Saturday 1 October 2022

Sindh in history today (2nd October). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (2nd October) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 2 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 2.10.1842: مٺڻ ڪوٽ, ڀنگ ڀاڙا, فيروزپور ۽ بهاولپور کان فرنگي/فرنگين جي واپارين جون تجارتي سامان سان ٻيڙيون ڀرجي سنڌ ڏانھن اينديون هيون. مير رستم علي خان ۽ مير نصير خان حيدرآبادئ جا ماڻھون انھن کي روڪي رکندا هئا ۽ محصول وٺڻ کان سواء ٻيڙين کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندا هئا. پوء انھن واپارين فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ وٽ دانھڻ شروع ڪيو. جن ميرن سان خط و ڪتابت ڪئي ۽ نتيجي ۾ واپارين تان محصول معاف ٿيو. 2.10.1853: سرڪار حڪم نامو ڪڍيو ته هن کان پوء ڪنهن کي به جاگير ڏبي ته کيس ان جي سالياني اپت جو پنج سيڪڙو هر سال سرڪار کي ڏيڻو پوندو. انھئ پنج سيڪڙي مان ٻه سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪبو. 2.10.1919: لاڙڪاڻه خلافت ڪميٽئ جو وفد, جنھن ۾ سيٺ الهداد سرهيو ۽ سيد محمد شاه شامل هئا, سو وڃي حاجي امير علي لاهورئ سان مليا. حاجي امير علي لاهوري ان وقت لاڙڪاڻه ميونسپالٽئ جو صدر ۽ "انجمن اسلام" جو صدر هو. 1884 کان وٺي لاڙڪاڻي جي سياست تي لاهورين جو ڌاڪو ڄميل هو. حاجي امير علي سرڪار جو اعتماد جوڳو وفادار سياستدان هو. خلافتي وفد هن کان اجازت گهري ته ميونسپل حدن اندر ڪنھن مناسب جاء تي 19 آڪٽوبر تي "خلافت ڊي" ملهائڻ جي اجازت ڏيو. حاجي امير علي لاهورئ نه فقط کين اهڙي اجازت نه ڏني, پر سختئ سان منع به ڪئي ته لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن به هنڌ تي حڪومت خلاف ڪو جلسو نه ڪريو. انھئ اختلاف لاهورين جي سياست جي سج لهڻ جو آغاز ڪيو. 2.10.1934: برٽش پارليامينٽ جي " پارليامينٽري ڪميٽئ" پنهنجئ سرڪار کي سفارش ڪئي ته سنڌ کي صوبائي خود مختياري ڏني وڃي. اسان جي ڪيترن سياسي محققن کي اها خبر به نه هوندي ته سنڌ تي 1843۾ قبضي ٿيڻ کان 1947 تائين برٽش پارليامينٽ ۾ سنڌ بابت ڪيترا بحث ٿيا ۽ سوال جواب ٿيا. هڪ سو سال جي پارليامينٽري رڪارڊ ۾ سنڌ بابت سوين صفحا موجود آھن. اهي گڏ ٿيڻ گهرجن 2.10.1945: سنڌ ۾ مسلم ليگ کي مقبول بنائڻ ۽ مسلم ليگ جي پاڪستان واري مطالبي کي سنڌ اسيمبلئ مان پاس ڪرائڻ ۾ جي.ايم.سيد وڏو ڪردار ادا ڪيو. پر پوء چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽون ڏيڻ واري مامري تي مٿس سيد-پرست جا الزام هڻي, مسلم ليگي سياستدانن مسل ليگ کي پير ڪڍڻ ۽ پٽڪا ڊاهڻ واري پارٽي بڻائي ڇڏيو. ان جي سنڌي مسلمانن جي سياست تي منفي اثر پيا. اڄ سنڌ جي 300 کن مسلمان سياستدانن ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ڪري فيصلو ڪيو ته ههڙئ مسلم ليگ کان ڀڄي جند ڇڏائجي ۽ ڪو پنهنجي لاء هڪ نئون سياسي پليٽ فارم جوڙجي, جيڪو مسلم ليگ جو حريف پليٽ فارم بڻجي, ان جي مخالفت ڪري. 2.10.1957: ڪافي وقت کان وٺي ملڪ ۾ ”پاڪستان سيڪيرٽي ايڪٽ" لاڳو هو. اڄ سرڪار نامدار ان ۾ وڌيڪ هڪ سال جو اضافو ڪيو. 2.10.1959: حيدرآباد ۾ ”مهاجر بستي" نالي ڪالوني قائم ڪئي وئي. [ڪراچئ کان پوء حيدرآباد ۾ منظم نموني سان آدم شمارئ جي توازن ۽ سماجي اڻ-بڻت جي ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي. سنڌي سٻاجهڙا سک ۽ سڪون سان اهو سڀ ڪجھ ڏسندا ۽ واه واه ڪندا رهيا] 2.10.1990: لاهور جي ڪورٽ ۾ بينظير ڀٽي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي هئي ته ڪن شاهينگن ڪورٽ جي حدن ۾ هل هنگامو ڪيو ته جيئن ڪورٽ کي اهو تاثر ڏجي ته اهو هل هنگامو پيپلز پارٽئ وارا ڪري رهيا آھن. ************-*** 2 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 2 آڪٽوبر 1869ع هندستان جي آزادي لاء جاکوڙيندڙ موهنداس ڪرمچند گانڌي(مهاتما گانڌي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1904ع هندستان جي آزادي لاء جاکوڙيندڙ ۽ هندستان جي اڳوڻي وزير اعظم لال بهادري شاستري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1925ع شاعر ۽ گلوڪار ڪانجي لال قاصد (ٺارو شاهه / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1928ع شاعر، اديب ۽ نقاد ايشور آنچل(ڪراچي / الهاس نگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1933ع