Friday 26 April 2024

SINDH in history today (27th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (27th April) & GOOD DAY WISH. ÷÷÷÷ Dr.Pathan wishes you Good Day. [It is a Rain-drop that cultures pearl in Shell, not thunder. Thunder cannot grow flowers, but rain. When Sky weeps, it converts deserts into gardens and when my eyes weep, tears clean my inner mirror and I am able to see your reflection alongwith your beauty, vision & wisdom. Sky and me both, make history and create history ] گجگوڙ منجھان گل نہ ڦٽن، پر بارش بوند مان بڻجن موتي، دل ۽ ڌرتي جا لڙڪن ڌوتي، ات ساوڪ سونھن پیار سندي. ************ SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {27th APRIL} EVENTS: 1835: Political Agents appointed by East India Co (Government of India) were very sharp and they put eye on every movement in Sindh. Today, Colonel Pottenger is informing his government that Mir Noor Muhammad Khan has given orders for half his treasures being brought from various places. 1839: Seth NaumalHotchand is in Hyderabad with Colonel Pottenger. Colonel Pottenger has assigned an important task. There is his relative DiwanHirananad near and dear to Mir Nasir Khan. Diwan Hiranand is working on most influential post under Talpur Government of Hyderabad. He is approached by Seth Naumal as he (Seth ) can be taken to Mir Nasir Khan. 1912: Ram Shewakram opens the discussion on the topic of ‘The Eternity of the soul and of matter’. The event is arranged by ‘Arya Young Men’s Association’ of Karachi. 1936: Hindu wedding procession with music and band is attacked by Muslims at near Mosque at Jalpaiguri. The action of Muslims paved way for communal riots at Jampur, Khanpur and other places. 1939: Differences between Mahatma Gandhi and Chandra Bose on the matter of formation of the Working Committee of the Congress, makes Gandhi more emotional and concerned. In course of an interview he says that ‘ I am FIGHTING for peace, I shall die for peace, peace in congress, peace in States, peace on earth and good-will amongst men’. 1944: Special prayers are offered by so many people in favour of K.B.MuhammadAyubKhuro and his brother at Sukker. Today, Khuhra brothers are in court as nominated in the murder case of K.B.Allah BuxSoomro. 1945: Khan Abdul Samad Khan, Balocistan Congress leader, criticizes the leadership of Sindh Congress. He says at Karachi that there is some flow in the Congress organization in Sindh. The late Allah BuxSoomro, a confirmed Nationalist, had received opposition more from Congress than from the so-called Muslim communalists. 1947: Hussain Shaheed Suharwardy, addressing press conference at New Delhi makes plea for a ‘United, undivided and independent Bengal’. But, it was too late as the British had decided to divide India into two pieces and handover to Congress and Muslim league. Sindhis though, not demanded, but realized and started thinking in such a way but only on the platform of literature and not politically .*********** 27.4.1832: پانٽينجر اڄ پنهنجئ حڪومت کي مراسلو موڪلي خيرپور ۾ پنهنجئ سفارتڪارئ جو تفصيل لکي موڪليو. هو لکي ٿو ته مان جڏهن مٺياڻي پهتس ته ديوان لکميچند منهنجو مير رستم خان طرفان آڌرڀاء ڪيو. خيرپور پهتس ته سندس وزير فتح خان غورئ هن جو استقبال ڪيو. مير رستم علي سان ملاقات ٿي ۽ کيس معاهدي جو ڊرافٽ ڏنم. هن ڪنهن چون چران کان سواء اهو ڊرافٽ منظور ڪيو ۽ معاهدي ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. 27.4.1835: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي لکي ٻڌايو ته سنڌ جا حڪمران پنهنجو خزانو پاڻ سان نه رکندا آھن. اهي اهو خزانو ٻين رياستن ۾ رکن ٿا. مون کي خبر پئي آھي ته مير نور محمد خان ٻين هنڌن تي رکيل پنهنجي خزاني جو اڌ گهرائڻ جا حڪم جاري ڪيا آھن. [حڪمران خزاني کي پنھنجي ذاتي ملڪيت ڄاڻيندا هئا ۽ ان مان عوامي ڀلائئ وارا ڪم, جهڙوڪ رستا ٺھرائڻ يا واه کوٽائڻ تي ڪم ڪونه آڻيندا هئا] 27.4.1912: آريا سماجين کي مذھبي مناظرن ڪرائڻ جو خفت هوندو هو. انھن مناظرن ڪي ڌرمي يا نظرياتي مسئلا ۽ مونجهارا ته ختم نه ڪيا, پر هندو توڙي مسلمانن ۾ مذھبي مت ڀيد ۽ اختلاف کي هوا ڏني. آريا سماجين سکر, شڪارپور, لاڙڪاڻي, حيدرآباد ۽ ڪراچئ ۾ جيڪي مناظرا ڪرايا, اهي ڏينھن جا ڏينھن هليا. اهي گڏ ڪري ڇپرائجن ته هڪ ٺاهوڪو ڪتاب جڙي پوندو. اڄ ڪراچئ ۾ ”روح امر آھي يا مادو امر آھي"جي موضوع تي مناظري جو آغاز ٿيو. انھئ جو بندوبست "آريا ينگ مينس ائسوسيئيشن"ڪيو هو. 27.4.1920: اڄ ڪراچئ جي سب ڊويزنل ماجسٽريٽ, مسٽر ڊبليو اين رچرڊسن "شيوارام ٿيئيٽر" جو افتتاح ڪيو. لڊبٽر روڊ تي قائم ڪيل هن ٿيئيٽر جي عمارت تي ٻه لک روپيا خرچ آيو هو. هي اهو زمانو هو, جڏهن فلمون عام نه ٿيون هيون. هي ٿيئيٽر ناٽڪ منڊلين کي مسواڙ تي ڏنو ويندو هو. ان ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ناٽڪ منڊلين ڪيترا ڊراما اسٽيج ڪيا. 27.4.1955: پاڪستان ۾ آئين سازئ جي عمل کي ڏسي وائسي اينگهايو ويو ته جيئن ڪرسئ تي ويٺل پنهنجي مرضي هلائي سياسي مقصد حاصل ڪري سگهي. آئين سازئ لاء چونڊيل ميمبرن جو تعداد 80 هو. اڄ ملڪ جي گورنر جنرل ان ۾ پنهنجئ مرضئ سان 10 ميمبر ٻيا به ٿافيا ۽ اسيمبلئ ۾ آئين سازي ڪرڻ بدران آئين جوڙڻ تي سوچڻ لاء ڪنوينشن سڏائڻ جو فيصلو ڪيو. 27.4.1977: ملڪ جي سياسي بحران تي آء.ايس.پي.آر جي ترجمان بيان ڏنو ته آرمڊ فورسز حڪومت جي پٺڀرائپ ڪندا. ٻئي طرف پير پاڳاري چيو ته ڀٽو جنهن سياسي مفاهمت جي ڳالھ ڪري ٿو,اها پي.اين.اي جي سوچن مطابق آھي. [ٻئي موقوف حالتن سڌرڻ طرف اشارو ڪن پيا. پر پوء وري اهڙي هوا گهلي, جنهن جي گهلڻ جو ڪنهن کي امڪان ڪونه هو] 27.4.2003: استاد عبدالهادئ چانڊئي جي صدارت ۾ سنڌي ادبي سنگت قمبر جي دستوري گڏجاڻي ٿي. ان ۾ قمرالدين قمر,مسيح آزاد, صحبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي شرڪت ڪئي *************** {ڏينهن 27 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 27 اپريل 1907ع شاعر عبدالفتاح عبد عاقلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 اپريل 1909ع ليکڪ هوتچند هيرانند جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 اپريل 1932ع شاعر ۽ گلوڪار رگهن اداسين (سکر / آگره) جو جنم ڏينهن آهي. 27 اپريل 1941ع ليکڪ ڊاڪٽر آنند ڪمار (نوشهروفيروز / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 اپريل 1945ع گلوڪار رام تنواڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 27 اپريل 1766ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو. 27 اپريل 1847ع شاعر ۽ بزرگ سيد علي گوهر شاهه اصغر جو لاڏاڻو ٿيو. 27 اپريل 1942ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ عبدالله هارون جو انتقال ٿيو. 27 اپريل 1965ع ليکڪ لکنداس لالجاڻي جو انتقال ٿيو. 27 اپريل 1970ع سياستدان غلام قادر پيرزادو وفات ڪري ويو. 27 اپريل 1982ع مزاحيه اديب ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي وفات ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment