Tuesday 25 October 2022

Sindh in history today (25th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(25th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. [Selfishness is mother of human hate & discrimination. It encourages to ignore talents & potentialities and love & beauty. It kills sincerity and gives birth to hypocrisy. It is the best to be Self instead of being selfish] خیر گھرجي نہ خلق جو، چاھجي خلق گھري سدائين خیر، 'مطلب' لاء جھڪي پئجي، اڳيان پنھنجو ھجي یاڪو غیر، هن کي چئجي من جو میر، جو نہ ڄاڻي سرت سلام کي ! ‏‎ ‎ *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************** EVENTS 1838: Colonel Pottenger informs his Govt. that Mir Noor Muhammad is trying to enter into alliance with Persia and Russia and he is avoiding relying on British Govt. However, Mir Muhammad has refused to be a partner to such a measure. 1847: The Collector of Shikarpur informs Sindh Govt. that all Bugti refugees have surrender except Islam Khan and Dotal Moondrani Bugti, robber has been captured by Adujant Alam Khan. 1849: Major Jacob requests Commissioner that many men of the border force were suffering from fever and for the protection of the Northern Frontier, detachment of the Sindh Horse at present serving in Punjab should be ordered back to Upper Sindh. 1922: A public meeting is held at village Gul Muhammad Tunio by the local branch of the Khilafat Committee. It is chaired by Moulvi Ghulam Hussain and addressed by Hafiz Abdullah. 1971: President Yahya sends his proposal to the U.N.O Secretary General for withdrawal of forces, appointment of neutral observers to minimize Indo - Pak tension. 1972: China accuses the Soviet Union of aggression to dismember Pakistan. 1989: Nawaz Sharif and Altaf Hussain pledge to unseat Benazir. Both address press conference in Karachi. 1990: Election results reveal that PDA is routed in Punjab, Sindh majority is cut down. Veterans Pir Pagaro, Wali Khan, Nawabzado Nasrullah and Asghar Khan lose. IJi gets 104 and PDA wins 45 seats in National Assembly. 2000: NAB unveils $ 1.5 billion assets of Benazir Bhutto and Asif Ali Zardari ( 25 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 25.10.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل ڏانهن خط لکيو, جيڪو ڇاپي صورت ۾ وڏن 6 صفحن تي مشتمل آھي. انھئ طويل ترين خط جون ڪي خاص ڳالهيون آھن: (1). شاه شجاع پنهنجا ٻه معاهدا ميرن ڏي موڪلي ڏنا آھن,(2). اپت مان هر سال ھر هڪ حيدرآبدي مير کي پنج لک روپيا ملن ٿا,(3). سنڌ ملڪ ۾ واپار اڪثر ڪري شين جي مٽا سٽا مطابق هلندو آھي, (3). هر ڪو مير ائين چاهي ٿو ته هن سان رکيل دوستي جهڙي دوستي ڪنهن ٻئي مير جي دوستئ جهڙي نه هجن گهرجي,( 4). پرشيا جي حاڪم محمد شاھ ميرن ڏي قاصد ڪيا آھن ته اچو ته پاڻ ۾ اتحاد ڪري روس سان ملي انگريزن جي توسيع پسندئ کي روڪيون. مير هن سان رابطي ۾ آھن, (5). مير رڳو ڳالهيون ٿا ڪن ۽ پروانن ڏيڻ ۾ ٽال مٽول ٿا ڪن. ان ڪري اتر سنڌ ۾ برنس ۽ ڪراچئ ۾ سيٺ نائونمل اسان جي فوج لاء ان ۽ اٺ خريد نه ٿا ڪري سگهن, (6). حيدرآبادي مير اسان کي شڪارپور ۾ فوج رکڻ ۽ مير رستم علي خان