Sunday 9 October 2022

Sindh in history today (10th October). By.Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (10th October) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not told by any Scholar in this way daily to History Lovers. Research by Dr.Pathan. Founder, Gul Hayat Institute. ( 10 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 10.10.1832: ميرن کي به پڪ هئي ته ڪڇ ۽ ڀڄ ذريعي خشڪي رستي سان فرنگين جا واپاري ۽ ٻيا ماڻھون اچن ٿا, اهو سنڌ لاء سٺو سونئڻ ڪونهي. جڏهن ٺاڪرن ۽ کوسن انھن جا رستا روڪيا ته معاهدن مطابق ميرن تي فرنگين جو بار پيو ته اهي ماڻھون پڪڙي اسان کي ڏيو.مير مراد علئ ڪجھ ماڻھون پاٽينجر کي موڪلي ڏنا. پر حقيقت ۾ اهي کوسا يا ٺاڪر نه هئا. ان ڪري اڄ مراسلي نمبر 215 ذريعي پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته مير مراد علئ اسان جي ڏوهي ٺاڪرن ۽ کوسن بدران ڪجھ پوڙھا ٻروچ موڪلي اسان جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي آھي. مير اسان جي ڏوهي کوسن ۽ ٺاڪرن جي دراصل سرپرستي ڪن ٿا. 10.10.1835: پاٽينجر ڪجھ ڏينھن اڳ ليفٽيننٽ برنس کي حيدرآباد موڪليو ته ميرن کي ٻڌائي ته ڪمپني سرڪار ليفٽيننٽ ميڪسن کي سنڌوء ۾ آگبوٽن هلائڻ واري انتظام ۽ نيوئ جو عملدار مقرر ڪيو آهي. ان ڪري هن کي پنهنجي خدمتن سرانجام ڏيڻ ۾ تعاون ڪيو وڃي.(ڏسو پاٽينجر جو مراسلو نمبر 73) 10.10.1839: ڪراچي ۽ ٻيٽ فرنگين جي قبضي ۾ آئي ست اٺ مهينا ٿي چڪا آھن. ھاڻي فرنگي پنهنجي مخصوص فوج سنڌ ۾ رکڻ گهرن ٿا ۽ ان تي ٿيندڙ خرچ ميرن کان وٺڻ چاهن ٿا. اڄ پاٽينجر پنهنجي مراسلي نمبر 707 ۾ پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته فوجي خرچ بابت هن ميرن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو آھي. 10.10.1919: لاڙڪاڻي ۾ خلافتين وڏا پوسٽر هنيا جن ۾ چيو ويو ته 17 آڪٽوبر تي هر حالت ۾ ”خلافت ڊي" ملهائبو ۽ ان ۾ عوام شرڪت ڪري. پوسٽر تي جن خلافتي اڳواڻن جا نالا ڏنا ويا هئا, اهي هئا: جان محمد جوڻيجو, عبدالغفار پيرزادو, مولانا محمد عاقل عاقلي, سيٺ خداداد سرهيو, سيد محمد شاه, پير تراب علي شاه, پير علي انور شاه ۽ سيد نورالدين احمد. 10.10.1938: ڪراچئ ۾ ھلندڙ ”سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس" پڄاڻئ کي پهتي. هن ڪانفرنس ۾ ڪيل فيصلن سنڌ جي سياست تي گهرا اثر وڌا. مسجد منزلگاه تحريڪ هلي ۽ الله بخش سومري جي سرڪار ختم ٿي 10.10.1953: سيالڪوٽ ۾ زرعي زمين تان 300 پناهگير تڙي ڪڍيا ويا. ياد رهي ته سنڌ ۾ جڏهن پناهگيرن کي زرعي زمين ڏني وئي هئي ته هنن دورو ڪندڙ سنڌي وزير کي دانھن ڏني هئي ته هنن کي ڪوڙي زمين ڏني وئي آھي. 10.10.1990: برطانوي شهرئ کان 17.5 ملين ڦرڻ واري "انڙ ڪيس" ۾ اڄ آصف علي زردارئ کي گرفتار ڪيو ويو. { 10 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1932ع ليکڪ عبدالغفور انصاري. 1933ع راڳي ۽ شاعر مرچو مل سوني (مانجهند/اجمير). 1933ع شاعر شيخ نياز احمد نياز (لاڙڪاڻو). 1933ع گلوڪار گرڌاري لال ڀاٽيا (روهڙي / الهاسنگر). 1935ع نامياري راڳي استاد محمد جمن. 1939ع شاعر ناظم منگي. 1939ع شاعره مايا راهي (ڪوئيٽا / ممبئي) . 1940ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ (هالا). 1955ع شاعر سريچند جگري. 1957ع ليکڪ آفتاب سومرو. 1958ع ليکڪ منير گهانگهرو. 1964ع آرٽسٽ بشير گل ابڙو (شهدادپور). 1967ع صحافي ڊاڪٽر محمد رفيق شيخ (شهدادپور). 1968ع صحافي منظور ميراڻي (ڪي اين شاهه). 1969ع شاعر تاثير ناٿن شاهي. شاعر غلام شبير هاليپوٽو. 1977 شاعر نماڻو صديق مهيسر. [وڇوڙو]: شاعر ليلارام وطن مل خاڪي (حيدر آباد). 1959ع اديب ۽ تعليمي ماهر آغا تاج محمد (باگڙجي) EVENTS: 1919: Poster is published by the Larkano Khilafat Committee with Heading ‘Islam Zindahabad’. It has been announced that on 17th October Khilafat Day will be observed in Larkano and every Muslim must participate. The poster has been issued by Jan Muhammad Junijo, Abdul Ghaffar Pirzado, Moulana Muhammad Aqil, Seth Khudadad Surahio, Syed Muhammad Shah, Pir Turab Ali Shah, Pir Ali Anwar Shah, and Syed Nooruddin Ahmed. 1953: 300 Panahgeers are forced to leave Agricultural land in Sialkot. 1956: National Assembly of Pakistan start debate on election Bill, by which Joint Electorate in East Pakistan and Separate Electorate in West Pakistan is proposed. 1957: Serious differences in Cabinet are discussed in a meeting headed by President Major-General Iskandar Mirza and attended by Governor and Chief Minister of the West Pakistan. 1958: The Constitution of March 23, 1956 is abrogated, however, the country shall be governed as nearly as may be in accordance with that abrogated Constitution. 1967: President Ayoob’s Auto-Biography: ‘Friends,but not Masters’ is included in the syllabus in Karachi Region. 1988: PML, MQM reach understanding. Vice President of PML meets with Altaf Hussain. 1990: Asif Zardari is arrested in ‘Unar Case’, alleged involvement in kidnapping of a British citizen and depriving him of Rs. 17.5 million early this year.

No comments:

Post a Comment