Monday 15 April 2024

SINDH in history today (16th April), Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Dr. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th April} & My Good Day Wish. *********** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Do not follow Shadows. They will leave you alone, when it is darkness. Irrigate heart & mind from river of vision & wisdom, and do not make them desert without rain. Be what you are. You are beauty, love & peace] پئج نہ پٺیان پاڇن جي، ھجي ‎ڀل پرین یا پیار سندو، اھڙو بر نہ بٹج برہ جو، جنھن تي بادل گجندو نہ وسندو، ڪو چئي نہ چئي وت چوندو، سرت سان سچ سلام پیو. ************* توجه طلب واقعا *************** 16.4.1832: ڪرنل پاٽينجر اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته مهر خان بروهئ جي ٿاڻيدار لاڙڪاڻي پرڳڻي تي چڙھائي ڪري لٽيو ڦريو ۽ نواب ولي محمد خان جي پٽ احمد خان کي لڙائئ دوران ڀڄائي ڪڍيو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ڪئپٽن ويڊ جي رنجيتسنگ سان گڏجاڻي ٿي آھي ۽ رنجيتسنگ راضي ٿيو آھي ته انگريز مٺڻ ڪوٽ ۾ ڀلي فئڪٽري قائم ڪن. 16.4.1857: سنڌ جي ڪمشنر صوبائي سرڪار کي ٻڌايو ته نوڪري ڏيڻ لاء سنڌي پاس ڪرڻ وارو سرٽيفڪيٽ ضرور ورتو وڃي ٿو. ان کان سواء نوڪري نه ٿي ڏني وڃي. 16.4.1920: سيوهڻ ۾ ”خلافت ڪانفرنس" ٿي, جيڪا ٻه ڏينھن هلي. هن ڪانفرنس ۾ ٺھراء ذريعي سنڌ مان هجرت ڪرڻ وارن خواهشمندن کي پنهنجا نالا ”ھجرت ڪميٽئ” وٽ لکرائڻ جو تاڪيد ڪيو ويو. [خلافت ڪميٽئ جو هي هڪ انتهائي غلط فيصلو هو. هجرت ڪري ڪيترا خاندان تباه ٿي ويا ۽ هن تحريڪ سان هڪ غلط مثال قائم ٿيو ته حالتن جي مقابلي ڪرڻ بدران ڀڄي جان ڇڏائجي. 1947 ۾ هجرت وارو مثال اسان جي ڳچئ ۾ پئجي ويو] 16.4.1924: ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ ”سنڌ ليگ آف پروگريس" جي سالياني گڏجاڻي ٿي ۽ ايندڙ سال لاء هن ريت عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي: هرچندراء وشنداس (چيئرمن), شورتن مهوتا, ديپچند چانڊومل, ولي محمد حسن علي, جهانگير پنٿڪي, آرديشر ماما, جمشيد ميهتا (سڀ ورڪنگ ڪميٽئ جا ميمبر), [هن جماعت جو سمورو احوال گل حيات جي ويب تي موجود آھي] 16.4.1930: سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ڪانگريس "لوڻ جا قاعدا" ٽوڙيا. ڊاڪٽر چوئٿرام, نارائڻداس بيچر, سوامي ڪرشنانند, منيلال وياس, تاراچند لالواڻي ۽ وشنو شرما گرفتار ٿيا. ڪراچئ ۾ ڪانگريسي ميڙ تي سرڪار گولي هلرائي. نتيجي ۾ ٻه ورڪر مري ويا. 16.4.1933: برطانيه سرڪار "وائيٽ پيپر" جاري ڪري, پنهنجا ويچار ونڊيا هئا ته مستقبل ۾ هندستان ۾ ڪهڙا آئيني سڌارا آڻبا. اڄ ”ڪراچي انڊين مرچنٽس ائسوسيئيشن" جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ "وائيٽ پيپر" تي تنقيد ڪئي وئي. 16.4.1938: ميهڙ ۾ خلافت جو ارڙھون ساليانو ميڙ ٿيو, جنهن ۾ سنڌ جي مشهور مسلمان سياستدانن شرڪت ڪئي. انھن مان شيخ عبدالمجيد سنڌي, پير الاهي بخش, مولانا عبدالڪريم چشتي, مولانا عبدالڪريم بٺوي ذڪر لائق آھن. هئ ڪانفرس ٻه ڏينھن هلي. 16.4.1939: واره ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي,جنهن ۾ جي.ايم.سيد, محمد ايوب کهڙي ۽ قاضي فضل الله به شرڪت ڪئي. ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ {16 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 16 اپريل 1867ع گلوڪار ڪلاچن ڪلياڻ (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 اپريل 1889ع خاموش فلمن جي مشهور مزاحيه اداڪار چارلي چپلن جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1917ع شاعر انور علي شاهه بخاري (چڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 اپريل 1919ع تعليمدان آمنه خميساڻئ جي پاٽ ۾ پيدائش ٿي. 16 اپريل 1922ع ليکڪ ڊاڪٽر مولچند جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 اپريل 1943ع ليکڪ فتح الله صديقي (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1944ع سگهڙ سلطان ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1946ع شاعر ٿڌارام انپڙ جي جنم جو ڏينهن آهي. 16 اپريل 1949ع ليکڪ ماروي ابڙو (قمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1950ع اديب ۽ شاعر سيد غلام اڪبر شاهه نمائي جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1952ع ناول نويس ۽ ڊراما نگار انور بلوچ(نصير آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 16 اپريل 1961ع شاعر دکي دائود جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 16 اپريل 1921ع سياستدان رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو انتقال ڪري ويو. 16 اپريل 1961ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ عوامي هلچل ۾ حصو وٺندڙ ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي جو انتقال ٿيو. 16 اپريل 1987ع سنڌي ساز مُرلي جي جادوگر اقبال جوڳي جي وفات ٿي. 16 اپريل 2013ع ڪامريڊ مير محمد ٽالپر(ٽنڊو ڄام) وفات ڪري ويو۔ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th APRIL} EVENTS: 1920: The SehwanKhilafat Conference demands Upper Class to renounce Titles, AfreenNamas etc. It is also announced on the occasion that Sindh Khilafatees desiring to migrate to Afghanistan can apply for registration here and with Hijrat Committee. 1924: Sindh League of Progress in its Annual meeting held at Khalikdino Hall, Karachi elects the Committee for the Karachi branch for the forthcoming year, and elected members are: HarchandraiVishindas (Chairman), Shivrattan G. Mohatta; DipchandChandumal; Wali Muhammad Hassan Ali Effendi; JehangerPanthakey; G.M.Dyce-Keele; ArdeshirH.Mama; C.F.D’Abreo; Jamshed Mehta; E.L.Price and Sir Montague Webb (Honrary Secretary). 1930: The Congress Movement for violation of Salt Law takes turn as rigorous agitation in Sindh. Public meeting faces police firing in Karachi resulting killing of two Congress workers. Dr.Choitram, NaraindasBechar; SawamiKrishnanand; MailalVyas; TarachandLalwani and Vishno Sharma are arrested. 1933: Terming the ‘White Paper’ proposal as a quite unsatisfactory and derogatory to the self-respect of India, the Karachi Indian Merchants’ Association makes a number of suggestions for constitutional reforms. 1939: At Rajkot 500 Bhayat and Muslims stage an angry demonstration against Ghandi. Warah Muslim League organizes public meeting. It is attended by G.M.Syed, K.B.Khuhro and Kazi Fazluulah also. 1943: Sindh Muslim League observes ‘Deliverance Day’. Public meetings are held by various branches and resignation by Congress Ministries is celebrated. 1955: The Governor- General of Pakistan issues proclamation declaring the laws mentioned in the Schedule to Emergency Powers Ordinance of 1955, valid. 1957: National Assembly approves that the Presidential Rule in the West Pakistan be extended till September. 1977: SardarShoukat Hayat is expelled from PPP. Several PPP parliamentarians demand fresh elections’ 1988: U.S will exercise its right to provide military aid to Afghan resistance, American Secretary of state George Shultz says in Geneva.

No comments:

Post a Comment