سان معاهدي ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيا آھن. 25.10.1838: شاه شجاع يڪطرفا ٻه معاهدا لکي مير علي مراد, مير نصير محمد ۽ مير نور محمد ڏي ڏياري موڪليا. جن جو لب لباب هئ آھي ته مان 50 ڏينھن شڪارپور جي شاهي باغ ۾ ترسندس. سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي منھنجي ڪا مرضي ناهي. 25.10.1841: ميجر آئوٽرام کي سنڌ ۽ بلوچستان جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو. ھي ميرن کي شڪست ملڻ تائين سنڌ ۾ رهيو. نيپيئر جي پاليسئ ۽ قدمن جي مخالفت ڪندو رهيو ۽ هن نيپيئر خلاف اخبارن ۾ لکي کيس ڏاڍو بڇڙو ڪيو. 25.10.1842: اڄ ڻيپيئر سکر مان آئوٽرام ڏي خط لکي ٿو, جيڪو حيدرآباد ۾ آهي. خط ۾ لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن بابت ڪئپٽن مائلينڊ جو لکيل ميمورنڊم بلڪل درست آھي. حيدرآبادي ميرن جي بي وفائين ۽ سازشن جو توڙ ڪڍڻو پوندو ۽ سندن حڪمرانئ يا وارثئ بابت اسان کي ڪجھ نه ڪجه ڪرڻو پوندو. مير نصير خان بدران مير ميرمحمد کي تخت ڌڻي ڪجي. هن جي مرڻ کان پوء مير صوبدار ۽ سندس پٽ تخت جا واث ٿين. جيسيتائين انھئ جي گورنر جنرل کان منظوري ملي, في الحال مير نصير خان بدران هڪ دم مير صوبدار جو خاندان ملڪ جو والي ڪجي. 25.10.1847: شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي لکي ٻڌايو ته بگٽين جي اڪثريت اسان اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا آھن. انھن مان هڪ مشهور ڏوهاري ڏوتل موندراڻي بگٽي ڀڄي ويو هو, اهو به پڪڙيو اٿئون. 25.10.1920: ٽرمبڪ لال ديو شنڪر جي "شري ونڪر آريا هٽ وردڪ ناٽڪ ڪمپني" هوندي هئي. ان ۾ 110 ماڻھون ڪم ڪندا هئا. انھئ ناٽڪ ڪمپنئ ڪراچئ جي "شيوارام ٿيئيٽر هال" ۾ “چترا ڪمار" نالي ڊرامو اسٽيج ڪيو. ان طرفان ٻئي ڏينھن تي وري "برهم ڪماري" ڊرامو به ڪيو ويو. ياد رهي ته ٿيئٽر هال کيمچند آسنمل جو هو. ان ۾ اڪثر ڪري ٻاهران ايندڙ ناٽڪ ڪمپنيون ڊراما ڪنديون هيون. 25.10.1989: نواز شريف ۽ الطاف حسين ڪراچئ ۾ گڏيل ڪانفرنس ڪندي چيو ته هر قيمت تي بينظير ڀٽو جي حڪومت ڊاهي ساه پٽينداسين. پاڪستان ۾ جڏهن سياسي حڪومت هوندي آھي ته مخالف ڌر وارا ان کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. وري جڏهن مارشل لا حڪومت هوندي آھي ته ان جو زور احساب تي ۽ نئين سياسي نظام نافذ ڪرڻ جي زور هوندو آھي. ملڪ ۾ حڪمرانئ جو مقصد ۽ ڪم اهو ئي رهيو آھي. 25.10.1990: ڪاله ملڪ ۾ چونڊون ٿيون ۽ اڄ نتيجا ڪڍيا ويا. قومي اسيمبلئ ۾ آء.جي.آء 104 سيٽون ۽ پي.اي.ڊي وارن 45 سيٽون کنيون. پنجاب ۾ پيپلز پارٽئ جي تڏا ويڙھ ٿي ۽ سنڌ ۾ ان جي پهرين حيثيت گهٽجي وئي. پير پاڳارو, ولي خان, نوابزادو نصرالله ۽ اصغر خان هارايو. 25.10.2000: نيب اختيارئ وارن چيو ته بينظر ڀٽو ۽ آصف زردارئ جا اثاثا 1.5 بلين $ آھن. *************** { 25 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: *************** 1904ع شاعر سترامداس ڪيولرام ڀڳواناڻي(روهڙي / پونا). 1906ع مرزا قمر علي بيگ حيدري. 1926ع نامياري چترڪار اسماعيل گل جي. 1937ع ليکڪ لڪشمڻ جسوجا (سنڌ / احمد آباد). 1947ع ليکڪ سريچند ڪيسواڻي. 1959ع اداڪار امبرت واسواڻي. 1961ع آرٽسٽ ذوالفقار هيسباڻي. 1964ع شاعر آڪاش سومرو. *************** [وڇوڙو]: *************** 1995ع نامياري ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسي. 2005 لوگ گلوڪاره، استاد، ڪهاڻيڪار ۽ سياسي ڪارڪن زرينه بلوچ. 2005ع شاعر راحم صديقي.

No comments:

Post a Comment