سياستدان مير اعجاز علي ٽالپر (ٽنڊو محمد خان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1934ع تعليمي ماهر انيتا غلام علي(ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1935ع شاعر غالب لطيف (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1938ع شاعر موهن واسواڻي (خيرپور / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1938ع فلمي دنيا جي چاڪليٽي هيرو وحيد مراد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1948ع محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ ليکڪ الطاف اثيم (راڻيپور) جو جنم ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1959ع ليکڪ ناز سنائي (مانجهند) جو جنم ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1964ع شاعر منظور پيارو عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1960ع سياستدان محمد اسلم ڀوتاڻي(دريجي / لسٻيلا) جو جنم ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1971ع شاعره ڪلپنا ديوي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1975ع شاعر تبسم ماجد (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1977ع شاعر عاجز امتياز (محرابپور) جو جنم ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1978ع شاعره روبينه ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي. 2 آڪٽوبر 1978ع ليکڪ نور محمد شاهي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 2 آڪٽوبر 1944ع شاعر ۽ ليکڪ ٻوڌراڄ ٻوڌ جو لاڏاڻو ٿيو. 2 آڪٽوبر 1955ع صوفي شاعر ميان غلام محي الدين ميرل (هالا) جو لاڏاڻو ٿيو. 2 آڪٽوبر 1959ع شاعر اختر هالائي جو انتقال ٿيو. 2 آڪٽوبر 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان سومرو جي وفات ٿي. 2 آڪٽوبر 1984ع شاعر باغ لکوي جو انتقال ٿيو. EVENTS 1835: Colonel Pottenger informs his Government that he has received some secret messages from Sindh Rulers and he intends to depute Lieutenant Burns to proceed to Hyderabad in this regard. (Source: letter No.70). 1919: Deputation of Larkano Khilafat leaders consisting of Seth Khudadad Surahio and Syed Muhammad Shah meet Haji Amir Ali Lahori, the President of Larkano Municipality to get permission for holding fucction to celebrate ‘Khilafat Day’ in Municipal area on 19th of October. Haji Amir Ali Lahori, who is also president of ‘Anjuman Islam’, Larkano, not only refuses to grant permission and ask them to avoid gathering people for anti-British Government purpose. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1922: Bhagwandas, local Congress Activist of Larkano is awarded 12 months imprisonment under 108 CPC for extending his cooperation to Khilafat Committee and participating in Non Co-Operation Movement. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1929: Sindh Congress celebrates birthday of Gandhi. Processions are taken out and public meetings are held. (Source: Sindh Observer). 1934: The Parliamentary Committee of the British Parliament recommends that Sindh should be separated from Bombay Presidency. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1945: Over 300 Nationalist Muslims from all over Sindh assemble in a conference at Karachi, and decide to create a new party to present a united front against the Muslim League during the election and create new political life among Muslim masses in Sindh. (Source: Indian Annual Register, Vol-11, 1945). 1957: Pakistan Security Act to remain enact for more one year. Government issues Notification. (Source: Government Notification). 1959: Muhajir Basti is established at Hyderabad. (Source: Newspapers). 1990: Due to disturbance in court area at Lahore, Reference against Benazir Bhutto is not heard. Defense Counsel of Benazir alleges that police present in civil clothes is responsible for violence. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute).

No comments:

Post a Comment