Sunday 30 October 2022

Sindh in history today (30th October). Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(30th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: ‏‎ Dr.Pathan wishes you Good Day. [Do not expect that everybody will respect and abide by Human-values. Accept all without any discrimination. You need love, beauty and peace. Dear! Dare to share, project and promote these Values. Because, you are ideal, you are leader. Be, what you are] ڪو مرید من جو تہ ڪو مطلب سندو، 'آزاد' ھئ انسان خود ٿئي ايئن 'بندو'، ڪو چاھي ڪنھن متڀید کان سواء، ڪو بغض ساڙ حسد نفرت پیو ڪندو، پر پسندو نہ ڪڏھن ڪو ڪٿ مندو، جو پیار بڻجي وسندو، سرت سلام جو. *************** ( 30 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 30.10.1838: ڪرنل پاٽينجر حيدرآباد منجهان خيرپور ۾ موجود ڪئپٽن برنس کي لکي ٿو ته توکي اڳ ۾ جنھن معاهدي جو متن موڪليو ويو آھي, ان کي روڪجانء, مان معاهدي جو نئون متن جلد موڪلي ٿو ڏيانء. سبب هئ آھي ته مون کي ميرن جي نيت ۽ اسان سان وفادارئ تي شڪ آھي ۽ نئون معاهدو انھئ تجربي ۽ مشاهدي جي روشنئ ۾ ٺاهبو. 30.10.1839: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ اڄ ڪرنل وڊ کي "انڊس نيويگيشن" جو سپريڊنٽ مقرر ڪيو. هاڻي سنڌوندئ ۾ جيڪي به آگبوٽ هلندا, انھن جي انتظامي نگراني ڪرنل وڊ ڪندو. 30.10.1842: سکر مان ميجر آئوٽرام اڄ نيپيئر کي لکيو ته مون مير رستم خان ۽ حيدرآباد واري مير نصير خان وچ ٿيل خط و ڪتابت مير علي مراد خان جي ماڻھن معرفت پڪڙي آھي, اها اوهان کي موڪلي ٿو ڏيان. خطن ۾ ٻنھي ميرن معاهدو ڪيو آھي ته ڪنهن به صورت ۾ مير علي مراد خان کي خيرپور جو والي ٿيڻ نه ڏبو. 30.10.1848: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ڪئپٽن ريماء کي هڪ دم ڪم سان لڳاء ته هو سنڌ جي ٽرگناميٽريڪل سروي شروع ڪري. 30.10.1920: "سنڌ خلافت ڪميٽئ" جي سڏ تي سمورئ سنڌ ۾ هڙتال ڪئي وئي. انھئ هڙتال ۾ مسلمانن توڙي هندن هڪ جيترو حصو ورتو. 30.10.1947: سرڪاري طور تي ٻڌايو ويو ته 35000 پناهگير انڊيا مان هتي پهتا. 30.10.1996: تختي اونڌي ڪرڻ ۽ انقلاب آڻڻ جي ڏوه ۾ چئن آرمي آفيسرن کي سزا ڏني وئي. اهي آھن: جنرل ظھير الاسلام, برگيڊيئر مستنصر بالله, ڪرنل محمد اعظم منهاس ۽ ڪرنل عنايت الله. 30.10.1998: نواز شريف جي مرڪزي حڪومت سنڌ سان گورنر راڄ لاڳو ڪيو. *************** 30 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 30 آڪٽوبر 1887ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1930ع شاعر ۽ اداڪار ايشور مفلس (سنڌ / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ ڪرشن ساٿي (نئون ديرو / رائپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1945ع سگهڙ الهه ڏنو ٻانهاڻي (رتو ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1961ع ليکڪ انس راجپر جو جنم ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1963ع صحافي نعيم اختر (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1967ع سماجي ورڪر پير محمد جوکيو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 30 آڪٽوبر 1932ع مذهبي اسڪالر مولانا محمود پٽائي جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1940ع شاعر ميان عبدالله مهر جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1947ع صحافي تيجورام شرما (ڪراچي) جي ديهانت ٿي. 30 آڪٽوبر 1981ع ليکڪ قاضي علي اڪبر درازي (روهڙي) جو انتقال ٿيو. 30 آڪٽوبر 1983ع صحافي حاجي محمود هالائي جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1984ع برصغير جي مشهور موسيقار خواجه خورشيد انور جو انتقال ٿيو. 30 آڪٽوبر 1994ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙو جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1996ع ناليواري فلم ۽ ٽي وي اداڪار قربان جيلانئ جو انتقال ٿيو. 30 آڪٽوبر 2015ع صوفي شاعر،صوفي راڳي ۽ درگاهه جهوڪ شريف جو طالب امام الدين ڊکڻ لاڏاڻو ڪري ويو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ******* 1838:Colonel Pottenger directs Captain Burns not to negotiate the treaty with Khairpur ruler, because keeping in mind great doubts about Mir's sincerity with our government, a new treaty will be prepared and sent later on. 1848: Captain Remy is assigned task of carrying out work on the Trignnmetrical Survey of Sindh and the Bombay Govt. asks Sindh Commissioner to take care of him. 1875: E.M.H.Fulton, Educational Inspector of Sindh, notifies that the High School and Anglo - Vernacular School teachers drawing a monthly salary of less than Rs.50 shall pass an examination in Devanagri - Sindhi by May 1876. 1920: Sindh observes complete hartal on the call of the Sindh Khilafat Committee. Hindus and Muslims take equal part. 1947: 35,000 migrants arrive. 1989: Current move of No - Trust against Benazir is part of democratic process, says Chief of Army staff Gen. Aslam Beg. 1996: Four army officers convicted of coup attempt are awarded various terms of rigorous imprisonment. They include Gen. Zaheerul Islam, Brig. Mustansir Billah, Col. M.Azad Mihnas & Col. Inayatullah. 1998: Governor's rule is imposed in Sindh; provincial govt. is dismissed for an indefinite period. Nawaz Sharif hopes that his will weed out terrorism. 2000: Sindh High Court upholds life sentence of former Prime Minister Nawaz Sharif, and rejects death appeal by prosecution, dismisses deposed Prime Minister's appeal against conviction.

No comments:

Post a Comment