Sunday 21 April 2024

SINDH in history today (22nd April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Dr. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (22nd April) & GOOD DAY FOR YOU. **** توجه طلب واقعا *************** 22.4.1832: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته اسان جي ماڻھن ۽ واپارين کي ٿر ۽ پارڪر ۾ ڦريندڙن ۽ رستا روڪ ڪندڙن خلاف مير مراد علي خان حيدرآبادئ سخت قدم کنيا آھن ۽ اسان جو ڏوهي اسماعيل خان اسان جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اهو قيدي هن وقت لکپت ۾ آھي ۽ اوهان ڪئپٽن رابرٽ کي موڪليو ته قيدي اسماعيل خان سندس حوالي ٿئي. [مير حڪمرانن پنهنجي ماڻھن کي پاڻ سزا ڏيڻ بدران فرنگين جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو !!!!] 22.4.1838: پاٽينجر, منشي ڄيٺانند کي مير شير محمد خان ڏي ميرپور خاص موڪليو ته جيئن هن کي قائل ڪري مڃرائي سگهي ته ڪمپني حڪومت هن سان الڳ معاهدو ڪري. [فرنگين اها چال چلي ته ايئن ميرن سان الڳ الڳ معاهدا ڪري, کين هڪ ٻئي کان ڪٽي ڌار ڪجي. ۽ هو ان ۾ ڪامياب ويا] 22.4.1843: ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر نيپيئر کي "غلامن جي واپار" تي ڪڙي نظر رکڻ جي هدايت ڪندي حڪم ڏنو ته ممبئي سرڪار جي سرڪيولر نمبر 1841 مورخه 3 جولاء 1841 مطابق "غلامن جي آمدني واپار" تي بندش وجھ. 22.4.1916: سنڌ پراونشل ڪانفرس, جيڪا ڪالھ لاڙڪاڻي ۾ شروع ٿي هئي, اڄ اها ٻيو ڏينھن هلي پوري ٿي. ڪانفرنس جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ ڪئي. ان جو مڪمل احوال گل حيات جي ويب تي موجود آھي. منھنجي پٽ ممتاز علئ به هن ڪانفرنس تي مختصر مگر جامع پوسٽنگ لکي انٽرنيٽ گروپن تي شيئر ڪئي آھي. 22.4.1922: ٺلاه وارو پير مٺل شاه راشدي (صدر خلافت ڪميٽي) ۽ محمد صادق (سيڪريٽري) انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 108 هيٺ پڪڙيا ويا. ياد رهي ته ٻنھي تي ڪيس هليو ۽ ٻنھي کي جيل جي سزا آئي. 22.4.1935: آل انڊيا مسلم ليگ ڪراچئ ۾ عبدالقيوم جي تدفين ڪرڻ لاء ڪڍيل جلوس تي پوليس طرفان گولي هلائي ڪيترا ماڻھون مارڻ واري واقعي تي احتجاجي بيان جاري ڪيو, جيڪو "ڊيلي گزيٽ" اخبار واري اڄوڪي پرچي ۾ صفحي 6 تي شايع ٿيو. عبدالقيوم نٿورام کي ڪيس هلندي ڪورٽ ۾ ماريو هو. نٿورام ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايو, جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪيل هئي. اهو ڪتاب پهريون پنجاب ۾ ڇپيو هو ۽ ليکڪ تي ڪيس هليو هو ۽ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو هو. 22.4.1938: شڪارپور ۾ سيد عطا الله شاه بخارئ امرتسرئ جي صدارت ۾ ”چوٿين سنڌ مسلم ڪانفرنس" ٿي. هن ڪانفرنس ۾ 18 ٺھراء پاس ڪيا ويا, جن مان ڪي هئا: فلسطيني عربن سان همدردي, ديسي مال واپرائڻ, ڪرمنل ٽرائيبس ائڪٽ ختم ڪرڻ, فرنٽيئر ريگيوليشن ائڪٽ رد ڪرڻ, اسڪولن ۾ مذھبي تعليم لازمي ڪرڻ ۽ رشوت ۽ شراب بند ڪرڻ وغيره. 22.4.1939: ڪراچئ ۾ ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ" جي ورڪنگ ڪميٽئ جي سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. هن گڏجاڻئ ۾ مسلم ليگ کي سنڌ ۾ فعال ۽ مقبول بنائڻ لاء ڪيترا فيصلا ڪيا ويا. 22.4.1954: وڏي سرڪار فيصلو ڪيو ته اردو ۽ بنگالي, ٻئي قومي ٻوليون ٿينديون. ڪراچئ ۾ بنگالئ کي قومي ٻولي بنائڻ وارئ ڳالھ تي شديد ردعمل ٿيو ۽ وڳوڙ ٿيا. [اسان وارا سياستدان ۽ اديب رلهي پائي ستا رهيا ۽ پنهنجئ ٻولئ جي حيثيت مڃرائڻ لاء ڪا ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائون] 22.4.1977: ڀٽي جي مخالفن ملڪ ۾ گنڀير وڳوڙي حالتون پيدا ڪري وڌيون, ان ڪري ڪراچئ, لاهور,حيدرآباد ۽ راولپنڊئ ۾ مارشل لا لڳايو ويو. 22.4.1978: سنڌ جي سابق وزير بشير احمد شاه کي چونڊن وڙھڻ کان نااهل ڪيو ويو. *************** {22 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 22 اپريل 1927ع مذهبي اسڪالر پير فضل الحق (جهنڊو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 اپريل 1941ع شاعر عبدالحق عابد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 اپريل 1974ع ليکڪ وقار حنيف ملاح جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 22 اپريل 1788ع بزرگ مخدوم سخي هارون لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 1902ع شاعر ميان نور محمد پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 1957ع