Monday 22 April 2024

SINDH in history today (23rd April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (23rd April) & GOOD DAY WISH. *** ***** توجه طلب واقعا *************** 23.4.1832: ڀڄ جي فرنگي سفارتڪار اڄ ڪمپني حڪومت کي لکيو ته ٿر پارڪر جي رحمڪي بازار کي پتوجي واگهيلا ۽ سندس ساٿين ڏينھن ڏٺي جو لٽيو ڦريو آھي. هن پاسي جي کوسن ۽ راڻن ۽ سوڍن وڏي عرصي کان اسان جي ماڻھن ۽ واپارين کي پئي لٽيو آھي ۽ رستي روڪ ڪئي آھي. هن مامري کي ختم ڪرڻ لاء ميرن سان ڳالهايو. 23.4.1835: ميرن پنهنجو ماڻھو ڀڄ موڪلي اتان جي سرڪار کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته فرنگي بهاول خان جي پرڳڻي ۾ پنهنجي لاء قلعو ٿا ٺھرائن. ڪا تدبير ڪريو ته هو قلعو ٺھرائي نه سگهن. 23.4.1910: روهڙئ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽئ جي شاخ (لاج) کولي وئي. تاراچند ڪيسواڻي انھئ جو پهريون صدر ٿيو. لاج ٽڪرئ تي قائم "پريم ڀون" ۾ کولي وئي. 23.4.1932: انڊين گورنمينٽ جي سيڪريٽري فننانس مسٽر برين جي چيئرمنئ ۾ ”سنڌ سيپريشن ڪانفرنس" جي گڏجاڻين جي شروعات ٿي ته جيئن ڏٺو وڃي ته سنڌ کي جڏهن صوبائي حيثيت ملندي ته مختلف کاتن, ادارن ۽ منصوبن تي سنڌ کي ڪهڙا مالي مسئلا پيش ايندا ۽ ان کي ڪيئن حل ڪيو وڃي. هن ڪانفرنس ۾ مسلمان, هندو, پارسي ۽ ڪرستان شامل ٿيا. [ هن جي آخري گڏجاڻي 17 مئي 1932 تي ٿي هئي. سموري تفصيلي رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي] 23.4.1960: "جنهن پناهگير کي جائداد نه ملي آھي, ان کي ڏوڪڙ ڏينداسين"- هاشم رضا, چيف سيٽلمينٽ ڪمشنر جو اعلان. [ملڪ کي ٺھيئي تيرنھن سالن کان مٿي ٿي ويا, پر پناهگيرن جي آمد ۽ سندن آبادڪارئ لاء کير جون نديون اڃا وهنديون رهيون] 23.4.1965: انڊيا ۽ پاڪستان لاء رڻ ڪڇ جنگ جو ميدان بڻجي ويو. 23.4.1995: پاڪستان بنگلاديش کي يقين ڏياريو ته 25 لک بهاري بنگلاديش مان گهرائي وٺنداسين. 23.4.1996: سرڪار اڄ سينيٽ کي ٻڌايو ته رينجرس کي دائمي طور تي سنڌ ۾ رکيو ويندو. *************** {23 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 23 اپريل 1860ع شاعر هدايت علي تارڪ (لالو رائنڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 اپريل 1915ع شاعر احمد خان اخترجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 اپريل 1951ع ليکڪ سيف مورائي جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1956ع سگهڙ حافظ علي گل ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1956ع شاعر جان محمد جان جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1965ع ليکڪ ۽ صحافي زرار پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1973ع شاعر الستي چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 23 اپريل 1616ع انگريز شاعر، ڊراما نگار ۽ مصنف وليم شيڪسپيئر جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1850ع فطرت جي شاعر طور سڃاتو ويندڙ مشهورانگريز شاعر وليم ورڊس ورٿ جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1966ع برک سنگيتڪار ۽ گويي استاد بڙي غلام علي خان جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1991ع شاعر ارشد هالائي لاڏاڻو ڪري ويو. 23 اپريل 1999ع ليکڪ ڪيهر شوڪت(آگاڻي) لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I am illiterate in life-craft. Now It is riddle for me. Its beautiful colours consisting of sorrows & happiness, love & beauty and vision & wisdom have lost attraction & meaning for me. That is why I am knocking every door as wandering Soul] مان ۽ ھئ منهنجي زندگي، ڳجھ ۽ ڳوڙھي ڳجھارت، سرت سکن دکن سچ جي، نہ محبت يا مھارت، ان لاء توکي پنھنجي پارت، پیو ڪریان سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd APRIL} EVENTS: 1832: British Acting Resident at Bhooj writes that Pittoojee Waghela has plundered Rahim Ki Bazar and on his report Sindh Government is moved to exert themselves to apprehend the free-booter. 1835: The Sindh Government shows its concern on the decision of the British Government to build the fortress in Bahawal Khan’s territory. 1932: Sindh Separation Conference starts in Karachi. It is headed by the Financial Secretary to the Government of India. It takes matters relating to separation of Sindh from Bombay Presidency. 1939: The Working Committee of the Sindh Muslim League meets at Karachi with Seth Haji Abdullah Haroon. 1947: There is a sudden flare-up of communal trouble in Calcutta. Seven persons are killed and 31 others injured. The curfew is imposed in the city. 1956: Muslim League expels its members of West Pakistan Assembly for siding Dr.Khan Sahib, who formed his own party ‘Republican Party’. 1965: Indian and Pakistani troops fight a major battle in Rann of Kutch. President Ayub and Z.A.Bhutto discuss the situation arising out of India’s warlike activities and postponement of President’s U.S.A visit. 1972: Maximum selling of land hold is reduced from 15000 produce index units to 12000 units. 1996: The Senate is told that Rangers will remain posted permanently in Sindh.

No comments:

Post a Comment