Tuesday 2 April 2024

SINDH in history today (3rd April). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH (including Pakistan) in History today (3rd April) & Good Day Wish. توجه طلب واقعا *************** 3.4.1839: ليفٽننٽ ليڪي خط لکي پاٽينجر کي ٻڌائي ٿو ته تنهنجي حڪم جي تعميل ۾ ترميم ٿيل معاهدو سمورن ميرن تائين پهچايو اٿم ۽ اهو به کين کولي ٻڌايو اٿم ته معاهدي ۾ گورنر جنرل بهادر پاڻ ڦير گهير ڪئي آھي ۽ مير ان کي هاڻي بدلائي نه ٿا سگهن. بس کين قبول ڪري دستخط ڪري مهر هڻي ڏيڻي آھي. هو لکي ٿو ته سيد تقي شاه مون سان ملڻ آيو ۽ ترميم شده معاهدي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين. هن چيو ته ميرن جو ڪراچئ تان هٿ نه پٽايو. هن چيو ته اسان جا مير اوهان سان سٺو هليا آھن. ھنن ٺٽو اوهان جي حوالي ڪيو آھي ته ڀلي اتي فوج رکو. هنن اوهان کي سنڌ مان افغانستان وڃڻ جو رستو ڏنو. ان ڪري اوهان جيڪو معاهدي جو متن ڏنو آهي, ان ۾ ڦير گهير ٿيڻ گهرجي. 3.4.1839: پاٽينجر اڄ برگيڊيئر والينٽ کي خط لکي ٻڌايو ته ڪراچئ ۾ ماڻھن ڪئپٽن ھينڊ کي ماري وڌو آھي ۽ ٺٽي مان وري 16 اٺ اسان جي فوجي ڇانوڻئ مان چوري ڪري ويا آھن. اها ميرن جي هشئ تي نه پيو ٿئي مگر سنڌي عوام اسان جو دشمن ٿي بيٺو آھي ۽ انهن کي روڪڻ کان مير بي وس آھن. 3.4.1839: برنس اڄ شاه شجاع جي نمائندي کي لکي ٿو ته سنڌ ۾ اسان خلاف مير به سازشون ڪري رهيا آھن. مون حيدرآبادي ميرن ۽ مير شير محمد جا خط پڪڙيا آھن. مير شير محمد ته اسان تي ٻريو ويٺو آھي. شاه شجاع جي ڏن بابت ميرن سان ڳالهيون هلي رهيون آھن. 3.4.1841: حڪومت ميرن جي آھي ۽ سندن اجازت خواه رضامندي سان مختلف هنڌن جي سروي انگريز ڪن ٿا !. راس بيل اڄ ميجر جنرل بروڪ کي لکي ٿو ته ڪئپٽن لي ميئرر سنڌ ۾ سروي جو ڪم ڪري رهيو آھي هن کي هڪ اڌ مددگار رکي ڏيو. 3.4.1918: فرنگين اسان جي اپر ڪلاس جي مٿي تي هٿ رکڻ لاء کين جاگيرون ڏنيون, لقب ۽ خطاب ڏنا. پر, وري گهڻو رت به انھئ طبقي جو چوسيو. ڪامورا سنڌ ۾ ڪنهن به هنڌ دوري تي ويندا هئا ته اسان جا جاگيردار ۽ وڏيرا جيري لاء ٻڪري ڪهندا هئا. کين راضي ڪرڻ لاء وڏي رقم رسائئ طور ڏيندا هئا. هن لاء روڊ رستا ٺيڪ ڪيا ويندا هئا ۽ مکڻ ماکئ جا ٽين ڀرائي کين ڏيندا هئا. رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ انھئ آزار کي ختم ڪرڻ لاء ڪائونسل/اسيمبلئ ۾ تحريڪ هلائي. سرڪار مجبور ٿي ڪري جسٽس هيورڊ جي سربراھئ ۾ "رسائئ ۽ لاپي لاء ڪميشن" ويهاري. اها ڪميشن اڄ ڪراچئ پهتي ۽ پوء ٻين ضلعن ۾ وئي ته جيئن مامري تي اپر ڪلاس کان شاهديون وٺي. سيٺ هرچندراء ۽ شيخ غلام حسين هدايت الله پڻ انھئ ڪميشن جا ميمبر هئا. هن ڪميشن جي رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي. 3.4.1919: 20 مارچ تي دهلئ ۾ عوامي جلوس تي سرڪار گولي هلرائي هئي. انھئ رياستي غنڊا گردئ خلاف اڄ سنڌ ۾ وڏي پئماني واري بک هڙتال ٿي. 3.4.1920: سنڌي ماڻھن ڪڏ ڏئي "مسلم ليگ" نالي سياسي جماعت ته ٺاهي, پر وڏين ڪوششن باوجود 1936 تائين ان کي آل انڊيا مسلم ليگ الحاق نه ڏنو. پر سنڌي مسلمان اهڙي ماٽيلي ماء واري سلوڪ کان مايوس نه ٿيا. پر پنھنجئ "سنڌ مسلم ليگ" کي فعال رکندا آيا. اڄ سيد اسدالله شاه ٽکڙائئ جي صدارت ۾ سکر ۾ ”سنڌ مسلم ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان چئن هزار سياسي سوچ رکندڙ مسلمانن شرڪت ڪئي. هي ميڙاڪو ٻه ڏينھن هليو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته "سنڌ مسلم ليگ" کي هر سطح تي فعال ڪيو ويندو. [ياد رهي ته خلافت تحريڪ هلڻ ڪري مسلم ليگ وارو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو] 3.4.1971: اوڀر پاڪستان جي بدلجندڙ حالتن کي نظر ۾ رکي غير ملڪي ڪنهن وقت وڃائڻ کان سواء لڏڻ لڳا. 3.4.1973: پيپلز پارٽئ ۽ پي.اين.اي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون. *************** {3 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 3 اپريل 1895ع شاعر مولانا ثناءُ الله ثنائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 اپريل 1929ع سماج سڌارڪ ميلارام آتمارام (مٺياڻي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1939ع صحافي، ليکڪ ۽ اڳوڻي سينيٽر يوسف شاهين جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1954ع شاعر عبداللطيف اداسي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 اپريل 1955ع شاعر ۽ ليکڪ مشڪور ڦلڪارو جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 3 اپريل 1964ع صحافي محمد صالح ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1968ع شاعر معصوم بخاري (مرزو جانوري) جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1971ع شاعر اسد سولنگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 اپريل 1976ع شاعر غلام نبي غلام جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1984ع شاعر رفيق جتوئي (گهرام) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 3 اپريل 1941ع شاعر مخدوم محمد دائود خادم جو انتقال ٿيو. *********** Dr. Pathan wishes you Good Day. [People having wandering souls will not accept any Golden Heart and respect sincerity and sacrifice. They have no peace of mind and will always mind business of their ego and interest. They only know to get and take, but will avoid to respond and reciprocate. They love to leave and forget. They are restless and not placed any where. But, my dear is beauty & love, kind and accommodating, peace and peaceful and sincere & selfless ] رمندا روح سڪون سواء ڪا جاء نہ ڪن ڪڏھن قبول, دليون ۽ دوست رشتا ناتا چاهن مٽائن تن جو معمول, ضد ۽ زوراورئ جو ۽ پاڻ مڃائڻ ٿيو تن سندو اصول, پر مانجهي من ۽ مڙس نہ ٿين ملول, نڀائن نينهن سدا. ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {3rd APRIL} EVENTS: 3.4.1836: A draft of new and amended treaty is handed over to Mir Noor Muhammad Khan and Mir Muhammad Khan and Mir Sobdar Khan. They are told that the orders of the Governor-Genral were final and no alteration could possibly be made in it. 1918: “Rasai Commission” starts taking statements from landlords and collecting evidences at Karachi. The Commission was constituted by the Government on the initiate of RaisGhulam Muhammad Bhurgri. Seth HarchandraiVishindas and Ghulam Hussain Hidayatullah were its members. 1920: Pir Syed Asadullah Shah of Tukhar presides over public meeting of Muslims at Sukkur. It is attended by more than 4000 participants belonging to various parts of Sindh. A committee is constituted to reorganize ‘Sindh Muslim League’. Jan Muhammad Junijo ,PirTurab Ali Shah and Pir Ali Anwar Shah are also included as members of the committee. This may Kindly be kept in mind that since 1917 Sindh Muslim League did its level best to get affiliated with the All-India Muslim League, but it was denied and the public meeting of today decided to reorganize their own Sindh Muslim League and not the branch of the All-India Muslim League. 1932: Sindh Congress observes ‘Gandhi Arrest Day’. Meetings are held in major cities and speeches are made against high handedness of the Government.1968: Pakistan dissociated itself from the final communique of the SEATO ministerial meeting. 1969: President Yahya Khan forms a three-member council of administration with himself as its chairman. The other members are DCMLA Lt.General Abdul Hamid Khan, Vice Admiral S.M.Ahsan and Air Martial Noor Khan. 1971: More than 100 British and Australian families arrives in Singapore from Dhaka as they find situation of East Pakistan taking new turn in history.

No comments:

Post a Comment