Thursday 25 April 2024

SINDH in history today (26th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (26th April) & GOOD DAY WISH. ÷÷÷÷ Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Whatsoever is in my heart and mind, I must share it with you. When I am encircled with sorrows & longings, I have to pray for protection. When demands of my instincts & nature are disturbing me, I have to request you for support. Becaue, only you are my hope. I know, you will accept or regret as desired by you. But, it is not my problem. Problem will be there, when I am not at your door. Because, you are kind and symbol of kindness ] تو در نہ دانهيان دل دنيا جا درد نہ ٻڌايان؟ ساجن سياڻان آئون ايڏو ڪو پاڳل ناهيان, ڪنهنجي اڳيان نيڻ وهايان سيس نمايان؟ ندئ ڪنڌئ تي صدين کان پياسو ئي آھيان, عيبن-هاڻو پر ڪو ٺاه ٺڳئ جو نٿو ٺاهيان, ڏي ستي سونهن سلام جي اهو ٿو چاهيان, سڀ کي سمجهايان, شفقت ۾ شان هزارين ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th APRIL} EVENTS: 1843: Charles Napier, Governor of Sindh Is directed to follow the Bengal Account System with regard to the accounts of receipts and disbursement in the Province of Sindh. 1920 In connection with tour of Sindh, Mahatma Gandhi arrives at Karachi. He is accorded warm welcome by Hindus, Muslims and Congress party workers. 1934: 3rd Sindh Azad Conference is held at Sukkur with K.B. PirBux as its president. It is aimed at to create awareness about the importance of the separation of Sindh from Bombay Presidency. 1937: Thirty six members of the Sindh Assembly meet at Karachi and form Democratic Party with the following office bearers: Sir GhulamHussainHidayatullah (Leader), MukhiGobindram (Dy. Leader); Mir Bandeh Ali (Dy. Leader), K.B. Muhammad AyubKhuhro (General Secretary); Nihchaldas (General Secretary); Mir Ghulam Ali Talpur (Joint Secretary) and Syed Miran Muhammad Shah (Whip). 1950: Pandit Jawaharlal Nehru, Prime Minister of India, arrives in Karachi to discuss various inter-dominion problems with Liaquat Ali Khan. 1958: A statement on Pakistan’s balance of payment for 1957 shows a deficit of Rs.40.11 crores. 1971: Pakistani diplomats are barred from leaving India without prior permission. India’s Dhaka mission ceases to function. 1974: Prime Minister Z.A.Bhutto inaugurates the 150 KW high-powerdmediem wave transmitters for Quetta Radio station. 1981: New Punjab cabinet is sworn in . Nawaz Sharif gets portfolio of Finance. ÷÷ توجه طلب واقعا ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ 26.4.1842: ميجر آئوٽرام پنهنجئ سرڪار کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته پنجن ڳوٺن جي مالڪئ تي خيرپور جي ميرن وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ته هنن راس بيل کان فيصلو ڪرايو. ان فيصلي مطابق پنجئي ڳوٺ مير علي مراد خان کي مليا. [والي ۽ حڪمران ته مير هئا,پر هنن فرنگي سفيرن کي معتبر ڄاڻائي پنهنجا فيصلا انھن کان ڪرايا. فرنگين کي ويڙھائڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ويو] 