Wednesday 17 April 2024

SINDH in history (18th April). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, Founder GUL Hayat INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (18th April) & GOOD DAY WISH. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th April} & my Good Day Wish. ÷÷ توجه طلب واقعا ÷÷÷÷÷÷÷÷÷ 18.4.1839: ڪمپني حڪومت ۽ شڪارپور جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننٽ اسٽوڪ وچ ۾ خط و ڪتابت ذريعي طئي ٿيو ته ڪمپني حڪومت جيڪا "بلوچ ليوي" قائم ڪري رهي آھي, ان ۾ بلوچن کي وڏي تعداد ۾ شامل نه ڪجي. ياد رهي ته ايسٽ وڪ هن کان اڳ کوسن جي سردار قادر بخش ۽ بڙدين جي سردار شير محمد ولد ڪرم خان سان بلوچن کي برٽش فوج ۾ شامل ڪرڻ لاء ٺاه ڪري چڪو هو. مگر سرڪار کيس وڌيڪ بلوچ ڀرتي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. 18.4.1919: جيڪب آباد ۾ سنڌ جي ڇهين صوبائي ڪانفرنس ٿي, جنهن جي صدارت جمشيد مهتا ڪئي. سندس صدارتي تقرير ۽ ڪانفرنس جي مڪمل ڪاروائي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 18.4.1932: شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي صدارت ۾ ڪراچئ ۾ ”پهرين سنڌ آزاد ڪانفرنس" ٿي. هن ڪانفرنس ذريعي سنڌي عوام ۽ خاص طور تي سنڌي مسلمانن کي هم خيال بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ ڪري خودمختيار صوبو بڻائجي. هن ڪانفرنس ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون, مير محمد بلوچ, جي.ايم.سيد ۽ محمد ايوب کهڙي کان سواء ٻيا به چوٽئ جا مسلمان سياستدان شريڪ ٿيا. 18.4.1938: 32 عالمن جي نالن سان هن کان اڳ اشتهار ڇپرائي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي. اڄ مغرب نماز کان پوء لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو, جنھن جي صدارت مولانا مير محمد نورنگئ ڪئي. هن جلسي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مسلم ليگ کي فعال بنائڻ لاء عهديدار چونڊيا ويا ۽ 25 ميمبرن واري هڪ ورڪنگ ڪميٽي ٺاهي وئي. تقرير ڪندڙن مسلمانن کي ڪانگريس کان پري رهڻ ۽ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جو تاڪيد ڪيو. 18.4.1951: ملڪي سرڪار پناهگيرن جي آبادڪارئ لاء ھائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن قائم ڪئي. 18.4.1965: پاڪستان يو.اين.او جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پنهنجو موقوف ٻڌايو ته انڊيا اسان جي علاقي ڦٻائڻ لاء رڻ ڪڇ تي چڙھائي ڪئي. 18.4.1977: سردار شوڪت حيات, بلخ شير مزارئ ۽ عبدالله روڪڙئ قومي اسيمبلئ جي ميمبر ئ تان استعيفا ڏني. پي.اين.اي وارن ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي غير قانوني چوندي ان خلاف زوردار احتجاج ڪيو. 18.4.1978: اڳوڻي وزير خارجه عزيز احمد انھئ ڳاله جي ترديد ڪئي ته ڀٽي شملا معاهدي کان اڳ ڪو ڪشمير بابت مخفي ٺاه ڪيو هو. 18.4.1993: صدر اسحاق اڄ نواز شريف جي حڪومت ڊاهي وزارتون ختم ڪري, بلخ شير مزارئ کي وقتي وزير اعظم جو قسم کڻايو. ÷÷÷÷÷÷÷÷÷ {18 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 18 اپريل 1860ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 اپريل 1901ع ليکڪ حاجي حقير ابن مڱڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 اپريل 910ع سياستدان پير غلام حيدر شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 18 اپريل 1917ع شاعر لڌارام گوتم شڪارپوري جو جنم ڏينهن آهي. 18 اپريل 1922ع شاعر رشيد لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. 