت لاء ”نارمل ڪلاس" هلايو. اهي ڪجھ وقت هليا ته پوء ”نارمل اسڪول" جو روپ ورتائون. 19.4.1856: ڪئپٽن پيلئ نالي جاگيرن واري کاتي جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو. هن ٽالپورن جي چئن وڏن خاندانن: شاهواڻي, شھداداڻي, خاناڻي ۽ ماڻڪاڻي جي تاريخ لکي ۽ اها اڄ ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي. 19.4.1933: "هندو مها سڀا" جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برطانيه سرڪار طرفان جاري ڪيل "وائيٽ پيپر" خلاف احتجاجي گڏجاڻيون ڪيون ويون. "وائيٽ پيپر" ۾ ٻڌايو ويو هو ته سرڪار هندستان ۾ ڪهڙا آئيني سڌارا آڻڻ گهري ٿي. ان ۾ اهو به اشارو ڏنل هو ته سنڌ کي صوبائي خودمختياري ڏني ويندي. اها ڳاله سنڌ جي هندن کي پسند نه هئي. هو چاهن پيا ته سنڌ ممبئي پرڳڻي جو حصو رهي ۽ ان کي هڪ ڪمشنر هلائي. 19.4.1940: مسلم ليگ جي سڏ تي جتي جتي مسلم ليگ جون شاخون هيون, اتي "پاڪستان ٺھراء" جي پٺڀرائپ ۾ جلسا ٿيا ۽ ٺھراء پاس ٿيا. [ 1930 کان سنڌ جا هندو خواه مسلمان انڌ جي گهوڙي تي چڙھيا ۽ ٻنھي سنڌ کي نظرانداز ڪيو. هندو سنڌ کي صوبائي خودمختيارئ وارئ حيثيت ۾ ڏسڻ کان نابري واري ويٺا ۽ سنڌ کي ممبئي ماتحت رکڻ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا. اهڙئ طرح مسلمانن سنڌ جي ملڪي آزادي کي وساري آزادئ جي تحريڪ کي هندستان جي ورهاڱي جي تحريڪ بڻايو.] 19.4.1950: ملڪ جو وزير اعظم آمريڪي صدر ٽرومن جي ذاتي دعوت تي آمريڪا جي دوري تي ويو. سندس واپسئ کان پوء ملڪ ۾ ڪميونسٽن خلاف رڻ ٻاريو ويو. 19.4.1977: ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس حڪومت خلاف حالتون انگاس بڻجي ويون. پي.پي.پي ۽ پي.اين.اي جي ڪارڪنن وچ ۾ مختلف شھرن چڪريون ٿيون. هن طرف "پاڪستان ليبر الائنس" ڀٽي جي استعيفا ڏيڻ تائين ملڪ گير هڙتال ڪرڻ جو سڏ ڏنو. ************* {19 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 19 اپريل 1418ع سيد حسين شاهه مراد شيرازي (ٺٽو)جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 اپريل 1903ع ليکڪ ڀوڄ راڄ نانگراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 اپريل 1913ع ليکڪ جڳت آڏواڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1928ع لطيف جي پارکو ۽ رسالي تي ڪم ڪندڙ ٻانهون خان شيخ ڀٽ شاهه ۾ پيدا ٿيو. 19 اپريل 1934ع صحافي گهنشام منگلاڻي (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1937ع گلوڪار گرمک بجاج (لاڙڪاڻو / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1955ع اداڪار دليپ بچاڻي (الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1955ع ليکڪا عذرا جبين (ڪوٽڙي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1967ع ليکڪ، پبلشر ۽ شاعر علي گوهر الطاف ملڪاڻي(دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1975ع ليکڪ ۽ شاعر بخشل باغي(نوابشاهه) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 19 اپريل 1912ع خيرپور رياست جو اڳوڻي وزير شيخ صادق علي لاڏاڻو ڪري ويو. 19 اپريل 1974ع سابق صدر فيلڊ مارشل ايوب خان جو انتقال ٿيو. 19 اپريل 1970ع اردو جي مصنف ۽ ڊراما نگار امتياز علي تاج کي قتل ڪيو ويو. 19 اپريل 2015ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر الهورايو انور موج دل جي دوري سبب گلشن حديد ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. — 19th April BIRTH DATES Syed Hussan Shah MuradShirazi (Thatto/Saint/ Born 19th April 1418), BhojrajNagrani (Writer/ Born 19th April 1903), JagatAdvani (Hyderabad/Publisher & Writer/ Born 19th April 1913), GhanshyamMaghlani (Hyderabad >Ajmir/Journalist/ Born 19th April 1934), Gurmukh Bajaj (Larkano>Mombai/Musician/ Born 19th April 1937), DileepBachani (Ulhasnagar/Artist/ Born 19th April 1955), AzraJabeenMemon (Kotri/Writer/ Born 19th April 1955), Ali GoharAltafMalkani (Dadu/Writer/ Born 19th April 1967). DEATH DATES ShaikhSadiq Ali Khan (Minister Khairpur State/ Death 19th April 1912), GhulamHussain ‘Malang’ (Poet/ Death 19th April 1953). Field Marshal Ayub Khan (Death 19th April 1972) EVENTS 1841: The Governor-General of India orders keeping in view the season in mind, and impractible to covey heavy artillery through Bolan Pass, it shold be stored at Sukkur. 1923: Sindhi Hindus observe protest day against the ‘White Paper’. The call was made by Hindu MahaSabha. 1940: Sindh Muslim League observe ‘Pakistan Day’. Meetings are held and processions are taken out in various cities. 1950: Prime Minister of the Pakistan Liaquat Ali Khan leaves for U.S.A on a personal invitation from President Truman. It was a turning point in the foreign policy of the Pakistan resulting inclination towards anti-communist block and going near to U.S.A. 1954: Muslim League Party in the Constituent Assembly decides that both Urdu and Bengali should be the state languages of Pakistan. 1977: Pakistan Labour Alliance declares a nation-wide strike to last until Bhutto resigns. PIA pilots and flight engineers go on strike. 1989: Some circles doubt that Kahuta Nuclear Plant shut down is at the behest of American and Indian governments. 1995: Leader of opposition Mian Nawaz Sharif urges for peace treaty with India.

No comments:

Post a Comment