Thursday 4 April 2024

SINDH in history today (5th April). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (5th April) & GOOD DAY WISH. توجه طلب واقعا *************** 5.4.1832: فرنگي سفارتڪار پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته خيرپور ۾ مير رستم علي خان سان ملاقات ته ٿي آھي, پر معاهدي ڪرڻ بابت ڪا پيش رفت نه ٿي آھي. [فرنگي سفارتڪارن هر ڪنهن مير سان ملاقات کان پوء سندس رويئي کي دل ۾ رکيو ۽ انھئ مير کي اک جو ڪنڊو ڄاتو ۽ هن لاء مامرا وڌايا] 5.4.1842: مير رستم خان ميجر آئوٽرام کي لکي ٿو ته راس بيل فيصلو ڪندي 5 ڳوٺ مير علي مراد کي ڏنا. اهي ڳوٺ مون کي موٽائي ڏيو نه مان تلوار جي زور تي ڳوٺ واپس وٺندس. [ خيرپور جي حڪمران خاندان جڏهن پنهنجا فيصلا فرنگي سفارتڪارن کان ڪرائڻ شروع ڪيا ته فرنگين کي موقعو مليو ته هو ميرن ۾ پيدا ٿيل اختلافن کي وڌيڪ شديد ڪن] 5.4.1922: ڪراچئ ۾ خلافيتن طرفان عام جلسو ڪرايو ويو. تقرير ڪندڙ سرڪار جي ترڪئ بابت پاليسئ جي مذمت ڪئي ۽ اهو ظاهر ڪيو ته سنڌي دين ڌرم خلاف کڄندڙ حڪومت جي هر قدم جي مخالفت ڪندا. 5.4.1927: رمضان جي عيد جو اڄ ٻيو ڏينھن هو. لاڙڪاڻي جي ھنو-مسلم فسادن ۾ ڪي قدر ٺاپر هئي, ڇو ته 70 مسلمانن تي ڪيس داخل ڪري گرفتار به ڪيو ويو هو, پر خوف جو ماحول اڃا برقرار هو. ان ڪري هندن طرفان مڪمل هڙتال ڪئي وئي. 5.4.1947: نواب شاه ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي صدارت هيٺ ”اٺين سنڌ ادبي ڪانفرنس" ٿي. هن ڪانفرنس ۾ جيڪو مشاعرو ٿيو, انھئ جي مصرع طرح هئي: "درد پنهنجي ديس جو,دل ۾ ديوانو ڌارجو". 5.4.1947: اڄ جيڪب آباد ۾ ڪوٺايل "پاڪستان ڪانفرنس" جو ٻيو ۽ آخري ڏينھن هو. ڪاروائي رات جو نائين وڳي هلي ۽ صبح جو چئين وڳي ختم ٿي. جن تقريرون ڪيون, اهي هئا: پير الاهي بخش, عبدالستار پيرزادو, محمد ايوب کهڙو, قاضي محمد عيسا (ڪوٽيه), عبدالستار نيازي (پنجاب) ۽ مير قادر بخش (بلوچستان) وغيره. 5.4.1973: ذوالفقار علي ڀٽي کي اقتدار ملڪ ٽٽڻ بعد حادثاتي طور مليو. هن کي چونڊيل وزير اعظم کان مٿي اختيار مليا ۽ هو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر به ٿي ويو. باقي سياستدانن هن کان نئين چونڊن ڪرائڻ جي گهر ڪئي ۽ سندس ڪيترن قدمن جي مخالفت ڪئي. ان ڪري سياسي مخالفت ڄڻ شروع کان هن جي حڪومت جي ڳچئ ۾ پئجي وئي ۽ چار سال ملڪ ۾ سياسي ڌماچوڪڙي لڳي رهي. اڄ ڀٽي سياسي مخالفن سان ڳالهين ڪرڻ جو اهو شرط رکيو ته قومي اسيمبلئ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ته پوء ڳالهيون ڪيون وينديون. *************** {5 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 5 اپريل 1860ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا غلام احمد ملڪاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 اپريل 1905ع فريڊم فائيٽر ڪرپال شرما (ڪوٽڙي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 5 اپريل 1925ع ليکڪ ابن الياس سومرو (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 5 اپريل 1931ع شاعر احمد خان مدهوش جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 اپريل 1932ع اسڪالر محمد اشرف منصور دائودپوٽو(ٽلٽي) جو جنم ڏينهن آهي. 5 اپريل 1932ع تعليمدان پروفيسر امينا هاليپوٽو(حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 اپريل 1937ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر نند هندوجا (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 5 اپريل 1943ع ليکڪ امين الله