18 اپريل 1924ع ليکڪا پارپتي رام ڪرشن آڏواڻي جي حيدرآباد ۾ پيدائش ٿي. 18 اپريل 1945ع شاعر ۽ ليکڪ غلام حسين رنگريز جو جنم ڏينهن آهي. 18 اپريل 1954ع ليکڪ مير اعظم علي ٽالپر (ٽنڊو ڄام) جو جنم ڏينهن آهي. 18 اپريل 1967ع ليکڪ برڪت علي جيهو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 اپريل 1968ع ليکڪ اميد سنڌي (دادو) جي جنم جو ڏينهن آهي. 18 اپريل 1970ع آرٽسٽ نياز جاني (شهدادپور) جو ڏينهن آهي. 18 اپريل 1973ع شاعرہ ۽ ليکڪا سيما عباسي جو جنم ڏينھن آھي. 18 اپريل 1984ع شاعر ساقي جتوئي جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 18 اپريل 1955ع سائنسدان البرٽ آئنسٽائين جو انتقال ٿيو. 18 اپريل 1954ع ليکڪ ۽ تعليمي ماھر لالچند امرڏنومل ديهانت ڪري ويو. 18 اپريل 1962ع مذهبي اسڪالر علامه حماد الله هاليجوي جي وفات ٿي. 18 اپريل 1976ع ليکڪ الهه بخش ٽالپر جو انتقال ٿيو. 18 اپريل 1980ع ليکڪ حبيب الله ڀٽو (شڪارپور) جي وفات ٿي. 18 اپريل 2019ع غزل جي بادشاھ شاعر خانصاحب ولي محمد وفا پلئ جي وفات ٿي. Dr.Pathan wishes you Good Day. [There is no provision for logic and arguments in love affair. It requires sincerity, trust and dedication. Surrender before dear, you will find yourself very near to him/her. If you believe Allah religiously, do not shift responsibility of performing your duties to Him. Because, He has empowered you properly and accordingly. Do, what you have to do. Don't insist on taking and getting, if you are not ready to give. Dear! Revisit and revise your vision & wisdom, strategy & life-craft] بحث برہ ۾ ۽ منطق محبت ۾ جائز ناھ، ڪرٹو سب ڪجھ پاڻ کي بار نہ اھو لاھ، ڳالھ اھڙي ٺاھ، جو ڄاٹین سونھن سلام کي. ************ EVENTS from history: 1839: Charles Napier is asked by the Governor-General of India to prepare a sketch of the last battle with Talpurs of Sindh. 1919: The 6th Sindh Provincial Conference is held at Jacobabad. It is presided over by Jamshed Mehta. Details of this Conference are available on the website of the Gulh Hayat. 1932: Shaikh Abdul Majeed Sindhi presides over ‘Sindh Azad Conference’ at Karachi. It is participated by Seth Haji Abdullah Haroon, Mir Muhammad Baloch; G.M.Syed; Muhammad AyubKhuhro and others. 1938: On the call of 32 Muslim Religious Scholars, made through pamphlets published for the occasion, a big public meeting is held by Larkano Muslim League with Moulana Mir Muhammad Naurangi as its president. The gathering is addressed by local leaders of the party. 1939: M.A.Jinnah in a Press Statement criticized Gandhi’s attitude regarding Muslim representation on the Rajkot Reforms Committee and advise Muslims in State to boycott the Committee. 1951: The Refugees Tax Committee meeting presided over by the Prime Minister Liaquat Ali Khan decides to set up a House Building Finance Corporation to build refugees’ town in each unit of the Pakistan. 1968: Pakistan Shows willingness to serve as the venue for talks between the U.S and North Vietnam. 1978: Former Pakistani Foreign Minister Aziz Ahmad denies Vajpaee’s statement in LokSabha that Bhutto and Indra had secret understanding on Kashmir before Simla Accord. 1993: President GhulamIshaq Khan dissolves the National Assembly and dismissed the Nawaz Sharif cabinet.BalakhsherMazari is sworn in as Caretaker Prime Minister.

No comments:

Post a Comment