Sunday 14 April 2024

SINDH in history today (15th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (15th April) & GOOD DAY WISH. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are created as Human-beings, but some people are bent upon to convert us iinto angels. It has created differences and distance in hearts and minds and has disturbed peace. These people have no hearts, but business-oriented mind. They will offer prayers so as to get Paraside. They will only continue contact, connection and relation till their interests require it. They will commit crimes, but will not accept their faults & mistakes. On the contrary, they will declare you sinfull in the same cases. Dear! Human-nature is combination of contrasts: good & bad, right & wrong, deeds & misdeeds. We can't end and change human-nature but can mould it in the interests of society. Let us work on it and for it.] غير انسانئ کي چون انساني انسان کي چون ٿي فرشتو, مطلب کان سواء تون مون ۽ خدا سان ڪين رکن رشتو, اچ تہ بدلايون اهو سرشتو, سرت سونهن سچ سلام سان. ********* 15.4.1836: سنڌ جي حڪمرانن محسوس ڪيو ته مٿن فرنگي سرڪار پنھنجئ مرضئ وارا معاهدا مڙھي رهي آھي. ان ڪري هنن مناسب ڄاتو ته پنهنجا وڪيل موڪلي فرنگي سرڪار سان ڳالھ ٻولھ ڪجي. هنن وڪيل موڪليا. ممبئئ ۾ وڪيلن سان ڪو واسطيدار صاحب ڪونه مليو, بلڪ هن جي توهين ڪئي وئي ته اوهان اسان جي سفارتڪار جو خط کڻي ڇونه آيا ۽ سڌي ملڻ جي همت ڇو ڪئي. مير نور محمد خان ڪرنل پاٽينجر کي لکي انھئ بدتميزئ تي احتجاج ڪيو. اڄ اهو خط پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي ڏياري موڪليو. 15.4.1850: انگلنڊ ۾ وڏي پئماني واري صنعتي نمائش ٿي رهي هئي. ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته هن نمائش ۾ سنڌ کي حصو وٺڻ گهرجي. ان لاء سنڌ مان اهڙي سامان جو بندوبست ڪر, جيڪو نمائش ۾ رکجي. 15.4.1859: فرنگين فريب سان سنڌ تي قبضو ڪري ڏاڍ سان حڪومت هلائي. پر, سنڌ جو عوام کي جڏهن ۽ جتي به موقعو مليو ته هن فرنگي حڪومت خلاف باه ٻاري. اهو سلسلو 1839 کان ئي هليو, جڏهن ڪراچئ تي قبضو ڪيو ويو ۽ اسان جي حڪمرانن رضا خوشئ سان ڪراچي لکي ڏني. اڄ ميرپور خاص ۾ ماڻھن مختيارڪار جي آفيس کي باه ڏني. 15.4.1939: راء بهادر گوڪلداس آھوجا سنڌ ۾ ”اسڪائوٽن جي سامونڊي گروپ" جو پايو وڌو. اڄ گورنر هائوس ڪراچئ ۾ گورنر "سامونڊي اسڪائوٽن جي گروپ جي ڪائونسل" جو افتتاح ڪيو. هن دور ۾ سنڌ واسي اسڪائوٽ موومينٽ ۾ اڳرا هوندا هئا. "اسڪائوٽ" نالي سنڌي ۾ ماهوار رسالو به نڪرندو هو. 15.4.1955: ملڪ ٺھيئي کي سال ٿيا, مگر ان جو آئين ڪونه ٺھيو. اڄ پاڪستان جي گورنر جنرل حڪم نامو جاري ڪري آئين ساز اسيمبلئ جي 60 ميمبرن کي چيو ته 10 مئي تي مرئ ۾ اچو ته "ڪانسٽيٽيوشن ڪنوينشن“ ڪيون. 15.4.1972: بحث ڪرڻ لاء قومي اسيمبلئ ۾ ”عبوري آئين" جو مسودو پيش ڪيو ويو ويو. [ملڪ ۾ وقت تي آئين نه ٺاهڻ جو ڪامورن, سياستدانن ۽ ملڪي بچاء ڪندڙن کي آئين نه هجڻ ڪري آئين تي هلڻ جي عادت ئي ڪانه پئجي سگهي] 15.4.1973: سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته 1972 وارئ آدم شمارئ مطابق پاڪستان جي آدم شماري 64 ملين آھي. 15.4.1976: خان عبدالولي خان ۽ ٻين 43 سياسي قيدن خلاف حيدرآباد ۾ اسپيشل ٽرائبيونل ڪيس هلائڻ شروع ڪيو. ياد رهي ته هن تاريخ تي گذريل سال خان عبدالغفار خان کي نظرانداز ڪيو ويو. ڀٽي حڪومت ۾ نئشنل عوامي پارٽئ ۽ بلوجستان صوبي سک جو ساه گهٽ کنيو. 15.4.1977: مولانا مودودئ اڄ ذوالفقار علي ڀٽي کي صلاح ڏني ته اقتدار تان هٿ کڻ. ملڪ جي وڏن شھرن ۾ پي.اين.