غلام صديق عيساڻي انتقال ڪري ويو. 22 اپريل 1973ع شاعر عابد عاقلي لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 2007ع استاد ۽ تعليمي ماهر احمد خان هيسباڻي لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 2008ع اسٽيج اداڪار، صداڪرا ۽ هدايتڪار محمد صديق پرهياڙ جو انتقال ٿيو. 22 اپريل 2011ع اداڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر معين اختر وفات ڪري ويو. 22 اپريل 2012ع تي گلوڪار ماسٽر منظور جو سندس ئي گهر مان گولي لڳل لاش مليو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ If you are not accepted alog with your all colors, create new world for you full of love and beauty. If nobody can fall in love, fall in love with your Self. Don't wait for anybody for long-time, go ahead in search of love & beauty, vision & wisdom and truth & peace. Don't accept that you should be accepted as desired by others, see, what is required by your heart, soul and instincts. Always pray and preach it without limitations.] مصور جي آھين تہ وري ڪا نئين تصوير بڻاء ، سونهن ۽ سرت لاء وري پيرن ۾ گهنگهرو پاء.، دل نہ لڳائي ڪو اگر دلبر.، پاڻ سان دل لڳاء، واٽ تي ويھ نہ منتظر، اڳتي هل وک ڪا وڌاء، سمجهيو نہ وڃين هتي، تہ پاڻ کي سمجهاء، گيت محبت ۽ دعائن سلامن جا تون پيو ٻڌاء ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd APRIL} EVENTS: 1832: Colonel Pottenger informs his Government that Mir Murad Ali Khan of Hyderabad has agreed to hand over British Government some of the chiefs of Parkar and traitor Ismail Khan and Captain Robret may be directed to proceed to Lakhpat to receive the prisoners. This may be kept in mind that Khosas and other chiefs of Parkar were doubtful about the presence of British people in Sindh. Hence they were creating problems for them. Some of them involved themselves in robbery and other criminal acts. Whenever freedom/defence movement stands involved in crimes, it provides opportunity to anti-freedom elements to take drastic action. Same situation occurred on the East-South of Sindh also. 1838: Colonel Pottenger is directed by his Government to apprise Mirs and Sindh Government of view of the British Government that it is surprised and concerned to hear that Mirs of Sindh had submitted themselves to the court of Persia. 1916: The Sindh Provincial Conference, that started two days ago at Larkano, comes to end. It was presided over by Rais Ghulam Muhammad Bhurgri. 1922: Pir Mithal Shah Rashdi of Thullah (President) and Muhammad Sadiq (Secretary) of Larkano District Khilafat Committee, arrested under Section 108 Indian Penal Code are produced before the court of the District Magistrate Larkano. 1935: All-India Muslim League protests on the terrible event of police firing resulting killing of so many Muslims in Karachi. 1938: Syed Attaullah Shah Amratsri presides over ‘4th Sindh Azad Conference’ at Shikarpur. It is attended by most of Sindhi Muslim politicians to advocate their case for the separation of Sindh from Bombay Presidency. The Conference ended with adopting 18 resolution on important subjects like, Separation of Sindh, demand for withdrawal of Criminal Tribes Act and Frontier Regulation Act, compulsory teaching of Religious education in schools, usage of local made products, imposing ban on wine and political support to Palestinians.1972: Emergency to continue. President Z.A.Bhutto issues an order suspending the right to move any court for enforcement of the fundamental rights provided in the constitution. 1977: Martial law is imposed in Karachi, Lahore and Hyderabad and Rawalpindi. Newsmen observe token strike. 1996: Kazi Hussain Ahmad begins mediation in Afghan conflict. After 18 years, now in our times another JI chief is busy in mediation so as to bring Talbans and Government near and dear to each other.

No comments:

Post a Comment