Saturday 13 April 2024

SINDH in history today (14th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (14th April) & GOOD DAY WISH. توجه طلب واقعا ************* 14.4.1832: ميرن سان معاهدي ڪرڻ لاء سنڌ ۾ موڪليل فرنگي سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي پنهنجي ڪارگذاري رپورٽ مڪلي ته: 1). مير رستم علي خان, مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد کي معاهدي جو متن پهچايم. 2). مير رستم علي خان ضد تي آھي ته معاهدي جي هڪ اڌ شق بدلائي وڃي. 3). مير رستم علي خان سوکڙيون پاکڙيون موڪليون آھن, جيڪي هڪ هزار روپين جون ٿينديون, 4). مير علي مراد خان جي خواهش آهي ته فرنگي سرڪار هن سان الڳ معاهدو ڪري. 14.4.1857: سرڪار کي خيال ٿيو ته ڪراچئ کان سيوهڻ تائين جبلن منجهان ريل جو رستو ٺاهجي. ان لاء اڄ ڪئپٽن ڊانيال تفصيلي رپورٽ ٺاهي سنڌ جي ڪمشنر کي موڪلي. 14.4.1936: سنڌ جي گورنر سر لينسلاٽ گرهام نئين صوبي جي عبوري طور تي انتظام ۾ مدد ڏيڻ لاء “صلاحڪار ڪميٽي" ۽ "سنڌ ڪائونسل" مقرر ڪيون. صلاحڪار ڪميٽئ سر غلام حسين هدايت الله جي سربراهئ ۾ قائم ڪئي وئي. جڏهن ته سر شاهنواز ڀٽي ۽ ديوان هيرانند کي ان تي ميمبر طور رکيو ويو. سنڌ ڪائونسل ۾ وري انھن کي ميمبر بڻايو ويو, جيڪي هن کان اڳ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر هئا. 14.4.1967: آمريڪا اڄ فرانس, برطانيه ۽ ٻين ملڪن کي صلاح ڏني ته پاڪستان کي اسلحو وڪرو نه ڪيو. 14.4.1972: قومي اسيمبلئ جي اجلاس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو 104 ووٽ کڻي پاڪستان جو صدر چونڊجي ويو. 38 ووٽ سندس خلاف پيا. 14.4.1974: وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي وعدو ڏنو ته 15 مئي کان بلوچستان ۾ سولين ايڊمنسٽريشن لاڳو ڪيو ويندو ۽ ان کان اڳ فوجي آپريشن بند ڪيو ويندو. 14.4.1977: اسلام آباد ۾ پي.اين.اي طرفان حڪومت خلاف عورتن جو جلوس ڪڍيو ويو. 14.4.1993: صدر اسحاق ۽ وزير اعظم نواز شريف وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ويون. ملڪ ۾ سياسي گهوٽالو اڃا وڌيڪ زور وٺي ويو. 14.4.1994: مير مرتضا ڀٽي کي سنڌ هاء ڪورٽ ضمانت تي آزاد ڪيو. ************* 14 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 14 اپريل 1858ع خيرپور رياست جي سابق وزير محمد يعقوب شيخ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 اپريل 1881ع نواب غيبي خان چانڊيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 اپريل 1914ع آرٽسٽ نيوند رام سوني (شڪارپور / احمد آباد) جي پيدائش ٿي. 14 اپريل 1920ع ليکڪ چندو لال جي سنگهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1920ع ناٽڪ نگار آنند ڪندن مل آڏواڻي(ڪراچي) جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1924ع سياستدان ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ جو جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1925ع ليکڪ احسان بدوي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1942ع شاعر سيد مدد علي منظر جو جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1970ع شاعر پٺاڻ بڙدي (عبدالله بڙدي) جو جنم ڏينهن آهي. 14 اپريل 1982ع صحافي طارق لطيف (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 اپريل 1983ع شاعر نوشاد ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 14 اپريل 1847ع حيدرآباد جي اڳوڻي حڪمران هز هاء نيس مير نصير خان جو لاڏاڻو ٿيو. 14 اپريل 1891ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائئ جي وفات جو ڏينهن آهي. 14 اپريل 1952ع خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير فيض محمد ثاني جو انتقال ٿيو. 14 اپريل 1992ع ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ماهوار سهڻي جي ايڊيٽر طارق اشرف جو لاڏاڻو ٿيو. 14 اپريل 1992ع شاعر سومرو سودائي (دادو) جو انتقال ٿيو. 14 اپريل 2007ع اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو انتقال ٿيو. 14 اپريل 2010ع مذهبي اسڪالر، مفڪر ۽ عالم دين ڊاڪٽر اسرار احمد جي وفات ٿي. 14 اپريل 2012ع سياستدان عبدالسلام ٿهيم جو لاڏاڻو ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Everything in this Universe is speaking, what not you? Listen and see twinkling stars, the lovely Moon light shimmering through the waters. See day and light, listen nature & beauty, they all are speaking with you. Speak and respond them. My Dear! Don't be silent. Speak loudly. Speak about your strength. Speak about your beauty & love. Speak about your vision & wisdom.] هئ تان ناھي نفي ۽ نہ ئي ڪا اثبات، تنھنجی جيڪا اصلي آھي چپ چپات، نہ ئي ڏینھن پرين نہ ئي رات یا پرڀات، سپنن بدران هئ سورن جي ئي سوغات، ڪا تان لنئون لات، سونھن ۽ سلام جي. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th APRIL} EVENTS: 1832: Colonel Pottenger gives details of his Diplomatic services to his Government. He writes that he had a last interview with Mir Rustam Khan, Mir Mubarak Khan and Mir Ali Murad Khan when the Treaty was exchanged between the parties. Mir Rustam Khan suggested certain modifications to be made in the treaty but it regretted and refused. Mir Rustom was really disposed to form close alliance with British but he was restrained by his brother and Mir Murad Ali Khan of whom he could not be said to be independent.1921: A meeting of Anti-Non-Cooperation Society is held at the Bungalow of Thakurdas Khemchand ex- president of the Hyderabad Municipality. It is attended by Mirza Kalich Beg, Mukh iHarkhishindas; Lokomal GobindBux; Jethasing Narainsing; Gopaldas Mangharam and others. It is resolved that unconditional cooperation will be extended to the Government for checking the mischievous activities of the Non-Co-Operation Movement launched by Khilafat and Congress. This may kindly be noted that the Society was formed at Hyderabad with Diwan Lilaramsing Watanmal ‘Khaki’ as its president, Thakurdas Khemchand as Secretary and Diwan Hashmatrai as the Chairman of its Working Committee. It was first Society of Sindh that was formed by eminent poets ,writers and people belonging to Upper Class to help and support the Government.1936: The Sindh Governor constitutes ‘Sindh Council’ and ‘Advisory Committee’ to look after government administrative affairs till the election is held and new elected government of the new province is coming into existence. It is headed by Sir Ghulam Hussain Hidayatullah. Whereas Sir Shahnawaz Bhutto, Diwan Hiranand and ex-members of the Bombay Council are its members. 1972: On the first day of the National Assembly session Z.A.Bhutto is elected President of Pakistan by 104 votes to 38 against. He was the first politician, who remained as Minister, Dy. Prime Minister; President and Chief Martial Law Administer and also was hanged. 1977: It is first event in a nature that PNA consisting of religious parties and advocating Pardah for women-folk, have brought women on roads to march against Z.A.Bhutto and his Government. It proves that ‘everything is right in love and war’.

No comments:

Post a Comment