Friday 12 April 2024

SINDH in history today (13th April). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (13th April) & GOOD DAY WISH. Dr. Pathan wishes you Good Day. [It has become very difficult task for people to look at me, reality and the sun. In such a way it is difficult for anybody to face sorrows and longings like me. Dear, ! I am nothing, you are everything. But, sun of my love can't set as sun of your beauty cannot set. .] سج ڏي سچ مون ڏي ڏسي ڪين ڪو سگهندو, مون بن دک درد هزارين سهي ڪين ڪو سهندو, تون سير مان تولو ايئن توکي ڪين ڪو چوندو, سج ڪين ڪو لهندو, سرت سونهن پيار سندو اڄوڪي تاريخ تي ناليواري سماج سڌارڪ ۽ فلاسافر ديوان ديارام گدومل هڪ سماجي تنظيم ديوان ميٺارام ٽرسٽ رجسٽرڊ ڪرائي، هن تنظيم ڪيترن ئي سالن تائين سماجي، تعليمي ۽ مذهبي خدمتون سرانجام ڏنيون. ** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ اينٽي سيپريشن ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ شريڪ ٿيل سنڌي هندن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل رهڻ گهرجي، ممبئي کان ڌار نه ڪيو وڃي. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو قومي اسيمبلي مان پاس ٿيل متفقه آئين جي توثيق ڪري ڇڏي.حڪومت انهيءَ آئين کي پنهنجي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊاڪٽر مبشر حسين پيپلزپارٽي جي جنرل سيڪريٽري واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان کي گڏيل قومن جي انهن 35 ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو جن کي ڪويت عراق سرحد وٽ گڏيل قومن جي امن فوج ۾ شامل ٿيڻو هو. ** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايوان صدر اسلام آباد ۾ پاڻي جي تڪرار بابت اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ چئني صوبن ۾ پاڻي ورڇ بابت ٽه نڪاتي فارمولي تي اتفاق ٿيو، پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير غلام مصطفيٰ کر جي سربراهي ۾ بين الصوبائي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن کي اهو مينڊيٽ ڏنو ويو ته اها ارسا کي پنهنجون سفارشون پيش ڪندي، پاڻي ورڇ ۾ ناانصافي جي شڪايتن جي ازالي لاءِ وهڪرن تي آٽوميٽڪ واٽر گيج لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندگي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه ڪئي. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف سڄي ملڪ ۾ 428 خدمت ڪاميٽيون قائم ڪري ڇڏيون، 5 هزار ميمبرن قسم کڻي ورتو، سرڪار طرفان اهو پڌرو ڪيو ويو ته جيڪو به ڪامورو خدمت ڪاميٽي جي فيصلن کي قبول نه ڪندو ان خلاف سروس ٽربيونل يا عدالت ۾ ڪيس هلندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اهو ڪو نئون نظام ناهي، خدمت ڪاميٽين کي ناڪام ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ پاڻ ناڪام ٿي ويندا. ڏينهن 13 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 13 اپريل 1885ع سرڳواسي ڀڳت ڪنور رامجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 اپريل 1917ع ليکڪ عبدالعزيز جوکيو جي پيدائش ٿي. 13 اپريل 1919ع ليکڪ چندو لال جي سنگهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 13 اپريل 1925ع سياستدان خليفي محمد عاقل جو جنم ڏينهن آهي. 13 اپريل 1938ع شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نويس قمر شهباز(نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 اپريل 1942ع اداڪار مولو پمناڻي (ٺٽو / برودا) جو جنم ڏينهن آهي. 13 اپريل 1944ع فنڪار انور بلوچجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 اپريل 1961ع شاعر منظور بيدار جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 اپريل 1961ع شاعر شفقت نجفي (شهداد ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 اپريل 1967ع صحافي عبدالڪريم اسد جو جنم ڏينهن آهي. 13 اپريل 1972ع ليکڪ علي بحر رند جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 13 اپريل 1593ع مذهبي اسڪالر مخدوم وهيو چانڊيو جو لاڏاڻو ٿيو. 13 اپريل 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد پتائي جو انتقال ٿيو. 13 اپريل 1968ع اسڪالر، فلاسافر ۽ تعليمدان علامه آءِ آءِ قاضيجو انتقال ٿيو. 13 اپريل 1972ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدلوحيد کوسو جي وفات ٿي. 13 اپريل 1987ع گلوڪاره بيگم فقيرياڻيجو لاڏاڻو ٿيو. 13 اپريل 1992ع موسيقار سي ارجن(ڪراچي / هندستان) جي ديهانت ٿي. 13 اپريل 1993ع اداڪار سعيد احمد واگهو وڇڙي ويو. EVENTS from history: 13th April 1911: Eminent Social Reformer and Philospher Diwan Dayaram Gidumal get his ‘ Diwan Metharam Trust’ registered. The Trust provided social, educational and religious services to people for years. 1929: Sindh Congress violates ‘Salt Law’. Gatherings are held in major cities. In Karachi Naraindas Bechar violates the Salt Law in public meeting held at Ram Bagh. 1932: Anti-Separation meeting is held at Karachi. Sindhi Hindus demand that Sindh must remain annexed to Bombay Presidency. 1961: Pakistan lodges protest to Russia on its hostile propaganda against Pakistan. 1971: Moulana Maudoodi writes to 39 political and religious leaders of Muslim world inviting their attention to India’s designs against Pakistan. 1973: President Bhutto authenticates the Constitution.1977: Dr.Mubashir Hussain resigns as PPP Secretary –General. Z.A.Bhutto rules out fresh elections and says that elections were rigged by over-zealous party workers and bureaucrats. 1990: MQM rejects Sindh Government’s talk offer. 1991: Pakistan is included by UN among 35 countries which will contribute military contingents to UN Force for Kuwait-Iraq border. 1992: Prime Minister Nawaz Sharif approves ‘Pindi Bhattian- Gwarder Moterway Project’.

No comments:

Post a Comment