Wednesday 10 April 2024

SINDH in history today (11th April). Author Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY{11th APRIL} EVENTS: ڪمپني حڪومت اڄ پاٽينجر کي سنڌ موڪليو ته جيئن هو ميرن سان معاهدا ڪرڻ لاء ڳالهيون هلائي. پاٽينجر سنڌ ۾ انتهائي نازڪ دور ۾ پنهنجئ منافقت واري سفارتڪاري ڪئي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کي ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ جي ترغيب ڏني. هن پنهنجي سفاتڪارئ واري دور ۾ سنڌ منجهان جيڪا به خط و ڪتابت ڪئي, ان کي ترتيب ڏئي, ڊاڪٽر پنهنجئ ويب سائيٽ تي رکيو آھي. 1851: سنڌ جي ڪمشنر بيگاري واه جي ڊيگھ وڌائڻ لاء ممبئئ جي صوبائي حڪومت سان لکپڙھ شروع ڪئي. سندس اها ڳالھ صوبائي حڪومت پسند ڪري هن کي گهربل اجازت سيپٽمبر مهيني ۾ ڏني. 1923: جمعت العلماء سنڌ“ جي ڪراچئ ۾ ٽه روزه گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ پارٽي امور تي فيصلن ڪرڻ کان علاوه متفق طور تي ٺھراه پاس ڪري وطن جي آزادئ کي مذھبي تعليم جي عين مطابق قرار ڏيندي سنڌي مسلمانن کي انهئ تحريڪ ۾ ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪرڻ تي زور ڏنو. 1932:حيدرآباد ضلعي جي خلافت ڪميٽئ جون ساليانيون چونڊون ٿيون. فيصلو ڪيو ويو ته پارٽئ کي وڌيڪ فعال ڪري, آزادئ جي تحريڪ کي عوام جي مقبول تحريڪ بڻائبو. 1965: انڊيا ميزائيل ۽ راڪيٽ ٺاهڻ جي شروعات ڪئي. 1969: پاڪستان سرڪار اقوم متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر جو توجھ ڇڪرائي تدارڪ ڪرڻ جي گذارش ڪئي ته انڊيا ڪشميرين جي جائداد تي قبضا ڪري رهي آھي. 1973: پاڪستان جي قومي اسيمبلئ متفق طور تي ملڪ جو آئين منظور ڪيو. ٽن ميمبرن: محمد علئ قصورئ, احمد رضا قصورئ ۽ مولانا شاه احمد ووٽنگ ۾ حصو نه وتو. 1974: پاڪستان سرڪار پڌرو ڪيو ته حڪومت چين کي چوندي ته اقوام متحده جي ميمبر ٿيڻ لاء بنگلاديش جي رستا روڪ نه ڪري. 1977: ڀٽي مخالف سياسي اتحاد جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ته عوام کي تاڪيد ڪيو ته سرڪاري ٽيڪس ۽ بل نه ڀريو. 1995: الطاف حسين ۽ نواز شريف لنڊن ۾ ملاقات ڪري, پاڻ ۾ پڳ مٽ ياري رکڻ ۽ بينظير حڪومت جي پاڙ پٽڻ جو فيصلو ڪيو. 11 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 11 اپريل 1934ع پروڊيوسر ممتاز اعواڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1934ع ناليواري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار فضل احمد بچاڻي(ٽنڊو الهيار) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1944ع شاعر ڊاڪٽر عابد لغاري (تاجپور) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1947ع سياستدان ارباب کهاوڙ(وارهه) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1951ع شاعر ڪنيو سڌواڻي (احمد آباد) جيجنم جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1949ع بيوروڪريٽ اشفاق ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1960ع سگهڙ اصغر منگي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1960ع شاعر عبدالمجيد مغيري جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1971ع شاعر ڪوثر هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1986ع شاعر نذير سروهي (گمبٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1990ع شاعر عجب شيخ جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 11 اپريل 1869ع بزرگ سيد علي محمد شاهه ديرائي جو لاڏاڻو ٿيو. 11 اپريل 1931ع فريڊم فائيٽر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد جي وفات ٿي. 11 اپريل 1966ع شاعر عبدالستار جان پير جو انتقال ٿيو. 11 اپريل 1983ع مشهور گلوڪار احمد رشدي جو انتقال ٿيو. 11 اپريل 2004ع شاعر هري درياڻي دلگير (لاڙڪاڻو / آديپور) جي ديهانت ٿي. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Human-being is neither Angel, nor Satan; but wonderful & beautiful creation with best qualities of sincerity & trust and love & beauty. Whoever claims of being only pious & wise, is dodging himself/herself and others. Because, provision of limitations & mistakes is also part of Human nature] هئ جو آھي آدمي ۽ ان جو مقام شان، سو نہ ڪي فرشتو نہ ڪي آھ شیطان. اهو ماٹھو اتم عظيم امر ٿئي عاليشان، جڏھن بٹجي ٿو ھو مثالي هڪ انسان، قبولج تون هن کي نہ ڪر وهم ۽ گمان ڪر زندگي آسان نہ ڪر اجايو ارمان،‏‎

No comments:

Post a Comment