Thursday 13 October 2022

Sindh in history today (14th October). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(14th October). 1. GOOD DAY WISH composed in my language alongwith its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are creaters of our own sorrows and promoters of longings of our own and our Motherland. We can't accept status of others. We love to misuse beauty, snatch respect and make others to bow before our desires. Exploitation of ideologies is our vision and wisdom and betraying others is an art of our life. Come on my Dear. Play your part as role model. Teach us how & why to love & respect and accept & serve people with sincerity & dedication and without hatred & discrimination.] ڪو ڳڻ ٿي تہ ڳهيلو ٿي نہ تہ يار تون مري ويندين, پنهنجي ئي ڌرتئ تي تون پنهنجن جو نشانو ٿيندين, سرت اٿئي سونهن اٿئي يا پنهنجي پيرن تي بيهندين, ڪنهن سبب جواز کان سواء دشمني ۽ ڏاڍ ڏسندين, سنڌ ۾ ماکئ جون نديون وهنديون اهو بہ ٻڌندين, تن جي هٿان ئي رت جي درياھ ۾ سدائين ٻڏندين, ڳڻي ڪين سگهندين ڏک ڌرتئ جا جي تون ڳڻيندين, سرت سونهن سچائئ ۽ سلامن سبب خوار ٿيندين, هي حال حشر پاڻ ڪيو سنڌ جو پر ڪين مڃيندين, ڪر وعدو پرين مون سان درس محبت پيو ڏيندين. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh histo ry has not been told by any Scholar in this way daily. 14 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 14.10.1839: پاٽينجر اڄ ميرن کي ميمورنڊم ڏياري موڪليو, جنھن ۾ ھي ڳالهيون اهم آھن: (1). سنڌ ۾ فرنگي فوج رکڻ لاء مير نور محمد, مير نصير خان ۽ مير محمد خان هر سال فيبروري مهيني ۾ هر ڪو لک لک ڪمپني روپيا ڏيندو. اهي ڏوڪڙ فيبروري 1839 کان ڏنا ويندا. (2). منوڙو ٻيٽ ڪمپني حڪومت جي هٿ هيٺ رهندو. (3). حيدرآباد شھر ٻاهران ڪمپني فوج جي ڇانوڻي اڏي ويندي. جاء جي فيصلي ۾ ميرن جي گذارش نظر ۾ ھوندي, (4).ميرن کي شاه شجاع جي ڏن جا باقي رهيل پئسا- يارنهن لک تيموري يا ڪمپني روپيا- هڪدم ادا ڪرڻ گهرجن. 14.10.1842: فرنگي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکيو ته ميرن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي اسان جي ٻيڙين کي سنڌوندئ ۾ هلڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون. ان لاء ھنن کي تاڪيد ڪر ته اڳتي ايئن نه ڪن. هنن تي ٻيڙين روڪڻ لاء ڏنڊ وجھ ۽ اهو ڀرائي وٺين. 14.10.1842: آئوٽرام اڄ نيپيئر کي تفصيلي خط لکي ٻڌايو ته خيرپوري ميرن اسان جي معاهن جي ڀڃڪڙيون ڪيون آھن: (1). مير رستم خان لاهور جي شيرسنگ سان اسان خلاف مخفي خط و ڪتابت ڪئي آھي, جيڪا مون پڪڙي آھي,(2). وزير فتح محمد غورئ اسان کي گهربل سيد محمد شريف کي ڀڄائڻ ۾ مدد ڪئي, (3). خيرپور واري مير نصير خان جي نمائندي اسان جي فوج جو سامان چوري ڪرايو ۽ دانھن تي به مير تدارڪ نه ڪيو, (4). مير رستم علي خان ڀنگ ڀاڙا پتڻ تي اسان جي ٻيڙين تي ڳاٽي ڀڳا محصول مڙھيا ۽ هن اتي اسان جا ماڻھون گرفتار ڪيا آھن. [انهن حالتن ڪري ڀنگ ڀاڙا وارو پرڳڻو پوء بهاولپور وارن کي مليو] 14.10.1955: گذريل اڌ رات کان اسان جي ڳچئ ۾ ون يونٽ جو ڳٽ پئجي ويو. مشتاق احمد گرماڻئ کي مغربي پاڪستان جو گورنر بڻايو ويو. 1847 ۾ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ٿي هئي. اڄ وري ان جي صوبائي حيثيت ٻيهر ختم ٿي. 14.10.1858: سنڌ ۾ جاگيرن جي اسپيشل ڪمشنر بي.اي. ايلس سنڌ جي هيٺ ڄاڻايل سردارن ۽ سندن خاندانن بابت معلومات مراسلي نمبر 27 مطابق ممبئي سرڪار کي ڏياري موڪلي: ٽالپور, نظاماڻي, لغاري, مري, جمالي, براجماڻي, رند, چانگ, ڇلگري, لاشاري, نوهاڻي,لنڊ, ڪلوئي, جتوئي, نوتڪاڻي, نوندناڻي, جلالاڻي, کوسا, مگسي, کوکر ۽ کٽياڻ. [انھن مان ڪن ذاتين تي اسان جي دور ۾ تحقيق ٿي آھي. پر محققن ايلس جي هن تحقيقي ڪم مان ڪنهن به استفادو ڪونه ڪيو آھي] 14.10.1990: لاهور هاء ڪورٽ فيصلو ڏيندي صدر جي اهئ قدم کي جائز قرار ڏنو, جنهن مطابق هن اسيمبليون ٽوڙي نگران حڪومت قائم ڪئي. { 14 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1921 شفيع محمد اوج علوي(شڪارپور). 1926ع سماج سڌارڪ غلام علي عباسي. 1950ع ليکڪ ابراهيم خشڪ جي پيدائش. 1960ع شاعر وفا نادر خاڪراڻي. 1962ع شاعر مخدوم سعيد الزمان عاطف (هالا). 1971ع شاعر خضر کوکر (لاڙڪاڻو). 1971ع صحافي راجا ياسين (دادو). 1974ع ليکڪ احمد منصور عباسي (لاڙڪاڻو). 1985ع شاعر مير ڪلوئي. [وڇوڙو]: 1952ع شاعر محمد بخش واصف. 1983ع شاعر اڪن فقير اوڍاڻو. 1996ع موسيقار استاد فيروز گل. 2000ع صحافي ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري. EVENTS: 1955: Sindh re - loses her provincial status. It was in 1847, when Sindh lost its provincial status of only four years and was separated from Bombay Presidency with provincial status in 1936 and today West Pakistan Province comes into existence. Mushtaq Ahmad Gurmani is appointed its Governor and Dr.Khan Sahib will be the first Chief Minister of the West Pakistan. East Bengal is renamed as East Pakistan. 1958: Sindh Hari Committee is dissolved. 1961: Camel - men of Karachi, Bashir, reaches America as the guest of Vice President Johnson. 1972: Constitution Conference to be held on 17th of October. PPP Govt sends invitations to the leaders of the Parliamentary parties. 1977: PPP Leader Begam Ashraf Abbasi is put under house arrest in Valid.

No comments:

Post a Comment