Saturday 8 October 2022

Sindh in history today (9th October). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (9th OCTOBER) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 9 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 9.10.1838: پاٽينجر اڄ حيدرآباد مان پنهنجي گورنر جنرل کي سندس سيڪريٽرئ معرفت تمام وڏو ۽ تفصيلي خط لکي ٿو, جنهن ۾ اهم ڳالهيون هي آھن: (1). مان مير صوبدار خان سان ملڻ ويو هئس ته مير نورمحمد جي ماڻھن منھنجي وڏي بي عزتي ڪئي هئي. پوء وري پنهنجو وڏو پٽ مير شھداد خان ۽ ڪي عملدار موڪلي مون کان معافي ورتائين ۽ گذارش ڪيائين ته اها بي عزتئ واري ڳاله گورنر جنرل جي ڪن نه پئي.(2). ميرن قرآن شريف تي لکي شاه شجاع کي ڏن/مالي مدد ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو. هنن پهرين قسط به ڏني ۽ هاڻي چون ٿا ته وڌيڪ نه ڏينداسين. اها خبر شاه شجاع وٽان ئي پوندي ته ميرن ڪيتري ڏن ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو.(3). منھنجو اندازو آھي ته حيدرآبادي ميرن جي سالياني آمدني 42 کان 50 لک روپيا ۽ خيرپورين جي 15 لک روپيا آھي. پانٽيجر وڌيڪ لکي ٿو ته ميرن تي اعتبار ڪرڻ اسان جي غلطي ٿيندي. هنن کي جڏهن به موقعو ملندو ته ٻاهرين حاڪمن سان ملي اسان جي مخالفت ۾ محاذ ٺاهيندا. 9.10.1842: هن زماني ۾ بهاولپور ۾ پير ابراهيم نالي فرنگين جو مقامي ايجنٽ رکيل هوندو هئو. هو اڄ ليفٽننٽ برائون کي ٻه خط لکي ٿو. انھن ۾ ھي خاص ڳالهيون ڪري ٿو: (1). واپارين دانھون ڏنيون آھن ته ميرن جا ڪاردار ڀنگ ڀاڙا ۽ سبزل ڪوٽ ۾ ٻيڙن تي وڏو محصول مڙھن ٿا, ان ڪري سکر لاء ويندڙ ٻيڙيون جهڙوڪ هلڻ بند ٿي ويون آھن ۽ واپار کي ٻنجو اچي ويو آھي. ميرن جا ماڻھون گيه ۽ ٻيو سامان به زورئ کڻن ٿا.(2). ڏهڪاء پيدا ڪرڻ لاء اسان جي ڪن واپارين جي ٻيڙين تي ميرن جي سپاهين فائرنگ ڪئي آھي ۽ ڪن واپارين جون ٻيڙيون پنهنجي قبضي ۾ ورتيون آھن. 9.10.1843: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کي ڪجھ مهينا مس ٿيا آھن ۽ نيپيئر هاڻي پنهنجي خيرخواه مير علي مراد خان لاء سازشن ۽ مخالفتن جو ڄار وڇائڻ شروع ڪيو ۽ مٿس شڪ ڏيکاريو ته تو ٺڳئ سان خيرپور جي حڪمراني هٿ ڪئي آھي. نيپيئر جي جواب ۾ مير علي مراد خان صفائي پيش ڪندي اڄ لکي ٿو ته: " پهريون مير رستم خان مون ڏانھن پنهنجو وڏو پٽ, مير محمد حسين, مير نصير خان, فتح محمد غوري ۽ پير علي گوهر موڪلي پڳ پائڻ ۽ خيرپور رياست جي حڪمراني ڪرڻ لاء چورايو. پوء پاڻ مون ڏي ڪوٽ ڏيجئ آيو. پنهنجي هٿن سان پڳ ٻڌائين ۽ قرآن شريف تي لکي, ان تي مهر هڻي ڏنائين ته تون حڪمران آھين. پوء مون ڪيئن ۽ ڪهڙي هيرا ڦيري ڪئي؟" 9.10.1919: لاڙڪاڻي جي سياست رنگ مٽائڻ شروع ڪيا. "انجمن اسلام" تنظيم جي ان جي صدر سرائي شاه محمد لاهورئ جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سندس قيادت تي اعتماد جو اظھار ڪيو ويو. انجمن جي سيڪريٽرئ غلام علئ جان محمد جوڻيجي کي دعوت ڏني ته هو خلافت ڪاميٽئ ۾ ٿيل فيصلن بابت انجمن جي صدر کي آگاهي ۽ بريفنگ ڏئي. ياد رهي ته خلافت تحريڪ لاڙڪاڻي ۾ لاهورين جي سياسي اثر کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سرائي شاه محمد لاهورئ خلافت تحريڪ جي مخالفت ڪئي, ان ڪري عوام وري سندس مخالف بڻجي ويو. 9.10.1947: پاڪستان جي وزير اعظم انڊيا جي انھئ چوڻ جي مخالفت ڪئي ته پناهگير پاڪستان نه وڃن, ڇو ته انھن جي اتي بهتر طريقي سان بحالي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته لڏي ايندڙن جي هر طريقي سان پاڪستان ۾ سار لهي ويندي. 9.10.1977: لاهور هاء ڪورٽ بينچ جسٽس مولوي مشتاق احمد جي سربراهئ ۾ نواب محمد احمد قتل ڪيس ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ضمانت ڪئنسل ڪئي. 9.10.1995: سنڌ سيڪريٽريٽ تي ڇھ راڪيٽ اڇلايا ويا. { 9 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1928ع ليکڪ ڊاڪٽر موهن شرما (شڪارپور/ دهلي). 1943ع تعليمي ماهر محمد اسحاق ابڙو. 1972ع شاعره گُل بيبي بخاري (ٺٽو). 1974ع ليکڪ مير لغاري. 1975ع شاعر خطائي ٿيٻو. 1977ع شاعر آچر عظيم کوسو. 1982ع شاعر علي ساحل. [وڇوڙو:] 1978ع صحافي نواز علي بلوچ (لاڙڪاڻو). 1992ع نامياري شاعر استاد بخاري. 2007ع ليکڪ غلام نبي شاهاڻي (نئون ديرو). 2012ع شاعر محمد هاشم چنا. EVENTS 1917: 500 members in the meeting of “Anjuman Islam”, Larkana show their trust in the leadership of Sirai Shah Muhammad Lahori-presented of the Anjuman. Ghulam Ali, Secretary of the Anjuman requests Jan Muhammad Junejo to apprise the presented of the decision take in the meeting. 1920: V. Paradhan, Secretary School Board, Karachi delivers his lecture on the topic of “The trend of Human Civilization.” “The Young Amil’s Association” provides plat form. 1947: Liquat Ali prime minister of Pakistan denies Indian press reports that panagheers will not be given property & privileges in Pakistan. He declared that they will be accommodated properly, accordingly & in befitting manner, therefore whoever desires to migrate must not pay heed to Indian propaganda. 1948: Sir Abdul Rasheed chief Justice of the Lahore High Court is appointed as first ever Chief Justice of Pakistan Federal Court. 1950: Supplementary Budget of Pakistan is presented & more taxes are imposed for rehabilitation & Settlement of Panagheers. 1954: Un representative Constituent Assembly of Pakistan be dissolved & fresh election be conducted, demands Miyan Mehmood Ali Qasuri, presented of the Azad Pakistan Party. 1961: Power Station at Hyderabad is inaugurated by the presented of Pakistan. 1971: Bain on Political Activities in Pakistan are withdrawn. 1977: Lahore High Court bench headed by Justice Moluvi Mushtaq cancels Bhutto’s bail in Nawab Muhammad Ahmed Case. 1979: It is not possible to keep November 17 as poling date, says Zia. 1994: Movement for Deliverance to continue. We want get rid of PPP. Now it will be agitation, says Nawaz Sharif. 1995: Six Rockets are fired at the Sindh Secretariat. 1998: National Assembly adopts Shariyat Bill. 151 members vote in favor & 60 against.

No comments:

Post a Comment