26.4.1843: ڪمپني حڪومت اڄ سنڌ جي گورنر نيپيئر کي لکيو ته سنڌ جو مالي انتظام ۽ آمدني روانگئ جو رڪارڊ بنگال صوبي وانگر رکيو وڃي. 26.4.1850: سنڌ جي ڪمشنر ۽ فوجي اڳواڻ برگيڊيئر جنرل وچ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪئنٽومينٽ جي قيام ۽ ايراضئ بابت لکپڙھ ٿي 26.4.1914: انگريزن جي حڪومت کان ماڻهن کي وڏو ڊپ هوندو هو. پر ڪي شاهينگ هن فيل مست حڪومت کي به ڪونه بخشيندا هئا. قمبر مان سرڪار جا ٻه ڏاند چوري ٿي ويا. هڪ جي قيمت 60 روپيا هئي ۽ ٻئي جي قيمت 80 روپيا هئي. پوليس هڻي هنڌ ڪيو, پر چور پڪڙي نه سگهيا. ياد رهي ته ڪن شهرن ۾ نار هلائي شهرين کي پاڻئ ڏيڻ لاء ڏاند هلائبا هئا. 26.4.1920: گانڌي سنڌ جي دوري ڪرڻ لاء ڪراچئ پهتو. هو ان کان پوء به ڪيترا دفعا سنڌ ۾ آيو. هو سنڌي هندن لاء ”روحاني سياستدان" جي حيثيت رکندو هو. گانڌئ سنڌ جي مسئلن, خاص ڪري حر تحريڪ ۽ مسجد منزل گاه تحريڪ تي پنهنجئ اخبار ۾ گهڻو لکيو. ورهاڱي کان اڳ ڪجھ سنڌي ڪانگريسي وفد ڪري وٽس ويا هئا ته سنڌ کي "هندو سنڌ" ۽ "مسلم سنڌ" ورهايو, جيئن پنجاب ۽ بنگال ورهائيندا. پر گانڌئ اها ڳالھ ڪانه مڃين. 26.4.1937: سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلئ جي 24 مسلمان ميمبرن ۽ 12 غير مسلم ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ ”سنڌ اسيمبلي ڊيموڪريٽڪ پارٽي" جوڙي وئي ۽ ان لاء ھن ريت عهديدار چونڊيا ويا: سر غلام حسين هدايت الله (ليڊر), مکي گوبندرام (ڊپٽي ليڊر), مير بنده علي (ڊپٽي ليڊر), محمد ايوب کهڙو (جنرل سيڪريٽري), نھچلداس وزيراڻي (ڊپٽي ليڊر), مير غلام علي ٽالپور (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ سيد ميران محمد شاه ۽ نھچلداس (ٻئي وهپ) 26.4.1952: نڀاڱي نيپيئر کي ڪراچئ جي محل وقوع, دفائي ۽ تجارتي اهميت جي خبر هئي. ان ڪري هن ڪراچئ کي دارالحڪومت بڻايو. پاڪستان جڙيو ته ان کان ٿورو اڳ مسلم ليگ پاڪستان جي دارالحڪومت لاء لاهور, ڍاڪا ۽ ڪراچئ تي سوچي, فيصلو ڪيو ته ڪراچئ کي گادي بڻائبو. ان پٺيان وڏو راز هئ هو ته اقتدار ۾ ويٺل ٻاهران آيل هڪ اڌ سياستدان کي پنهنجي لاء حلقه انتخاب ٺاهٺو هو ۽ ان لاء اتي پناهگير آباد ڪرڻا هئا ته جيئن آسانئ سان ووٽ وٺي سگهجي. جڏهن اهي مقصد حاصل ٿيا ته ملڪ جي گادي اسلام آباد ۾ ٺاهي وئي. ڪراچئ ۾ پناهگير پهتا ۽ سنڌين جي آدم شماري ٿوري اثرانداز ٿي ته ڪراچئ کي ڇني سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون ڳالهيون شروع ٿيون. اهڙين حالتن پيدا ڪرڻ ۾ سرڪاري نيتن ۽ سرپرستئ کي وڏو عمل دخل رهيو. اڄ وڏئ سرڪار طرفان اعلان ڪيو ته 28 اپريل کان ڪراچئ جي حيثيت مٽائي ان کي "ڪمشنر جو صوبو" بڻايو ويندو . ان لاء ڊفينس جي جوائنٽ سيڪريٽرئ ابو طالب نقوئ کي ان ڪراچئ جو چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ {26 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 26 اپريل 1932ع اسلامي مفڪر، عالم دين ڊاڪٽر اسرار احمد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 اپريل 1981ع ليکڪا بينظير ملڪاڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 26 اپريل 1945ع بزرگ خليفي غلام محمد (جاتي) جو انتقال ٿيو. 26 اپريل 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا سيد امير محمد جو لاڏاڻو ٿيو. 26 اپريل 2012ع شرناءِ نواز فنڪار امام ڏنو فقيرحيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment