Tuesday 23 April 2024

SINDH in history today (24th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (24th April) & GOOD DAY WISH. * Dr.Pathan wishes you Good Day. [ I know that 'Life & love craft' is based upon the principle of 'give & take'. It is essential to surrender life so as to get love, and life must be decorated with sincerity and trust. Otherwise, will not be acceptable. I know that I will take and get as desired by you dear, and not as demanded by me. It is life and it is love] گھران پیو ھر پل سر ساه گھوریان، تو کان گھرڻ ناھي ڪم ڪو آسان، ڀل عشق امن ۽ نینھن ٿين نگھبان، پر تنهنجئ سونھن بنا رهبو نادان, قبولي قرب ڏئي ڪر تون احسان، رهي نہ ارمان سلام سان SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {24th APRIL} EVENTS: 1839: It is British Govt. rule in Sindh and Govt. can do whatever it wants. But, it opted to honour the right of property of people. Lieutenant Leckie directs Colonel Spiller, Commanding at Thatta that if wants to cut timber in Thatta area for any unavoidable reason, he must get permission from concerned property holders. 1938: Khilafat Tahrik was a religious - oriented movement. After the abolution of the Khilafat institute by Turkey, Sindh Khilafatees stood disappointed and hunted for parties having religious touch or slogan. They founded it fit to joinhands with Muslim League. That is why, today, Sindh Khilafat Committee, in its meeting held at Hyderabad, resolves and asks Sindhi Muslims to join Muslim League. 1959: In the event of external threat, Pakistan and India must defend jointly with extending cooperation to each other, suggests Pakistan. 1968: It has been trend and tradition of the Pakistan politics in early days that people working in foreign office were appointed as ministers or prime ministers. Arshad Hussain, Pakistan's High Commissioner in India is appointed as the Foreign Minister of Pakistan, today. 1989: Prime Minister Benazir Bhutto launches Peoples' Program in Peshawar. Akbar Bugti Chief Minister declares to oppose its implantation in Balochistan and terms it amounting to infringing the status of provincial autonomy. 1995: Prime Ministers of Pakistan and Bangladesh agree to repatriate 250000 **** توجه طلب واقعا *************** 24.4.1839: ٺٽي ۽ جهرڪن ۾ فرنگي فوج کي ترسائڻ لاء ڪاٺ جا ڪچا گهر ٺاهڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي, ڏکڻ سنڌ واري فرنگي اسسٽنٽ سفارتڪار ميرن کي لکيو ته ٺٽي جي آس پاس واري ٻيلي مان ٽمبر جا وڻ ڪٽڻ جي اجازت ڏيو. 24.4.1844: انگريزن فريب سان حڪومت قائم ڪئي ته ان کي قائم رکڻ لاء اپر ڪلاس کي جاگيرون يا ٻيو ڪجھ ڏئي پنهنجي ڌر بڻايو ٿرپارڪر ۾ راڻن کي راضي ڪرڻ لاء کين ڪي ڳوٺ ڏيڻ يا ڏوڪڙ ڏيڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي. گورنر جي پڇڻ تي اڄ حيدرآباد جي ڪليڪٽر خط لکي کيس صلاحون ڏنيون ته عمرڪوٽ جي راڻن کي راضي ڪرڻ لاء ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن. 24.4.1919: چوندا آھن ته "پراوين دهلين احمق نچي". انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي اپر ڪلاس ايئن ئي ڪيو ۽ ڏاڍو نچيو. اتحادي ملڪن جنگ ۾ ترڪئ کي شڪست ڏني ته اپر ڪلاس جي ڪيترن ماڻھن کي موقعو مليو ۽ هنن فرنگي سرڪار کي انھئ سوڀ تي مبارڪون ڏنيون. اهي مبارڪون سنڌ جي ڪمشنر معرفت ممبئي سرڪار کي موڪليندا هئا ۽ سرڪار وري اهي سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪرائيندي هئي. سنڌ مان جن به سرڪار کي مبارڪون ڏنيون, انھن جا نالا گل حيات ۾ محفوظ آھن. اڄوڪئ تاريخ تي جن ماڻھن سرڪار کي ترڪئ کي شڪست ڏيڻ ۽ جنگ ۾ سوڀ ماڻڻ تي مبارڪون ڏنيون, انھن مان سيوهڻ جي راء صاحب جواهر سنگ ۽ نامياري سياستدان ۽ ان وقت جي ڪراچي ميونسپالٽئ جي صدر سيٺ ھرچندراء وشنداس جا نالا ذڪر لائق آھن. 24.4.1938: مولوين ۽ ملن پوک پوکي ۽ اها لڻي وري مسلم ليگين. خلافت تحريڪ سنڌين ۾ انگريز-دشمنئ جو ٻج ڇٽيو ۽ آزادئ جي تڙپ پيدا ڪيو. جڏهن اهو سلو وڌي وڻ ٿيو ته ساڳين ئي عالمن عوام کي صلاح ڏني ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃو. عوام ايئن ئي ڪيو ۽ نتيجي ۾ آزادئ جي تحريڪ پاڪستان ۽ ورهاڱي تحريڪ جو روپ ورتو. اڄ حيدرآباد ۾ سنڌ خلافت ڪميٽئ جو اجلاس ٿيو, ان ۾ ٺھراه پاس ڪيا ويا ته: 1). مسلمان مسلم ليگ ۾ شامل ٿين, 2). مسجد منزل گاه مسلمانن کي موٽائي ڏني وڃي ۽ 3). لنوارئ جي جڙتو حج تي پابندي وڌي وڃي. 24.4.1968: پاڪستان ۾ جهموريت ۽ سياست جي ڀينگ ڪرڻ جا جيڪي نت نوان تجربا ڪيا ويا, انھن مان هڪ اهو به آھي ته سفيرن کي گهرئي وزير يا وزير اعظم بڻايو ويو ۽ انھن کي اهڙي ڪن جن به ڪانه هئي. محمد علي بوگرو آمريڪا ۾ سفير هو, کيس اتان گهرائي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو. اڄ انڊيا ۾ پاڪستان جي سفير ارشاد حسين کي گهرائي ملڪ جو پرڏيهي وزير بڻايو ويو. 24.4.1973: مخالف ڌر جي اتحاد "يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ" ڀٽي-حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جي.يو.آء ۽ نئشنل عوامي نئشنل پارٽئ جي ڊاهيل حڪومتن کي بحال ڪريو. 24.4.2003: "عبدالحق عالماڻي يادگار ڪميٽئ" طرفان ڳوٺ سونو خان عالماڻئ ۾ ڪهاڻيڪار عبدالحق عالماڻئ جي 29 ورسي ملهائي وئي. ان ۾ شوڪت شوري, عبدالقادر جوڻيجي ۽ ٻين مرحوم جي فن, فڪر ۽ شخصيت تي روشني وڌي. *************** {24 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 24 اپريل 1890ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد نورنگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 اپريل 1899ع هالا سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ بزرگ مخدوم غلام حيدر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 اپريل 1943ع تعليمدان ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1947ع شاعر علينواز ناز تنيو جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1951ع سياستدان سيد محسن شاهه بخاري(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1954ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاري(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1965ع شاعر عاشق امر سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1965ع مشهور پوليس عملدار اي ڊي خواجه(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 24 اپريل 1917ع مذهبي اسڪالر مخدوم الهه بخش کهڙوي جو انتقال ٿيو. 24 اپريل 1901ع مذهبي اسڪالر مخدوم غلام عمر مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 24 اپريل 1950ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن خداداد خان سرهيو (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو. 24 اپريل 2003ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزادئ جي وفات ٿي. 24 اپريل 2007ع شاعر راز سروري (باڊهه) لاڏاڻو ڪري ويو. 24 اپريل 2013ع گلوڪاره شمشاد بيگم لاڏاڻو ڪري ويو. Biharis to Pakistan

No comments:

Post a Comment