علوي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 اپريل 1944ع شاعر ساجد لالپوري (جهانپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 اپريل 1953ع شاعر محمد خان مصروف مينڌرو جو جنم ڏينهن آهي. 5 اپريل 1961ع شاعر عاجز سرگاڻي (صوبدار سرگاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 5 اپريل 1965ع صحافي نادر بلوچ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 5 اپريل 1965ع ليکڪ مبين وساڻ (ڪنڊياري) جو جنم ڏينهن آهي. 5 اپريل 1978ع ليکڪ شبير لغاري (شير لغاري) جنم ڏينهن آهي. 5 اپريل 1984ع ليکڪ مشتاق رند (مير رند) جو جنم ڏينهن آهي. 5 اپريل 1987ع شاعر وفا خميسو ڪنڀر (جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 5 اپريل 1838ع مولانا عبدالحڪيم ڪنڊي وارو انتقال ڪري ويو. 5 اپريل 1885ع محقق ۽ شاهه لطيف جي رسالي جي پارکو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو لاڏاڻو ٿيو. 5 اپريل 1931ع مولانا محمد قاسم (ڳڙهي ياسين) جو انتقال ٿيو. 5 اپريل 1954ع ڊراما نگار خانچند درياڻي جي ديهانت ٿي. 5 اپريل 1987ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير مير علي احمد خان ٽالپر جو انتقال ٿيو. 5 اپريل 1994ع مشهور قوال غلام فريد صابري دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. 5 اپريل 2017ع سياسي، ادبي۽ سماجي شخصيت ڪامريڊ امير بخش شر لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Golden hearts, love & respect and opportunities are not easily available. If we are lucky in getting those, we must not miss them because of our behaviour and carelessness. Once they are lost, they are lost for ever] موقعو، محبت ۽ ڪو مھربان، تن جو ملڻ ناھی ایڏو آسان، تن کي سنڀالڻ وڏو امتحان، منھن موڙيائون تہ ڪبو ارمان، نیاز نوڑت سان ٿجي نگھبان،‏ تہ ملي دان، سونھن سلام جو. ************* SINDH (including Pakistan )IN HISTORY TODAY {5th APRIL} EVENTS: 1832: Colonel Pottenger interviews Mir Rustam Khan of Khairpur. He is disapponted as can not get the response as he desires and as he was directed by his government. 1842: Mir Rustam Khan writes to Major Outram asking him for restoration of five villages given to Mir Ali Murad Khan by Ross Bell. Otherwise, allow me to settle the question on my own without interference of the British Govt. 1922: In the public meeting held by Sindh Khilafat Committee, speakers apprise people of terms of treaty to be imposed on Turkey and warn Govt. not to ignore aspirationsof muslim subject regarding the issue of Khilafat. 1927: It is second day after Eid Ramzan. Hindus of Larkana are observing hatral demanding their protection on possible riots because of kidnapping of Muslim woman. 70 muslims are arrested cases of breaching law are registered agaist them. 1947: It is secondand last day of 'Pakistan Conference' at Jacobabad. Pir Illahi Bux, Pirzada Abdul Sattar, Abdul Sattar Niazi of Punjab, Abdul Qudoos of Bihar, K.B.Khuhro, Mir Qadir Bux and Eazul Ahmad of Balocistan and Malik Muhammad Usman of Quetta make speeches. 1960: M.Hashim Gazdar is awarded five years imprisonment by Military Court. 1971: India is guilty of violation of the U.N. Charter, says Yahya Khan.

No comments:

Post a Comment