اي ۽ پوليس جون خوني چڪريون ٿيون. هڪ سينيما, اٺن ڪارين ۽ هڪ بس کي باه ڏني وئي. جنرل رٽائيرڊ گل حسن ۽ ايئر مارشل رٽائيرڊ رحيم سفيرن جي عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون. [ڀٽي بچيل ٽٽل پاڪستان کي مضبوط ڪيو, نوي هزار جنگي قيدي آزاد ڪرايا ۽ مسلمان ملڪن کي گڏ ڪرڻ جا جتن ڪيا. هاڻي ڀٽو ڪيترن لاء ڪم جو نه رهيو هو.] *************** {15 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 15 اپريل 1922ع شاعر صوفي دوست محمد ساجد سرشاري (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 اپريل 1924ع شاعر غلام علي سوز کوکر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 اپريل 1925ع ليکڪ ۽ ٻوليء جي ماهر ابن الياس سومرو(حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1928ع ليکڪ محرم خان شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1929ع شاعر گر مُک گُل (حيدرآباد / احمد آباد) جي جنم جو ڏينهن آهي. 15 اپريل 1936ع شاعر امير بخش منير جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1941ع گلوڪار خوبچند خوشي راڻي (ڪراچي / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1949ع سگهڙ صاحب خان جلالاڻي (جلالاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1950ع شاعر قاضي مقصود گُل (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1955ع ليکڪ ۽ اڪيڊمي ادبيات جي اڳوڻي ريجنل ڊائريڪٽر آغا نور محمد پٺاڻ جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1962ع ليکڪ مانجهي زرداري (ڄام زرداري) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1963ع شاعره پشپا ولڀ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1967ع صحافي نذير لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1967ع ليکڪ منظور برهماڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1969ع شاعر ڊاڪٽر خادم منگي جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1972ع ليکڪ ناجي نور محمد جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1973ع صحافي جاويد سحر (بوبڪ) جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1975ع شاعر، نقاد ۽ ڪالم نگار علي آڪاش جو جنم ڏينهن آهي. 15 اپريل 1980ع ليکڪ اصغر ڳاهو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 15 اپريل 1865ع اڳوڻي آمريڪي صدر ابراهيم لنڪن کي قتل ڪيو ويو. 15 اپريل 1963ع ليکڪ ڀورومل رام رکياڻي ديهانت ڪري ويو. 15 اپريل 2007ع اڳوڻي سينيٽر حسين شاهه راشدي جو لاڏاڻو ٿيو. EVENTS: 15th April 1835: The Government of India is informed by its Native Agent, Hyderabad that Peeru Khoso made complaint against Officer Commanding the Forces at Balmeer in the court of Mir Noor Muhammad that officer is threatening his father, but Mir gave him disappointing reply. That Sindh Government is trying to establish relations with Kelat and Jessalmer and Vakils of both parties have visited countries of each other. 1836: Vakil of Mir Noor Muhammad Khan experienced incivility by British officers at Bombay and the protest is lodged with concerned quarters today by Mir. 1859: Muslims of India are defeated in the ‘War of Independence’. Sindh also played vital role , but the war against British Government has not been ended in Sindh. Mukhtyarkar’s office is put on fire by people in Mirpurkhas. 1936: Shahdadkot, once taluka of Larkano, is now district (Kambar-Shahdadkot) itself. The District Local Board decides that English be taught in Shahdadkot up to Fourth class. This may kindly be noted that prior to this English was taught in this city up to Third Standard. 1957: The West Pakistan Government imposes ban on the movement , sale and purchase of wheat in the province. 1977: General (r ) Gul Hassan and Air Marshall (r ) Rahim resign as ambassadors. Moulana Moudoodi advises Z.A.Bhutto to resign .

No comments:

Post a Comment