Friday 5 April 2024

SINDH in history today (6th April). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (6th April) & GOOD DAY WISH. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {6th April} & My Good Day Wish. توجھ طلب واقعا ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ 6.4.1832: فرنگي سفارتڪار پاٽينجر اڄ پنهجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته خيرپور ۾ خيما کوڙيون ويٺو آھيان ۽ مير رستم خان سان ور ور ڏئي ملان ٿو, پر ترئ تيل ئي نه ٿو لڳي. معاهدي بابت هو اهڙا شرط رکي ٿو, جيڪي اسان جي حق ۾ ناهن. 6.4.1839: فرنگين ٺٽي کان حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان بکر تائين پنھنجي ٽپال پهچاهڻ لاء گهوڙي سوارن ۽ اٺ سوارن جو بندوبست ڪيو. 6.4.1919: ضلعي سکر جي ڪانگريس ڪميٽئ عوامي ميڙاڪو سڏايو ۽ ان ۾ تقرير ڪندڙن ”روولٽ ايڪٽ“ جي هاڃيڪار اثرن کان ماڻھن کي آگاهي ڏني. هن ايڪٽ کي ڪارو قانون سڏيندي, حڪومت جي آمرانه نيت جي مذمت ڪئي وئي. 6.4.1920: سکر ۾ حاجي هارون جي صدارت هيٺ ”ستين سنڌ پرونشل ڪانفرنس" ٿي. هن ڪانفرنس جي سموري ڪاروائي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 6.4.1930: ڪانگريس سرڪار خلاف "عدم تعاون" جي تحريڪ شروع ٿي. سنڌ جي ڪانگريسين هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيترا جيلن ۾ ويا. هئ تحريڪ 4.3.1931 تائين هلي. 6.4.1956: ايوب کهڙي اولھ پاڪستان حڪومت جي وزارت تان استعيفا ڏني ۽ قاضي فضل الله کي وزير بڻايو ويو. 6.4.1963: ورلڊ بئنڪ ڪنشوريم پاڪستان کي 550 ملين ڊالر ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. [سنڌ کي ان مان ڇا مليو, اهو سنڌ جا اقتصادي ماهر اسان کي ڪونه ٻڌائيندا]. 6.4.1968: پاڪستان ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي قائم رکڻ بابت آمريڪي سفير ۽ شريف الدين پيرزادي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. 6.4.1977: ڀٽي-حڪومت ڪراچئ مان ڪرفيو هٽايو ۽ قلم 144 کي آهستي آھستي ختم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي. پي.اين.اي وارن حڪومت سان ڳالهين ڪرڻ تي آمادگي ڏيکاري. 6.4.1993: خيبر پختون خواه مان 115 عرب نسل جا ماڻھون پڪڙيا ويا ۽ اهو جواز ڏنو ويو ته ملڪ کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو پيو وڃي. ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ {6 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 6 اپريل 1867ع گلوڪار ۽ سماجي ورڪر ڀائي ڪلاچند(حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 اپريل 1919ع اسڪالر، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 اپريل 1934ع شاعر دوست محمد دوست ڀٽي(ڪوٽڙي) جو جنم ڏينهن آهي. 6 اپريل 1958ع سگهڙ رجب گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي. 6 اپريل 1958ع صحافي الله بچايو پارس (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 6 اپريل 1984ع شاعر جاني جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 6 اپريل 1986ع شاعر منظور گل ڀنگوار جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 6 اپريل 1942ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد بائجوي جو انتقال ٿيو. 6 اپريل 1980ع شاعر محمد يوسف ڀٽو انتقال ڪري ويو. 6 اپريل 2011ع ناليواري اسڪالر، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو لاڏاڻو ٿيو. 6 اپريل 2016ع جيئي سنڌ تحريڪ جو اڳواڻ، قومپرست سياستدان شفيع ڪرناڻي مڪلي ويجهو حملي ۾ شهيد ٿي ويو ********** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are every thing for me: brave & bold, beauty & love and even cause & aim of my life. I am nothing, but zero. Accept me as suffix and prefix' in number, it will raise and increase its value and importance. Be my Number, because, you are only my number and number One] آئون ٻڙي تون ٻڙو ٻاجھ جو، تون ئي آھین ڇانو ڇپر، تنھجئ طلب ۽ تانگھ سواء، ڪو پنھنجو ناھي ثمر، تون آھین برہ جو بر بحر، طاقتور اثر سرت سلام جو. EVENTS: 1832 : The meeting is held between Colonel Pottenger and Khairpur Govt's representative. It appears equally inexplicable and unexpected to both parties. Several alterations are suggested in treaty by Khairpur side, but other party is not ready to understandand accept. 1919: A public meeting is held at Sukkur to educate public opinion on political subjects with special reference to Rowlatt Bill. 1924: 'Local Adult Education Movement' is launched in Karachi. Prof. Trivedi, Prof. Junnarkar, Mahatma Vairagyachandra and V.J.Pardhan to take classes in Theosophical Society Hall. 1930: Sindh participates in the Civil Disobedience Movement launched by the Congress today. 1953: Printed sermons of Qadiani chief Mirza Bashiruddin are confiscated in Punjab to avoid escalation of anti - Qadiani sentiments. 1956: Khuhro resigns, where as Kazi Fazlullah is inducted in West Pakistan Govt. as a minister. 1968: Pakistan and U.S discuss about U.S military basis in Pakistan. 1971: PPP Chairman Z.A.Bhutto warns India of disastorus consequences, if any interference is done in the internal affairs of Pakistan. 1996: PML 👎 decides to challange in court imposition General Sales Tax (GST) on 46 different items by the PPP Govt.

No comments:

Post a Comment