Monday 29 April 2024

SINDH in history today (30th April). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (30th APRIL) 30th April BIRTH DATES KalachandMirani (Hyderabad/Social worker & Singer/ Born 30th April 1857), SoofiJhamandas ‘Aashiq’ (Shikarpur/Poet & Journalist/ Born 30th April 1928), Wadhuram ‘Pushp’ (Shikarpur>Mombai/Poet & Juggler/ Born 30th April 1930) , HarBhagwan ‘Nago’ (Nagpur/Singer/ Born 30th April 1952), RajkumarDaswani (Ajmir/Artist/ Born 30th April 1953), SikandarMallah (Sakrand/Poet/ Born 30th April 1963), RiazDahri (Umar Dahri/Poet/ Born 30th April 1973). DEATH DATES Moulnan Abdullah (Banguldero/Religious Scholar & Freedom Fighter/ Death 30th April 1932), Suleman Shah ‘Salim’ (dabar/Poet/Death 30th April 1975). EVENTS 1917: Vide order No 2860, the Government of India asks all the District Local Boards for War Loan and it is to taken/drawn from their own budget, budget of Taluka Local Boards; Education and Health. 1919: The meeting of ‘AnjumanZamindaran-i-ZilaLarkano’ (Landlords’ Association of the District Larkano) is held in which Haji Amir Ali Lahori is elected as its chairman in place of K.B.Shah Muhammad Lahori. The meeting congratulates Government for passing and promulgating ‘Rowlatt Act’ and condemns political parties for launching agitation against the bill. 1920: Big public meetings are held at Paat and Shikarpur by Khilafat Committees of respective areas. People are asked to take part in politics and never surrender before the Government and its local agents, Jageerdars and anti-people elements. 1927: Sindh Hindu Sabha is reorganized and HarchandraiVishindas plays key role in this task. 1933: Upper Sindh Khilafat Conference is held at Muradpur. The Conference unanimously adopts so many important resolutions on vital issues such as sympathy with China, condemnation of Japan; restoration of the Mosque of MureedSethar; congratulations to Mufti Saadullah for facing orders of his exile; promotion of local-made products etc. 1947: Muhammad Ali Jinnah denounces the demand for a partition of the Punjab and Bengal. Describes such move as a grave error. 1948: An all-out offensive is launched by Indians in Jammu & Kashmir, 100,000 Kashmiris leave for Pakistan. 1950: Sindh Safety Act to remain. Notification in this regard is issued. 1952:‘Bazim-i-Adab’ is formed at Jacobabad with Osto Ghulam Hussain ‘Hussain’ as its President and Muhammad BuxQureshi ‘Josh’ as Secretary. 1954: Very drastic action against Communists is ordered by A.K.Fazul Haq, Chief Minister of East Bengal (East Pakistan). 1962: Faiz Ahmad Faiz receives Lenin Prize. 1967: A new political alliance called Pakistan Democratic Movement (PDM) is formed in Dhaka comprising Council Muslim League, J.I, Nizam-i-Islam Party and Awami League. 1974: Last bench of POWs, including General Niazi reach Pakistan. 1977: PNA’s Long March to besiege Prime Minister’s residence forestalled by arresting workers reaching the capital. 1978: So many politicians are disqualified. Some of them are Abdul WaheedKatpar, Abdul Sattar Gabol, Bashir Ahmad Shah, Muzafar Shah and Ali Nawaz Shah etc. 1994: Six persons including two MQM protesters are killed in Karachi. Nawaz Sharif visits the city express sympathy with Muhajreen and says that situation in Karachi and Hyderabad may go out of hand soon. HERE IS ITS TRANSLATION INTO SINDHI *************** 30.4.1842: مير نصير خان حيدرآبادئ ۽ آئوٽرام وچ ۾ دلچسپ مگر اهم خط و ڪتابت ٿي. مير نصير خان خط ۾ لکيو هو ته مان فرنگين جو باعتماد وفادار دوست آهيان. پر مير صوبدار خان الائي ڇو فرنگين جو يار ٿيڻ پسند نه ٿو ڪري. هن خط ۾ مير نصير خان اوبيراه هندوء جي به ڳالھ ڪئي هئي ته هي اوهان جو ماڻھون آھي, پر اوهان سان وفادار ڪونهي. آئوٽ رام اڄ انھئ خط جو جواب ڏيندي لکيو ته اوبيراه ٺڳ ماڻھون آھي. هن سيٺ نائونمل کان 900 روپيا ورتا هئا ۽ وعدو ڪيو هو ته ڪي اهم ڪاغذ اسان جي حوالي ڪندو. هن نه ته اهم ڪاغذات اسان حوالي ڪيا, نه وري نائونمل کان ورتل پئسا واپس ٿو ڪري. آئوٽ رام وڌيڪ لکي ٿو ته اوهان (مير نصير خان) کي فرنگي فوج رکڻ وارو ڏن ڏيڻو پوندو. 30.4.1917: هند سرڪار پنهنجي حڪم نامي نمبر 2860 مطابق سمورين ضلعي لوڪلبورڊس کي زورئ "جنگي قرض" ورتو. ان ۾ اڌو اڌ لوڪلبورڊ جي بجيٽ مان ورتو ويو ۽ باقي اڌ وري مختلف هيڊس, جهڙوڪ تعليم, صحت ۽ تعلقي لوڪلبورڊس جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي آڻائي ورتو ويو. هي قرض 1922 واپس ڪرڻ لاء چيو ويو. 30.4.1919: " روولٽ ايڪٽ“ جهڙي ڪاري قانون خلاف سنڌ جي طول عرض ۾ حڪومت خلاف جلوس نڪرڻ شروع ٿيا. پر لاڙڪاڻي جي مدرسي واري ميدان ۾ حاجي امي علئ لاهورئ جي صدارت ۾ "انجمن زميندارانه ضلعو لاڪاڻو" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ”روولٽ ايڪٽ“ لاڳو ڪرڻ تي سرڪار کي مبارڪ ڏني وئي ۽ اهو اقرار ڪيو ويو ته ايڪٽ خلاف وڳوڙ پيدا ڪرڻ نه ڏبو, بلڪ اهڙن ماڻھن جي مخالفت ڪئي ويندي. هن گڏجاڻئ ۾ خانصاحب شاه محمد لاهورئ جي جاء تي حاجي امير علئ کي انجمن جو صدر مقرر ڪيو ويو. ان کان سواء ٺھراء پاس ڪري سنڌ جي ڪمشنر لارينس جا ٿورا مڃيا ويا ته هو وڏئ شفقت سان سنڌي مسلمانن سان سٺو هلي ٿو. 30.4.1920: پاٽ, ضلعي دادو ۽ شڪارپور ۾ خلافت ڪانفرنسون ٿيون. انھن ۾ فرنگي سرڪار جي ترڪئ, اسلام ۽ خلافت بابت دشمن حڪمت عملئ جي ندا ڪئي وئي. انھئ ڳالھ تي زور ڏنو ويو ته ڏيهي صنعت کي ترقي وٺرائجي, پرڏيهي سامان نه واپرائجي ۽ فرنگي سرڪار خلاف هلندڙ تحريڪن جو ساٿ ڏجي. 30.4.1927: "سنڌ هندو سڀا" کي نئين سر منظم ڪيو ويو. بلڪ ايئن چئجي ته اها جماعت جهڙوڪ اڄ قائم ٿي. انھئ ۾ سيٺ ھرچندراء وڏي محنت ڪري سنڌي هندن کي منظم ڪيو. هن پارٽئ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ نه ڪرڻ لاء زوردار تحريڪ هلائي. سڀا جي قيام ۽ ڪارڪردگئ جو تفصيلي احوال فقط گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 30.4.1933: مرادپور ۾ ”اپر سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي, جنهن ۾ ھنن موضوعن ۽ مسئلن تي ٺھراء پاس ڪيا ويا: 1). "وائيٽ پيپر" کي آئيني سڌارن جو اڻپورو تصور چئي مسترد ڪيو ويو, 2). چين سان همدردي ۽ جپان جي مذمت ڪئي وئي, 3). مريد سيٺارجا وارئ مسجد جي بحالئ جو مطالبو ڪيو ويو, 4). خلافتي مفتي سعدالله کي جلاوطن ٿيڻ تي مبارڪ ڏني وئي ۽ کيس جلاوطن ڪرڻ تي سرڪاري قدم جي مذمت ڪئي وئي. 30.4.1934: ڪراچئ جي ٿياسافيڪل هال ۾ ”سنڌي سڌار سوسائٽئ" طرفان "قرباني" جي موضوع تي مشاعرو ٿيو. هن مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪئي. 30.4.1950: سنڌ ۾ لڳايل "سنڌ سيڪيرٽي ايڪٽ" جي مدي ۾ واد ڪئي وئي. 30.4.1952: جيڪب آباد ۾ ”بزم ادب" قائم ڪئي وئي. ان لاء اوستي غلام حسين کي صدر ۽ محمد بخش قريشي جوش کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن بزم جيڪب آباد ۾ کوڙ سارا مشاعرا ڪرايا. 30.4.1970: ڪراچئ ۾ 90 سالن کان هلندڙ ”ٽرام وي ٽرانسپورٽ“ بند ڪئي وئي. 30.4.1974: پاڪستاني جنگي قيدين جي آخري کيپ موٽي آئي. جنرل نيازي به انھن ۾ شامل هو. 30.4.1977: پي.اين.اي جي لانگ مارچ پرائيم منسٽر هائوس ڏي منھن ڪيو ته جيئن ان کي گهيرو ڪجي. پر اتي ورڪر جي وڏي پئماني جي گرفتارين سندن اميدون پوريون نه ڪيون. 30.4.1978: مارشل لا حڪومت طرفان ڪيترن سياستدانن کي نااهل ڪيو ويو. انھن مان ڪي آھن: عبدالوحيد ڪٽپر, عبدالستار گبول, بشير احمد شاه ۽ علي نواز شاه. 30.4.1994: ڪراچئ جي وڳوڙن ۾ ايم.ڪيو.ايم جي ٻن ڪارڪنن سميت ڇه ماڻھون مري ويا. نواز شريف سنڌي-دشمن ايم. ڪيو.ايم وارن سان همدردي ڪرڻ حيدرآباد پهتو ۽ چيائين ته ڪراچئ ۽ حيدرآباد جون حالتون هٿ کان نڪرنديون پيون وڃن. *************** {ڏينهن 30 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 30 اپريل 1857ع گلوڪار ۽ سماجي ورڪر ڪلاچند ميراڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 اپريل 1928ع شاعر ۽ صحافي صوفي جهامنداس عاشق (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 30 اپريل 1912ع اديب ۽ مترجم ڊاڪٽر آر ايم هري(روهڙي / ڪڇ) جو جنم ڏينهن آهي. 30 اپريل 1952ع گلوڪار هري ڀڳوان ناگو (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي.

No comments:

Post a Comment